لاهور (م ڊ)پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين جي حامين وزيراعظم پاران ملاقات جي خاطري ملڻ تي پنهنجو سڏايل اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. ان باري ۾ پي ٽي آءِ ايم اين اي راجا رياض نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم سان هڪ ٻن ڏينهن ۾ ملاقات ٿي ويندي جنهن ۾ اميد آهي ته مسئلا حل ٿي ويندا جنهن ڪري اسان سڏايل اجلاس ۽ افطار پارٽي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.