لاهور (بيورورپورٽ) لاهور هاءِ ڪورٽ رمضان بازارن ۾ کنڊ جي خريدارن جي ڊگهين قطارن جو نوٽيس وٺندي سڀاڻي تائين قطارون ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. کنڊ اگهن بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪندي جسٽس شاهد جميل پڇاڻو ڪيو ته رمضان بازارن ۾ ڊگهيون قطارون ڇو آهن؟ عام دڪاندار وٽان کنڊ 85 رپيا ڪلو ڇو نه پئي ملي؟ سرڪاري وڪيل چيو ته کنڊ 85 رپيا ڪلو ملي رهي آهي، جنهن تي عدالت چيو ته ميڊيا تي خبرون توهان جي خلاف آهن، جيڪڏهن ڳالهه مختلف هوندي ته توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ تيار رهو. سرڪاري وڪيل چيو ته دڪانن تي کنڊ 85 رپيا ڪلو ۽ رمضان بازارن ۾ 65 رپيا ڪلو ملي رهي آهي، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته توهان 15 رپين لاءِ ماڻهن کي پينو فقير بڻائي ڇڏيو آهي. سرڪاري وڪيل چيو ته ماڻهن کي ڪرسين تي ويهاري کنڊ ڏني پئي وڃي، ان تي عدالت حڪم ڏنو ته حلف نامو جمع ڪرايو ته کنڊ لاءِ قطارون نه لڳنديون. سرڪاري وڪيل جو موقف هو ته عدالتي حڪم تي ايڪشن وٺي چڪا آهيون، جيڪي ڊيلر رجسٽر ناهن، انهن کي کنڊ نه ملندي. عدالت کنڊ جي خريدارن بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي.