ڪراچيءَ جو قيدي! (حصو پهريون)

ارماني وارا ڪورٽ مان موٽيا ته مون هُن جي هٿن مان هُن جي ڪيس جو فائيل ڦري ورتو ۽ هو وڃي پنهنجي کوليءَ ۾ بند ٿيو، انهن جو فائيل پڙهڻ کان پوءِ خبر پئي ته اهي ٽئي ساٿي جيڪي سي ٽي ڊي وارن الزام ٻڌايا آهن تمام وڏا ملڪ دشمني ۽ خطرناڪ ڏوهاري آهن. اهي ڀارتي ڳجھي ايجنسيءَ جي لاءِ ڪم ڪندا هئا جنهن کي ٿائلينڊ مان ڀارتي ڳجھي ايجنسيءَ جو مين عهديدار پئسا موڪليندو هو. انهن سان ناناپت سرينا ناس نالي هڪ عورت جيڪا پڻ ڀارتي هئي ڪم ڪندي هئي. ان کان سواءِ شاهبرن زدران نالي هڪ دبئي جي عرب عورت به انهن جي گروپ جو حصو هئي جنهن جو فون نمبر پڻ پيج تي داخل نظر آيو. آئون اڄ سمجھي ويس ته شيراز سک (اصل ۾ پٺاڻ) ڪيئن ايتريون ٻوليون ڳالهائيندو آهي، شيراز، طلعت عرف پپو ۽ صبغتالله عرف ارماني ڪجھه رقم لاءِ ڪيئن پنهنجي ضمير، دين ۽ ملڪ جو سودو ڪري رهيا هئا. مون اڃا فائيل پڙهي مڪمل ئي نه ڪيو هو ته انهن قيدين جون هڪلون کولي نمبر 14 مان اچڻ لڳيون ته ڀائو آصف فائيل واپس ڪيو. مون نانا پت سرينا ناس چئي جڏهن ارماني کي سڏ ڏنو ته هُن جي ساٿي پپو صفا روئڻ شروع ڪري ڏنو، پر ارماني کي ڪو به فڪر نه هو، جڏهن مون ڀارتي ڳجھي ايجنسي جا جاسوس ڪري هڪ ڪئي ته پو3 انهن جا پيغام مشقتين جي هٿان اچڻ لڳا ته آصف ايئن سموري وارڊ کي نه ٻڌاءِ، حجام آيو تنهن کان شيو سيٽ ڪرايم، رات جو دير تائين درتي بيهي قيدين سان ڪچهريون ڪندرو رهيس. رحيم خاصخيلي جا ٽهڪ اڃا ذهن تي تري رهيا آهن. (14 اپريل 2023). چنڊ ۾ داغ جھڙي ڏينهن جي شروعات ٿئي ٿي. قيدين سان ناانصافيون ٿيڻ جي ڪري 4 ڀاڱي 8 جي سنڌي قيدين بُک هڙتال ڪئي آهي، جنهن جي اڳواڻي دلبر ڏيرو ڪري رهيو آهي. جنهن کي CSW (Close Security Ward) ۾ تشدد جو نشانو بڻائي احسان مهر بند ڪيو آهي. اها خبر مشقتي جي معرفت ٿي ملي. لائبريري مان ڪتابن جو ڍير گھرايان ٿو. جاويد چوڌري جي 0.3 پڙهڻ ۾ تمام گھڻو مزو ڏنو، جن پٺاڻ ۽ ڪاڪو رڳو افغانستان جي ئي تعريف ڪندا ٿا رهن. انهن جو چوڻ آهي ته افغانستان اصل اسلامي رياست آهي پر ان حقيقت کي ڪيڏهان ڪيون ته آمريڪا جيڪا روس جي خلاف 10 سال افغانستانين کي بي انتها هٿيار ڏنا، انهن کي حملو ڪرڻ، چاپا هڻڻ، بمن کان سواءِ دشمنن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪرڻ ۽ جان وٺڻ جي ٽريننگ ڏني، انهن کي هيروئن ٺاهڻ ۽ يورپ ۽ آمريڪا پهچائڻ جو جيڪو طريقو سيکاريو، انهن کي ميزائل ڏنا..(جاري)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل ڪراچي

ھندو نياڻيءَ پريا ڪماريءَ کي بازياب ڪرايو!

ٻه سال اڳ سکر جي علائقي سنگرار ۾ ڏھين محرم تي امام حسين عليه السلام جي ياد ۾ مذھبي فرقه پرستيءَ کي لتاڙي انسانيت جو علم کڻي ھڪ ھندو مذھب سان تعلق رکندڙ پريا ڪماري سبيل ھلائي رھي ھئي ته غليظ سوچ رکندڙ ظالم ان ننڍڙي معصوم نياڻيءَ کي اغوا ڪري کڻي ويا هئا، جنھن جو ھن وقت تائين ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آھي. ھن وقت معصوم پريا ڪماريءَ جي امڙ پنھنجي نياڻيءَ جي جدائي ۾ روئي رھي آھي، سندس چوڻ آهي ته ھن وقت جڏھن سمرت ڪمار سميت ٻين ٻارن کي بازياب ڪرايو پيو وڃي مون کي ٻين مائرن جون جهوليون ٻيھر آباد ٿيڻ تي خوشي ٿي آهي پر منھنجي نياڻي ھن وقت تائين ڇو بازياب ناھي ڪرائي وئي؟ ڇا آئون ماءُ ناھيان؟ منھنجي غلطي اھا آھي ته مون ميڊيا تي دانھون ناھن ڪيون، خدا جي واسطي منھنجي معصوم نياڻيءَ کي بازياب ڪرائي ڏيو، اھي درد ڀريل معصوم پريا ڪماريءَ جي امڙ جون دانھون ڪير ٻڌندو؟ مان سمجھان ٿو ته انسانيت جي ناتي معصوم پريا ڪماري جڏھن مذھبي انتقام جو نشانو بڻي آھي يا وري ان جو ڪربلا جي شهيدن سان عشق ڪنھن فرقه پرست ماڻھن کي پسند ناھي آيو ته خدا جي واسطي نياڻيءَ کي پنھنجي بيحال والدين سان ملايو وڃي، حڪومت کي ان معاملي ۾ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آھي ته جيئن معصوم پريا ڪماري جلد پنھنجي والدين سان ملي پوي.

ثقلين حيدر/ رتوديرو

وڏيري جو سپاهيءَ ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟

سنڌ اسيمبلي جي ميمبر سردار چانڊيو کي عدالت ٻاهران بيٺل سپاهي جي جھڙتي وٺڻ واري ڳالھ نه وڻي، سپاھي تي ڪاوڙجي پيو،  جھڙتي وٺڻ سپاھي جو فرض ۽ عدالتي حڪم آھي، اسان وٽ قانون صرف غريبن لاءِ آھي، جوان سپاهي پنهنجو فرض پورو ڪندي جھڙتي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران ٺاهيل وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي جنھن ۾ سردار چانڊيو پوليس اھلڪار کي ڌڪو ڏئي اڳتي وڌي وڃي ٿو، سپاھي پنھنجو فرض پورو ڪري رھيو هو ھمراھ اھلڪار مٿان ڏمرجي پيو، سنڌ اندر امن امان جي حالت تمام گھڻي خراب آھي، ڪورٽن ۾ حاضري لاءِ ماڻھو مارجن پيا، ڪورٽ اندر ايندڙ ھر شخص جي جھڙتي وٺڻ ضروري آھي، جاگيردارن ۽ سردارن کي وڏي مڳي آھي جو پوليس اھلڪارن جي جھڙتي وٺڻ ڄڻ ڪو وڏو عيب پيو نظر اچين جو اھلڪار تي ڏمرجي پيو. پئسي جي مڳي ۾ قانون کي جو ڪجھ نٿا سمجھن، ايمانداري سان پنھنجا فرض انجام ڏيندڙ اھلڪار جي تذليل مذمت جوڳو عمل آھي، ڇا ھتي قانون بيوس بڻيل آھي؟ يا ھتي امير ۽ غريب لاءِ الڳ قانون آھي جيڪڏهن ڪو به غريب ڪا ننڍڙي غلطي ڪري ھا ته ان جو پوليس اھڙو حشر ڪري ھا جو سندس نه ڪا گھر ۾ ٿالي وٽو ڇڏيو وڃي ھا ته سندس گھر به ڊاھي پٽ ڪري سندس ننگن کي به ٿاڻي تي آندو وڃي ها، ھا فل يا هاف فراءِ ٿيل ھجي ھا. سردارن، جاگيردارن، سياسي نمائندن کي جيئن وڻين تيئن پيا ڀيل ڪن. قانون انھن جي جاگير بڻيل آھي، قانون جي ڄار ۾ رڳو غريب ئي ڦاسندا آھن، قانون جو مثال ان ڄار جيان آھي جنھن ۾ مک مڇر ته ڦاسي پوندا آھن باقي وڏا واڳو ايندا آھن ته ڄار ئي ٽوڙيون ويندا آھن، پولي جا جوان پنھنجي جان جوکي ۾ وجھي ھر ھنڌ توھان ۽ اسان جي حفاظت لاءِ سردي چاھي گرمي ۾ پنھنجي ڏيوٽي انجام ڏيندا آھن، پوليس جا جوان ويچارا سدائين سورن ۾، ڪڏھن به ايمرجنسي ۾ ٻين ضلعن ڏانهن وڃن ته انھن کي اضافي فنڊ ناھي ملندو، جتي ڊيوٽي لڳي پنھنجي خرچ تي پھچن، نه اتي ڊيوٽي تي سرڪاري ماني ملندي اٿن. اھي پوليس اھلڪار ئي آھن جيڪي توھان جي حفاظت لاءِ اوجاڳا ڪري اوھان جي حفاظت ڪن ٿا، انھن جي عزت ڪرڻ توھان اسان تي لازم بڻجي ٿو، پوليس اھلڪار جي ڪيل تذليل جو نوٽيس ورتو وڃي.

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور

ڊگريون ادب ۽ اخلاق جون ضامن نه آهن! ‎‎

سدائين  وڏن کان ٻڌندا پيا اچون ته علم عاجزي ۽ ادب سان ملندو آهي، ان لاءِ علم ڏيندڙ يعني استاد لاءِ ادب ۽ لحاظ لازمي هوندو آهي. علم ته شيطان وٽ به هو پر ھن جي بي ادبيءَ سبب اھو اڄ به لعنتي آهي ۽ ھر خراب عمل کي شيطان سان ڀيٽ ڏني ويندي آهي. چيو وڃي ٿو ته پنهنجي استاد جي سامهون وڏي آواز  سان ڳالھائڻ ۽ بي سبب بحث ڪرڻ سان ان لاءِ علم جا دروازا بند ٿي ويندا آهن ڇو ته استاد جي اھميت ۽ حيثيت ان مان صاف آهي ته پياري نبي سڳوري حضرت  محمَّد ﷺجن جو فرمان آهي ته مون کي ڪائنات جو استاد ڪري موڪليو ويو آهي، ھاڻ دور ۾ نواڻ جي نالي ۾ بدتميزي کي چالاڪي ۽ ذھانت چيو پيو وڃي، جيڪو جيترو گهڻو بدتميز ۽ بداخلاق آهي اھو اوترو ئي ذھين ۽ پراعتماد سڏيو ٿو وڃي ٿو. اھا نواڻ نه پر جھالت سڏبي آهي، ترقي ته يورپ به ڪئي آهي، نواڻ اتي ئي آهي پر استاد ۽ عزت ۽ وقار جي ڪري آهي، وڏيون ڊگريون وٺڻ سان يا وڏيون نوڪريون حاصل ڪرڻ سان ڪو به وڏو ماڻهو ڪو نه ٿو ٿئي جيڪڏهن ان ۾ ادب نه آهي، اخلاق نه آهي، ننڍ وڏائيءَ جي تميز نه آهي، ان ۾ احساس نه آهي، ڳالھائڻ وقت ماڻهو جي زبان ۽ ان جو اخلاق ڏٺو ويندو آهي، اھو نه پڇيو ويندو آهي ته تو وٽ ڊگريون ڪيتريون آهن! گڏھ جي ڪنڌ ۾ ڊگريون لڙڪائي ڇڏڻ سان گڏھ ڊگري هولڊر تعيلم يافته ڪو نه ٿو ويندو نه ئي ان کي گريجوئيٽ سڏي سگهون ٿا، ان ڪري سڀ کان پھرين ادب اخلاق ۽ حياءَ کان کان پوءِ علم ۽ ڊگريون وغيره هونديون آهن.

شھزاد علـي ڪٻر/ ڳوٺ باگووداداڻي، ٽنڊوآدم

پڙھندي سنڌ ته

وڌندي سنڌ!

2011ع جي ٻوڏ کان پوءِ عمرڪوٽ جي ڏينھون ڏينھن شھري آبادي وڌندي پئي وڃي، جنھن جي ڪري هتي شھرين جا بنيادي مسئلا به ڏينھون ڏينھن وڌندا پيان وڃن، شھري آبادي وڌڻ جي ڪري بنيادي مسئلن جو شڪار رھي آھي، صحت، پاڻي، تعليم جيڪو انسان جي جياپي، رھڻي ڪهڻي جي لاءِ اتنھائي ضروري آھي پر اسان وٽ ھتي شھري آبادي کي انتظاميا جي بيڌياني سبب انتھائي گھڻين ڏکيائين کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي، ايئن ئي اسان جي شھر عمر ڪوٽ جي وارڊ نمبر 7 ۾ قديمي قائم گورنمنٽ پرائمري ۽ ھائير سيڪنڊري اسڪول جيڪو ھڪ عمارت تي ٻڌل ھجڻ ڪري هن اسڪول ۾ 200 کان مٿي ٻار تعليم پرائي رهيا آھن، ڪلاس روم نه ھجڻ ڪري ٻارن کي سخت ڏکيائين کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي، هتان جا معصوم ٻار کليل آسمان ھيٺ ٽينٽ ۾ تعليم پرائي رھيا آھن. اسڪول جي پلاٽ تي قبضا مافيا پاران قبضو ڪيو ويو آھي، تنھن تي اسڪول انتظاميا پاران عدالت سڳوريءَ کي درخواست ڏني وئي ته ھي پلاٽ اسڪول کي ڏنو وڃي ته جيئن ٻار کليل آسمان ۾ ويهڻ بدران ڪلاس رومز ۾ سولائيءَ سان تعليم حاصل ڪري سگھن، تنھن تي عدالت سڳوري اجازت ڏني، تنھن باوجود قبضا مافيا پاران قبضو خالي نه ڪيو ويو آهي، اڃان تائين ڪنھن بااثر جي زور تي قبضو ڪري ويٺل آھي، اسان شھرين توڙي وارڊ جي عوام تعليمي وزير سردار شاھ، اي سي، ڊي سي عمرڪوٽ توڙي وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته ته قبضا مافيان کان پلاٽ تان قبضو ختم ڪرايو وڃي ته جيئن ٻار کليل آسمان ھيٺ تعليم پرائڻ بدران سولائيءَ سان ڪلاسن ۾ ويهي تعليم پرائي سگھن.

محبوب علي ڪنڀر/عمرڪوٽ

ٻارڙن جي تعليم

تي خاص ڌيان ڏيو!

ٻار مستقبل جا اڏيندڙ ۽ مستقبل جا معمار آهن، ايندڙ وقت جون واڳون اڄ جي ٻار کي ئي سنڀاليون آهن، جيڪڏهن ٻار کي صحت مند ماحول ملندو ته اسان جو ايندڙ وقت به صحت مند ئي ھوندو، جي اسان کي ايندڙ وقت صحت مند بڻائڻو آھي ته اڄ جي ٻار کي صحت مند ماحول فراهم ڪرڻو پوندو، تڏهن ئي اسان پنهنجي مستقبل لاءِ سٺا ذهن، سٺا انسان ۽ سٺا ملڪي واڳون سنڀاليندڙ پيدا ڪري سگهنداسين. ٻاراڻو ادب ڪنھن به ٻولي جي ادب جو بنياد ھوندو آھي، جي اھو مضبوط ھوندو ته اسان جو سنڌي ادب به سگھارو لکيو ويندو، جي اھو ڪمزور ھوندو ته اسان دنيا جي ترقي يافتا ٻولين جي ادب سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي نه سگھنداسين، دنيا جا ترقي يافتا ملڪ پنھنجي مستقبل جي معمارن لاءِ سھولتون فراهم ڪرڻ کي پنھنجو اولين فرض سمجھن ٿا پر اسان وٽ ٻاراڻي ادب تي اھو ڌيان نٿو ڏنو وڃي. نه ئي ڪي نج پن پاراڻي ادب جا ڪي ادارا آهن جيڪي ٻاراڻي ادب جي واڌ ويجھه لاءِ ڪم ڪن. نتيجو اهو نڪري ٿو ته اسان جا ٻار پنهنجي مدد پاڻ پڙھن لکن ٿا، تنھن ڪري اسان جو سنڌي ادب وڌي ويجھي نه سگهيو آهي پر پوءِ به اسان ان ڳالھ کان قطعي مايوس ناھيون. ته اسان جي نئين نسل کي پنھنجي مستقبل جو اونو ناھي سو آئون پنهنجي ڪھاڻي ۾ موضوع تعليم کي ئي بڻايو آهي، خاص طور تي گوسڙو ماسترن کي نشانو بڻايو آهي، اسان جي سنڌ ۾ وڏي بدقسمتي اھا آھي ته جتي اسڪول آھن اتي عمارتون ناھن، جتي استاد آھن، اتي ٻار ناھن ۽ جتي ٻار آهن اتي استاد ناھن، نتيجو اهو نڪرندو آهي ته اسان جي سنڌي ٻارن جي تعليم تباھ ٿي رھي آھي، اتي وري خانگي اسڪولن جو رجحان وڌي رهيو آهي، ماڻھن جو سرڪاري اسڪولن جي تعليم تان ويساھ ئي کڄي ويو آهي پاڻ وزيرن، صلاحڪارن جا ٻار سرڪاري اسڪولن بجاءِ خانگي اسڪولن ۾ پڙهي رهيا آهن ان سان سنڌي ٻولي جو نقصان ٿي رھيو آھي، خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي پڙھائي ئي نٿي وڃي، نتيجي ۾ ٻار پنهنجي ٻولي کان اڻواقف ٿيندا پيا وڃن، ٻنهي صورتن ۾ اسان جي سنڌي ٻارن جو نقصان ٿي رهيو آهي، بدقسمتيءَ ته اھا آھي جو سرڪاري اسڪول جو ماستر، 60 کان 80 ھزار پگهار کڻڻ باوجود نٿو پڙھائي ۽ خانگي اسڪول جو ماستر 7 کان 10 ھزار پگهار تي مڪمل پڙھائي ٿو، ھاڻي ڏسجي ته نقص ڪٿي آهي.

فرمان علي ٿھيم/ ڳوٺ دائم ٿھيم

مغوي ٻارن جي بازيابي،

شڪارپور پوليس جي ڪاميابي!

ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعو بدامني جي ور چڙهيل آهي ۽ ڀنگ لاءِ اغواءِ جون وارداتن پوليس لاءِ ڏکيائين ۾ اضافو ڪيو آهي، ڳالهه ڪجي ٿي ڪنڌڪوٽ مان ٽن سالن جي سمرت ڪمار جي، جنهن کي اغوا ڪيو ويو جنهن جي بازيابي لاءِ ڪشمور پوليس ڪوششون ورتيون، علائقي جي ناڪابندي ڪئي پر ڪو پتو نه پيو ته ٻار جو اغوا ڪچي جي ڌاڙيلن جي ڪهڙي گروپ ڪيو آهي، جنهن جي بازيابي لاءَ ڪنڌڪوٽ ۾ اقليتي برادري، شهري، واپاري، سول سوسائٽي ڌرڻو هنيو، شٽر ڊائون هڙتال، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا ڪيا. سوشل ميڊيا تي گهڻو اغوا معاملي کي کنيو ويو، ان دوران سوشل ميڊيا تي ٻار جي ٻئي هٿ ٻڌل ويڊيو وائرل ٿي جنهن سڀني ڏسندڙن کي ڇرڪائي ڇڏيو ۽ ماڻهن حڪومتي اعليٰ عملدارن کان ان ڳالهه جو نوٽيس وٺي ٻار جي فوري طور بازيابي جو مطالبو ڪيو. خبرون ميڊيا تي اچڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس واقعي جو نوٽيس ورتو ۽ ٻن ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، سمرت ڪمار جي بازيابي لاءَ سکر جيڪب آباد سميت ٻين شهرن ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ضروري حڪمن ملڻ بعد ايس ايس پي امجد شيخ ٽيمون جوڙيون جن ٽيمن ۾ پوليس ڪمانڊوز سان گڏ هڪ ٽيم آءِ ٽي ماهرن جي به شامل هئي، جنهن مغوي ٻار جو جديد ٽيڪنالاجي ذريعي پتو لڳايو، پوليس کي اعلاع مليو ته مغوي ٻار کي ڳڙهي تيغو جي ڪچي جي علائقي ۾ رکيو ويو آهي جتان ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويندو، جنهن تي پوليس جلد متحرڪ ٿي ۽ بروقت ڪارروائي ڪندي ڌاڙيلن خلاف ڪامياب ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو ۽ مغوي ٻار کي بحفاظت بازياب ڪرايو، جنهن ڳالهه کي شڪارپور پوليس جي وڏي ڪاميابي سمجهيو پيو وڃي، جنهن ڪاميابي تي عوام سميت آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڊي آءَ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ به ايس ايس پي شڪارپور امجد شيخ جي ڪارگردگي کي ساراهيو ۽ سنڌ پوليس طرفان امن امان جي بحالي، ڀنگ لاءِ اغواءِ جهڙين وارداتن جي خاتمي لاءِ پرعزم ۽ ڪوشان رهڻ لاءِ وچن ڪيو جيئن امن امان جي فضا برقرار رهي ۽ ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائجي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

دمدمو روڊ ۽

اسڪول ٺهرائي ڏيو!

دمدمون روڊ ڪيترن سالن کان وٺي نه ٺهيو، هر سال روڊ جي بجيٽ ايندي آهي پر تڪ جا چنڊيل نمائندا اها هڙپ ڪري ڇڏيندا آهن، وري ٻيو روڊ ٻيلي کان رانٽا ويندڙ رانٽا ڪوٽ عالمون جنهن تي هر سال ٻه ٽڪون پٿرن جون لاهي ٻيا پئسا تڪ جا چونڊيل نمائندا کائي هڙپ ڪري ويندا آهن، هن ضلعي ۽ تعلقي سجاول جو گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڪانڊيرو شودو جنهن جي عمارت ڪافي سالن کان زبون حال آهي، تعلقي سجاول جا روڊ رستا مڪمل طور تباهه آهن. اسان جي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ جي تعليم کاتي جي وزير سيد سردار شاهه صاحب ۽ روڊس کاتي جي وزير تڪ جي چونڊيل نمائندن، ضلعي جي آفيسرن کي گذارش آهي ته تعلقي سجاول جا روڊ رستا ۽ اسڪول ٺهرائي ڏنا وڃن جيئن عام پنهنجي زندگي گذاري سگهن .

پيروز شودو/ ٻيلو، سجاول

ڪلوئي تعلقي ۾ وڌندڙ مهانگائي

تي ڪنٽرول ڪير ڪندو!

سڄي ملڪ جيان ڪلوئي شهر ۾ مهانگائي جو جن بوتل مان ٻاهر نڪري آيو آهي، وڌندڙ مهانگائي سبب غريب عوام جي چيلهه چٻي ٿي وئي آهي، سڄي شهر ۾ چڪي مالڪ پنهنجي هوڏ تي قائم آهن، اٽو ۽ مال جو چارو جهڙوڪ ڀوسو ۽ چني ۾ مٽيءَ جي ملاوٽ ڪئي وڃي ٿي، جنهن سبب ماڻهو ۽ جانور ڪيترن ئي پيٽ جي بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن پر چڪي مالڪن کي ڪير اعليٰ آفيسر پڇاڻو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، جنهن جي ڪري چڪي مالڪ پنهنجون من مستيون ڪري رهيا آهن. چڪي مالڪ بااثر هجڻ سبب غريب ماڻهو کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن، شهر جي جر جو پاڻي کارو ٿي ويو آهي ۽ واٽر سپلاءِ جو ڪو به بندوبست ٿيل نه آهي، شهر ۾ ڊينج جي نظام جي سهولت نه هجڻ ڪري گندو پاڻي گهٽين ۾ بيٺل آهي، ان گندي پاڻي سبب مڇرن جي آزار ڪري شهر ۾ مڇر گھڻا آهن، مڇرن سبب ڪيترن ئي بيمارين جنم ورتو آهي. اسان هن چٺي وسيلي اعليٰ عملدارن کي اپيل ٿا ڪريون ته مٿي ڄاڻايل حقيقت جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي.

صوفي محمد حسن نهڙيو/ٿرپارڪر‎‎

ڳالهيون پيٽ ورن ۾، وڌي جي وڻ ٿين!

ڀيڻ پاڻي جو گلاس آڻي ڏنس، وڏي ڪاوڙ مان گلاس اڇلائي چيائين هي ٻاڙو پاڻي ڏنو اٿئي! ڀيڻس مختصر وراڻيس ته ادا جر جو پاڻي کارو ٿي ويو آھي، شام جو “صاحب”  اچڻو هو، منرل واٽر پاڻي پيش ڪيانءِ، ضمير آواز ڏنس هتي تنهنجي غيرت ڪٿي مري وئي آھي؟ ڀيڻ کي پاڻي اڇلائي ڏنائين ۽ صاحب کي مٺي پاڻي جي فراهمي لاءِ به نٿو چئي سگهين؟ فون ڪئي مانس پيارا جلدي اچ جنازي کڄڻ کي باقي 15 منٽ آھن، وراڻيائين هڪ رات آھي ٻيو ڪانڌي تمام گهڻا هوندا، پاڻ وارو سنگتي خبر ناهي ته پاڻ کي ڏسي يا نه ڏسي، سڀاڻي هلي فاتحه پڙھنداسين ۽ ميار به لاهي اينداسين. انتهائي ويجهو دوست هو پڇيومانس اڄ موڊ آف ڇو اٿئي؟ يار اڄ جيئن ئي گهر پهتس ته ڀيڻ پنهنجي ڪلاس فيلو ڇوڪري سان واٽس ايپ تي ڪچھري پي ڪئي. ڪاوڙ ۾ ڀيڻ جي موبائيل ڀڃي ڇڏيم، چيومانس ڀلا ٻڌ، تون ڪيترين ڇوڪرين سان ڳالهائيندو آھين؟ وراڻيائين خالي ٻن ڇوڪرين سان. چيومانس اهي به ڪن ڀائرن جون ڀينرون آھن، ڇا اتي تنهنجي غيرت گوارا ڪري ٿي؟ همراهه تپي باھ ٿي ويو. هاڻ ڇوڪرين سان ڳالهائيندو آھي الائي نه، باقي مون سان ان ڏينهن کان دوستي ٽوڙي ويو آھي. اي ٽي ايم مان پگهار جا پئسا ڪڍرائي فروٽ جي گاڏي تي آيس،  بادام، صوف، آلو بخارا 400 رپيا ڪلو ۽ ڪيلا 200 رپيا درجن. مهانگو فروٽ به ورتم هڪ فقير چيو 100 رپين جو سوال آھي، ٻچا بک تي آھن. کيس نظر انداز ڪري ڇڏيم، شام جو گهر وارن فروٽ مان حصو ڏنو وات ۾ وڌم جهڙوڪ زهر جون گوريون پي کاڌم، بستر تي ليٽي پيس. فقير جو چھرو اکين آڏو اچي ويو، محسوس ڪيم ڄڻ چوندو هجي صاحب فروٽ نه کائڻ سان تنهنجي ٻچن کي ڪجهه نه ٿئي ها پر سچ اهو آھي ته اٽي نه هئڻ ڪري منهنجا ٻچا مري پي سگهيا. بابا نوڪري کي نوڪري ڪري ڪجو، مطلب حلال ڪري کائجو، وراڻيم سر اوهان جي ايتري عمر به ڪونهي پوءِ رٽائرمينٽ ڇو ورتي؟ يار نوڪري کي وقت ڪو نه پي ڏئي سگهيس. مطلب اوهان به حلال ڪري ڪو نه پي کاڌو. ڏٺم سندس چھرو ڳاڙھو لال ٿي ويو.

غلام علي “گل” ٻجورو/ سجاول

آخر اسان جو

ڏوھه ڪهڙو آ؟

هن 14هين صديءَ ۾ جتي دنيا چنڊ تي پھچڻ بعد اتي هڪ نئين دنيا قائم ڪرڻ جو سوچي رهي آهي، اسين اتي اڃا تائين پنهنجن بنيادي مسئلن کي حل ڪرائڻ ۾ الجهيل آهيون، اسان جي يوسي کرڙاھ کي يوسي ٿيندي 5 سال مڪمل ٿي چڪا آهن پر ڪم ٽڪي جو به نه ٿيو آهي، ڊرينيج سسٽم مڪمل تباھ، روڊ رستا ناڪاره بڻيل،40 هزار جي آباديءَ تي مشمل شهر کرڙاھ گئس جهڙي بنيادي سهولت کان محروم آهي، گئس اسان جي شهر کان ئي ڪراس پئي ٿئي پر نمائندن جي لاپرواھيءَ ۽ بيڌياني سبب اسين گئس جهڙي سهولت کان محروم آهيون. تعلقي ٺري ميرواھ جو ٻيو وڏي ۾ وڏو آبادي رکندڙ شهر کرڙاھ آهي جنهن ۾ ڪا به بنيادي سهولت ميسر ناهي، اسپتال ۾ دوائون ناهن، ڪو به هائير سيڪنڊري اسڪول ناهي، ڪڇون ته آخر ڪنهن جي اڳيان ڪڇون؟ پڇون ته آخر ڪنهن کان پڇون؟ گذريل مهيني کان بجلي غائب آهي ۽ مولوي پاڙي جو ٽرانسفارمر سڙي چڪو آهي، ان کي ڪير ٺهرائڻ لاءِ تيار ناهي، 8 ڀيرا اڳ ئي پاڙي وارن چندو ڪري ان جي مرمت ڪرائي. چونڊيل نمائندن جي ڪن تي جونءِ به نٿي سُري .آخر اسان کي اسان جا حق ڪڏهن ۽ ڪيئن ملندا!؟

اياز علي ڦل/ کرڙاھه، ٺري ميرواھه