سوال/سروي … چيئرمين ۽ميئر ڪير ٿيڻ گهرجي؟ عوام پنهنجي نمائندن جا نالا ٻڌائي ڇڏيا

0
143

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته مڪاني چونڊن بعد چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ميئرز جي چونڊ جو مرحلو: اوهان پنهنجي علائقي ۾ ڪنهن کي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين، ميئر ۽ ڊپٽي ميئر ڏسڻ چاهيو ٿا؟ جنهن تي اڪثر پنهنجي پنهنجي علائقي لاءِ چيئرمينن ۽ ميئرن جا نالا ٻڌائي ڇڏيا، اهو به چيو ته جيڪي به چيئرمين اچن عوام جي خدمت ڪن، بنيادي مسئلا حل ڪن، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي حاجي سهيل لکيو ته اسان پنھنجي علائقي شھر ڪنڌرا ۾ ھڪ بھترين قابليت واري کي ڏسڻ چاھيون ٿا جيڪو غريبن جي مدد ۽ علائقي کي پنھنجو سمجھي خدمت ڪري جيڪو ناممڪن آهي، گلزار ملاح لکيو ته مانجهند ٽائون ۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جا نالا فائنل ٿي ويا آھن، ٻَئي غريب ۽ پورهيت گهراڻن سان تعلق رکن ٿا، انڪري اُميد آھي ته هُو روايتي وڏيرن کان هَٽي ڪري شهر جي بهتري لاءِ ڪوششون وٺندا، باقي آھن پيپلزپارٽيءَ جا ٿي سگهي ٿو اُميدن تي پاڻي به ڦيري ڇڏين، رزاق عاصي لکيو ته سموري سنڌ مسئلن جي ور چڙهيل آهي، سڌريل دنيا جي ملڪن ۾ لوڪل باڊيز چونڊ توڙي نمائندا وڏي اهميت رکن ٿا هن جو سبب اهو آهي ته وارڊ جي نمائندگي ڪندڙ يا چونڊجي آيل نمائندو هر گهٽي جي سيوريج، واٽرسپلاءِ سميت هر ننڍي وڏي مسئلي کان واقف هوندو آهي ۽ اهي مسئلا ترت حل ٿي ويندا آهن، هاڻ ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ جيڪو به چيئرمين يا وائس چيئرمين اچي هو دل سان پنهنجي شهر، تڪ علائقي جي خدمت ڪري، عبدالله سومرو لکيو ته ميھڙ ميونسپل ڪاميٽي تي چيئرمين زبير علي ڀرٽ ۽ وائيس چيئرمين ستار چنو، اياز راهوجو لکيو ته افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته مڪاني نظام مان ب عوام کي رليف ناهي ملندو، دليپ ڪمار لکيو ته چھرا مٽيل ھوندا پر پرڪار ساڳيا هوندا. عبدالسبحان سنڌي لکيو ته اسان لاءِ ڪنهن ڪم جا ناهن، اسحاق شر لکيو ته رستم علي ڪٻر کي ٽائون ڪاميٽي بوزدار وڏا تي ڏسڻ چاهيون ٿا، نعيم کوکر لکيو ته چيرمين ڪنري سٽي حاجي شڪيل احمد کي ڏسڻ چاهيون ٿا، تيرٿ ساگر لکيو ته آئون پاڻ چيئرمين ٿيڻ چاهيان ٿو، شمن علي ڀنڀرو لکيو ته اسان ضلع چيئرمين سکر غريبن مظلومن جو همدرد سيد جاويدحسين شاھ کي ڏسڻ ٿا چاهيون، نواب عرفان جمالي لکيو ته دادو جي ٽائون ڪميٽي تي پير دانش سپورٽ ڪيون ٿا ، محمد بچل شر لکيو ته فقير سڪندر علي شر مينگھو فقير ٺري ميرواھ، امتياز علي لکيو ته عمرڪوٽ ميونسپل تي برھان ڪنڀر کي چيئرمين ڏسڻ چاهيون ٿا، سميع الرحمان لکيو ته بس رڳو ڪرپشن نه ڪن، قربان علي ميراڻي لکيو ته ڪير به ٿئي رڳو عوام کي رليف ڏين، نوبت علي به سروي ۾ حصو ورتو، وسيم جان لکيو ته عقيل عباس سومرو شڪارپور ضلعي چيئرمين ڏسڻ چاهيون ٿا، عبدالنبي شر لکيو ته اسان ٽائون ڪاميٽي ٺري ميرواهه تي ڊاڪٽر ريحان جوڳي ۽ ٽائون ڪاميٽي ٽنڊو ميرعلي تي رئيس ڪاشف خان ٻانڀڻ کي ڏسڻ ٿا چاهيون، امتياز جمالي لکيو ته جيڪو به ٿئي عوام جا مسئلا حل ڪري، نويد ميمڻ لکيو ته چوهڙ جمالي تي شڪيل کٽي ڏسڻ چاهيون ٿا، نادر چانڊيو لکيو ته ميهڙ مونسپيل تي چئيرمين علي رضا ميهسر ۽ وائس چئيرمين ستار چنوکي ڏسڻ چاهيون ٿا، ممتاز علي سميجو لکيو ته سجاول ضلعي ۾ هن دفعي اسان وٽ پراڻو سياسي خاندان ٽن ضلعن ۾ ووٽ بئنڪ رکندڙ رئيس غلام قادر ملڪاڻي جو نوجوان پُٽ رئيس دانش ملڪاڻي ضلع ڪائونسل چئيرمين جو مضبوط ۽ بهترين اميدوار آهي. ماروي، توفيق ايم کهاوڙ به سروي ۾ حصو ورتو، ديدار چانگ لکيو ته گلاب خان چانگ کي اسان چيئرمين يوسي کنھواري ڏسڻ چاهيو ٿا، معشوق بروهي لکيو ته ڀٽ شاهه لاءِ احسان شاهه لطيفي چيئرمين ٿيڻ گهرجي، ايم ابراهيم بلوچ لکيو ته سکر جو چيئرمين ڪميل حيدر شاهه کي ٿيڻ گهرجي، منظور حسين لکيو ته سٺو ڪو چيئرمين اچي، امتياز شيخ لکيو ته محمد طارق ڌاريجو کي سکر ضلعي چيئرمين ڪيو وڃي، عاشق شر لکيو ته ضلعي خيرپور ۾ اسان شيراز شوڪت راڄپر جي ڀاءُ نادر شوڪت راڄپر کي ضلعي خيرپور جو چيئرمين ڏسڻ چاھيو ٿا، برڪت علي هنڱورجو به سروي ۾ حصو ورتو، محمد الياس شر لکيو ته اسان جي يوسي مير علي بخش ٽالپر ڪوٽ غلام محمد ۾ ڪو به ڪم ناهي ٿيو، اسد علي لکيو ته جهلوري ۾ فقيرو بلوچ ۽ ڊينگاڻ ۾ احمد سمون کي چيئرمين ڏسڻ جو خواهشمند آھيان، شيراز شيخ به سروي ۾ حصو ورتو، الياس سمون لکيو ته اسان وٽ ڪيٽي بندر ۾ اقتداري ڌر اليڪشن ڪرڻ ڪونه ڏني، لکمير علي، باغي نهڙيو، سليم شر، جاويد احمد، عبدالقيوم لغاري، ارشد سنڌي به سروي ۾ حصو ورتو، عبدالستار بلوچ لکيو ته اسان جن کي ڏسڻ چاهيون ٿا اُنهن کي ٽِڪٽ ئي نٿا ملن. زاهد خان باجڪاڻي لکيو ته ڏسڻ ته مير اشرف علي خان بجاراڻي کي چاھيون پيا پر مير صاحب پنهنجي فرزدند مير نوريز خان بجاراڻي کي نامزد ڪري ڇڏيو، خالد لغاري، پير بخش ٻٻر، نصرالله لاشاري، امر راءِ سنگهه راجپوت، صدام بجير به سروي ۾ حصو ورتو، منظور علي راڄپر لکيو ته خيرپور ضلعي جو چيئرمين بئريسٽر شيراز شوڪت راجپر کي ڏسڻ چاھيون ٿا، شيوارام سکاڻي لکيو ته ضلعي سانگهڙ جي جهول شھر جي ٽائون ۾ چئيرمين راڻا راشد راڄپوت ۽ وائس چئير مين خان محمد خاصخيلي مقرر ٿيا آھن، صاحب خان ڪلمتي لکيو ته  ضلعي ڪائونسل ٺٽي لا چئيرمين رئيس عبدالغني بگھياڙ بھتر رھندو، عامر تيوڻو به سروي ۾ حصو ورتو، موهن لال لکيو ته اسان ميرپورخاص ۾ ميئر لاءِ ڪرن هريرام کي ڏسڻ چاهيون ٿا، راجا ريحان لاشاري، خاموش خليل شر، بلاول سنڌي، جي ايڇ سنڌي، ايڊووڪيٽ واجد علي مهر به سروي ۾ حصو ورتو، ابراهيم لنڊ لکيو ته ٿرپارڪر جو چيئرمين محمد خان لنڊ کي ڏسڻ چاهيون ٿا، عبدالقادر گبول، عرفان سيلرو، محمد رمضان، محمد عثمان  ميمڻ، نقاش پيرزادو، قدير پتافي،  محمد فياض وساڻ، رميش ڪمار، سمير احمد، حق کوسو، جابر علي مهيسر، احسان علي لغاري، شبير کوکر، دليپ آزاد، جتندر باغي مهراج، انجنيئر عاشق علي انڍڙ، اشفاق چانڊيو، ايم آچر ڪنڀر، محمد پڃل ملاح، رفيق جهتيال، ايڊووڪيٽ ذاڪر بڙدي، علي شان به سروي ۾ حصو ورتو. آفتاب سومرو لکيو ته ٿرپارڪر جو ضلعي چيئرمين غلام حيدر سميجو کي ڏسڻ چاهيون ٿا، آسودمل لوهاڻو لکيو ته پٿورو ۾ چيئرمين لاءِ آصف حسين ڇورو ۽ وائيس چيئرمين وڪرم جسواڻي ٿيڻ گهرجي، سردار مظهر گورچاڻي لکيو ته گورچاڻي ۾ چيئرمين احسان الحق ۽ وائيس چيئرمين اسحاق گورچاڻي ٿيڻ گهرجي، عامر ڪلھوڙو لکيو ته انجنيئر يوسف عزيز ڇٽو کي ٽائون ڪميٽي نصيرآباد جو چيئرمين چونڊيو وڃي، آفتاب راڄپر لکيو ته اميد ته ڊاڪٽر سليم راڄپر عوام جي خدمت ڪندو، شفيق احمد ٻرڙو لکيو ته ميهڙ سڄو شھر نياز ٻرڙو کٽيو آهي اهو چيئرمين ٿيڻ گهرجي، عامر تيوڻو به لکيو ته نياز ٻرڙو ميهڙ ۾ اچڻ گهرجي، شيراز تنيو لکيو ته نصيرآباد ٽائون ڪاميٽي تي چيئرمين حاجي وزير علي ڦلپوٽو، ۽ وائيس چيئرمين حافظ عبدالرئوف شيخ ٿئي، فقير علي گل ڪانڌڙو لکيو ته نصير آباد ٽائون ڪاميٽي تي چيئرمين يوسف عزيز ڇٽو ۽ وائيس چيئرمين تي ممتاز علي رڏ ٿيڻ گهرجي.