سنڌ جو امن امان ۽ حڪمرانن جون گونان گون مصروفيتون

0
207
وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ نئين ڊجيٽل آدم ڳڻپ جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي آهي.

ائين ٿو محسوس ٿئي ته سنڌ جي اڌ درجن کن اترين ضلعن جي ڪَچي وارو علائقو انتظامي ايجنڊا ۾ ئي شامل نه هجي! هتي مڪمل طرح ڌاڙيلن جو راڄ آهي ۽ محسوس ائين ٿو ٿئي ته ڄڻ ڌاڙيلن کي اهو علائقو ‘پَٽي’ تي ڏنل هجي! ڌاڙيل ماڻهن کي بنان روڪ ٽوڪ جي اغوا ڪري ڀُنگ طلب ڪري رهيا آهن ۽ پوليس انهن جي ڪمداريءَ ۾ رڌل آهي. پوليس تي جڏهن گهڻو دٻاءُ پوي ٿو ته اها ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ سردارن ۽ ڀوتارن کي وچ ۾ آڻي هڪ ٻه مغوي ڇڏائي ٿي وٺي، نه ته يرغمال بڻيل ماڻهو مهينن تائين ڌاڙيلن وٽ سختيون سهي، انهن جو تشدد برداشت ڪري حياتيءَ مان ئي بيزار ٿي، پوءِ ‘تنگ آيد، به جنگ آيد’ واري ڪيفيت ۾ ڪو عمل ڪري پنهنجي حياتيءَ کي ئي جوکي ۾ وجهي ٿا ڇڏين، جيئن گهوٽڪي ضلعي جي رائونتي ۽ پنجاب جي رحيم يار خان جي ڪچي واري گڏيل علائقي ۾ پنجاب واسي مغوي، ننڊ ستل ڌاڙيل نٿو شر کي سندس ئي ڪلاشنڪوف سان فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو، جنهن کي رات جي پھر ۾ مغوين جي مٿان پهريدار مقرر ڪيو ويو هو. فائرنگ جي آواز تي ٻيا ڌاڙيل پڻ سجاڳ ٿي پيا، جن مغوين مٿان فائرنگ ڪري ٻه مغوي ماري ڇڏيا ۽ هڪ کي زخمي ڪري ڇڏيو. مارجي ويل ٻنھي مغوين جي لاشن ۽ يرغمال بڻايل چئن مغوين کي راڄوڻي ڪوششن بعد ڌاڙيلن گھوٽڪي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ايس ايس پي گھوٽڪي چئن مغوين کي بازياب ۽ ٻنھي مغوين جي لاشن کي آپريشن بعد ھٿ ڪرڻ جي دعوا ڪري ڇڏي آھي.

حڪمرانن جي انتظامي لاتعلقيءَ سبب سنڌ ڏوهن جو ڏيهه بڻجندي وڃي. رياستي قانون جي عملداري اڌ درجن کان مٿي اترين ضلعن ۾ خوردبينيءَ سان ڳولهئي به نه لڀجندي. حڪمرانن کي پنهنجون مصروفيون آهن. اڃان ته ميئرن ۽ ضلعي چيئرمينن جي چونڊ جو ميدان به مارڻو آهي. بجيٽ جي به تياري هلندڙ آهي. مٿان وري عام چونڊن جي به ته تياري ڪرڻي آهي. سياسي طرح سنڌ کي فتح ڪرڻ به ته ڪو معمولي ڪم ڪونهي! آخر هي ڇا آهي؟ عوام ٽيڪس ٿو ڏئي. انهن جي تحفظ جي ذميواري رياست جي آهي، پر رياست اها آئيني ذميواري ڪيئن پوري ڪري رهي آهي، تنهنجو اندازو سنڌ ۾ ڌاڙيل گرديءَ واري واري صورتحال مان لڳائي سگهجي ٿو. ان سڄي عمل ۾ پوليس انهن جي سهولتڪار بڻيل آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ اها خبر به نيڊيا تي رپورٽ ٿي هئي ته ڌاڙيلن کي گوليون پهچائڻ ۾ پوليس عملدار ملوث آهن. هاڻي ته سنڌ ۾ ان بدامنيءَ، اغوا وارداتن، ڌاڙيل گردي ۽ قبيلائي دهشتگرديءَ خلاف احتجاج شروع ٿي ويا آهن. گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ مان احتجاجن جي شروعات ٿي چڪي آهي. هن وقت پريا، جعفر ڀٽو ۽ ٻيا ڪيترائي معصوم مغوي پوليس بازياب ڪرائڻ جي ضرورت محسوس ناهي ڪئي. هاڻي ته اها ڳالهه ڳجهي ناهي رهي ته مغوين هڪ ستل ڌاڙيل کي سندس ئي ڪلاشنڪوف سان فائر ڪري ماري ڇڏيو ۽ ٻين ڌاڙيلن ٻن مغوين کي قتل ۽ هڪ کي زخمي ڪرڻ بعد سوشل ميڊيا تي اهو پيغام هلايو ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويل ٻنهي مغوين جا لاش تحويل ۾ وٺي زخمي ٿيل مغوي کي علاج لاءِ اسپتال کڻي وڃي، نه ته زخمي ٿيل مغوي به مري ويندو. ڌاڙيلن پاران جاري ڪيل وڊيو ۾ چيو ويو آهي ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش وصول ڪري ٿي ته اسان ٻيا مغوي به پوليس جي حوالي ڪنداسين. حد ته اها آهي ته ان جي باوجود به گهوٽڪي جي ايس ايس پي نڪ جي پڪائي ڪندي اها دعوا ڪئي آهي ته پوليس آپريشن ڪري چئن مغوين کي آزاد ڪرايو ۽ ٻن مغوين جا لاش هٿ ڪيا آهن.

سنڌ مان امن جو پکي اڏامي ويو آهي. ماڻهو گهرن ۾ به محفوظ ناهن. هيستائين ڪنهن به وزير مشير، چونڊيل ميمبر جو ڪو جگر جو ٽڪرو ڌاڙيلن جي گرفت ۾ ڪونهي، جو انهن کي اهو احساس ٿئي ته مائٽن تي ڇا گذرندي آهي! اغوا ٿين ٿا ته به غريب يا وچولي طبقي جا ماڻهو. مٿئين طبقي ۽ اشرافيا سان ته ڄڻ ڏوهارين جو ڪو اڻ اعلانيل اتحاد هجي! پوليس ڌاڙيواليءَ ۾ ڌر بڻيل آهي، جيڪا پنهنجي منصبي فرضن جي ابتڙ ڪم ڪري رهي آهي. سنڌ جي  منتظمين کي پنهنجي گونان گون مصروفيتن مان ڪجهه وقت ڪڍي امن امان ڏانهن به ڌيان ڏيڻ گهرجي. عوام جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي.