جمهوريت جي ثمر لاءِ سنڌ جو سفر

0
227
جمهوريت جي ثمر لاءِ سنڌ جو سفر

  ملڪ ۾ ڀونچال آهي. 9 مئي کانپوءِ گهڻو ڪجهه بدلجي ويو آهي. سگهارا ادارا پنهنجي پوري سگهه سان سرگرم ٿي چڪا آهن. مشرف جي دور کانپوءِ نالي ماتر ئي سهي پر سويلين مٿڀرائيءَ جو ٿورو گهڻو احساس پيدا ٿيو هو. روزمره جي معاملن ۾ حڪومت جي ڪجهه نه ڪجهه مرضي هلي رهي هئي. البته بنيادي معاملن تي چِٽو ليڪو ڪڍيل هو.

                 ٻن وزير اعظمن کي ڏهن سالن اندر گهر ڀيڙو ڪيو ويو. 2018ع ۾ ماضيءَ واري ورجايل تجربي کانپوءِ سرڪاري انتقام پرستي، فاشزم، مذهب ۽ سياست جي ملاوت ۽ شخصيت پرستيءَ جو هڪ نئون دور شروع ٿيو. چئن ورهين تائين هلندڙ ان دور ۾ عمران خان کي ايڏو وڏو قدآور ليڊر بڻايو ويو، جو هاڻي سرڪاري ٿوڻيون هٽڻ کانپوءِ هو کيس ليڊر بنائيندڙن سان اٽڪي پيو آهي. اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءُ سبب سندس ناماچاري ۾ واڌ آئي آهي. جيتوڻيڪ اسٽيبلشمينٽ سان سندس ٽڪراءُ آئين، جمهوريت ۽ سويلين مٿڀرائيءَ بجاءِ پنهنجي حڪومت بحال ڪرائڻ لاءِ آهي پر بهرحال کيس عوامي مقبوليت ملي وئي آهي.

ان سڄي ٻڙڌڪ جو مرڪز پنجاب ۽ خيبر پختونخوا آهن. ظاهر آهي جتي حڪومت هوندي، ٻڙڌڪ به اتي ئي هوندو. اهو سلسلو هاڻي هلندو رهندو. مرڪز جو اقتدار هاڻي ان پاسي ئي رهندو، تنهنڪري سمورا نفعا نقصان به ان پاسي ئي ٿيندا رهندا. سنڌ ۾ انڪري ڪا وڏي اٿل پٿل اچڻ جو ڪو امڪان نظر نٿو اچي، جو پيپلز پارٽي اسٽيبلشمينٽ سان ڪنهن ٽڪراءَ ۾ ناهي ۽ صوبي اندر ٻي ڪا سياسي ڌر ايتري سگهاري ناهي، جو اها پ پ  کي چونڊن ۾ هارائي سگهي. ايندڙ اليڪشن ۾ پ پ کي ڪراچي اندر ايم ڪيو ايم جي اتحاد سان ٿورو گهڻو چئلينج اچي ٿي سگهيو پر بدليل صورتحال ۾ اهو به ناهي رهيو. نتيجي ۾ ممڪن آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ڪراچيءَ مان به ڪجهه سوايون سيٽون کٽي وٺي ۽ وڌيڪ مضبوط شڪل ۾ اڀري.

سنڌ کي وفاق سان ته پراڻا مسئلا آهن پر سنڌ کي ڪيترائي مسئلا صوبائي حڪومت جي ڪمزور ڪارڪردگيءَ سبب پڻ پيش اچي رهيا آهن. مثال طور، سنڌ کي وفاق کان پنهنجي حصي جيترو پاڻي نٿو ملي، پر جيڪو ملي ٿو، ان جي صوبي اندر ورڇ ۽ انتظامڪاريءَ ۾ به سنگين مسئلا آهن. سنڌ کي وفاق وٽان اين ايف سي فارمولا موجب متوقع حصي کان گهٽ پئسا ملن ٿا،

پر جيڪي ملن ٿا، ان تي صوبي اندر جيڪي هٿ صاف ٿين ٿا، اهي به ڪنهن کان ڳجها ناهن. گذريل ڪجهه مهينن کان صوبي جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۽ سنڌ جي اترين ضلعن گهوٽڪي، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد ۾ ڪرائيم ماضيءَ جا رڪارڊ ٽوڙي رهيو آهي. سنڌ جي اترين ضلعن ۾ ڌاڙيلن جا ٽولا 80ع ۽ 90ع جي ڏهاڪن جيان سگهارا ٿي چڪا آهن. ڪيترائي ڀيرا پوليس آپريشن جا اعلان ٿيا، پوليس کي ڳرا ۽ جديد هٿيار وٺي ڏيڻ لاءِ بجيٽون به فراهم ٿيون پر نه اغوا ۽ قتل جي ڏوهن ۾ گهٽتائي آئي ۽ نه ڏوهارين خلاف ڪو آپريشن ٻڌڻ ۾ آيو. اهي ضلعا انهن با اثر سردارن جي هٿ ۾ آهن، جيڪي قانون کان وڌيڪ ڊگها هٿ رکن ٿا. پيپلز پارٽي حڪومت ان انتهائي اهم مسئلي کي لڳاتار نظرانداز ڪندي پئي اچي.

امن امان جي خراب صورتحال سبب ئي بلوچستان ۽ پنجاب جي دنگ وارا اهي ضلعا معاشي طور تي سگهارا نه ٿي سگهيا، نه ته سکر گهٽ ۾ گهٽ ملتان کان ته بهتر ماڳ تي آهي. سنڌ جي اتر وارو وڏو حصو، ڏاکڻي پنجاب جا ضلعا ۽ اڀرندي بلوچستان جا سنڌي آباديءَ وارا علائقا ويجها هجڻ سبب سکر جي هڪ وڏي معاشي مرڪز ٿيڻ لاءِ سمورا ڪارڻ موجود آهن. سکر جي معاشي طور تي سگهاري نه ٿيڻ سبب ملتان، بهاولپور ۽ رحيم يار خان نه رڳو معاشي طور تي بهتر مارڪيٽ بڻجي ويا پر انهن شهرن جو انفرا اسٽرڪچر، تعليم جون سهولتون به گهڻيون بهتر آهن. هاڻي سنڌ جي اترين ضلعن جا رهواسي سٺي خريداري، ڪاروبار ۽ تعليم لاءِ ملتان ۽ رحيم يار خان وڃن ٿا، البته اين آءِ سي وي ڊي ۽ ايس آءِ يو ٽي جي سهولت لاءِ پنجاب جا ماڻهو سکر اچن ٿا. سنڌ جي حڪمرانن ٻيو ته ٺهيو،

سکر شهر کي ڪو ڏسڻ جوڳو اڏاوتي ڍانچو به نه ڏنو. شهر جي پراڻن توڙي نون علائقن ۾ روڊن رستن جي حالت زبون آهي. رواجي مينهن پوڻ تي شهر مان لنگهڻ ڏکيو ٿيو پوي. نيڪال جي نظام توڙي پيئڻ جي پاڻيءَ جي لحاظ کان سکر جي حالت رحم جوڳي آهي. ساڳئي وقت سڄي علائقي ۾ سکر هڪ خوبصورت سياحتي ماڳ به بڻجي ٿي سگهيو. حڪمرانن امن امان ۽ اڏاوتي ڍانچي کي نظر انداز ڪري سکر کي بهترين شهر بڻجڻ کان محروم ڪري ڇڏيو. ايئن سنڌ جي ڪنهن ضلعي هيڊڪوارٽر کي ڏسو ته پٺيرو نظر ايندو. ڪنهن به شهر جا روڊ رستا، گهٽيون ۽ ناليون ڪنهن سڌريل شهر جو ڏيک نٿيون ڏين. سنڌ ۾ 15 سالن جي حڪمرانيءَ دوران پ پ حڪومت ميونسپل جي خدمتن کي برباد ڪري ڇڏيو آهي. سمورن شهرن جا رهائشي ۽ ڪاروباري علائقا کنڊر بڻيل آهن. ميونسپل سروسز هر شهريءَ جي روزمره جي زندگيءَ جو بنيادي حصو آهن پر هاڻي سنڌ واسين جي نصيب ۾ ٽُٽل ڦٽل روڊ، اٿليل ناليون، گند ڪچري سان ڀريل گهٽيون،

هر پاسي پکيڙيل حد دخليون ۽ بيماريون پکيڙيندڙ پاڻي آهي. اهو سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪرڻ ۾ نه پنجاب رنڊڪ آهي ۽ نه ايجنسيون. مڪاني حڪومتون اهي روزمره جا ڪم سرانجام ڏينديون آهن پر انهن مقصدن لاءِ ايندڙ بجيٽ سفارشي عملي جا لشڪر پالڻ، چونڊيل عيوضين جون سياسي اوطاقون هلائڻ ۽ مقامي عهديدارن لاءِ خرچيون مهيا ڪرڻ جي وَر چڙهي وڃن ٿيون. ايئن سنڌ ۾ بنيادي خدمتن جو ڍانچو برباد ٿي چڪو آهي.

پيپلز پارٽي حڪومت مٿين سطح تي صحت جي خصوصي سهولتن جو ڄار خانگي شعبي جي انتظامڪاريءَ هيٺ ٺاهي ڪجهه عزت ماڻي آهي. ايس آءِ يو ٽي، اين آءِ سي وي ڊي، جناح اسپتال جي ڪينسر وارو شعبو، گمبٽ انسٽيٽيوٽ وغيره ان ڏس ۾ ڪجهه بهتر حوالا آهن پر ضلعي سطح جون اڪثر اسپتالون خراب حالت ۾ آهن. بنيادي صحت جي حوالي سان پي پي ايڇ آءِ ڪافي بهتر ڪم ڪيو آهي. تعلقي ۽ ضلعي سطح تي سرڪاري اسپتالن کي سڌارڻ جي ضرورت آهي، جتي 90 سيڪڙي کان وڌيڪ مريض اچن ٿا. ساڳي ريت اسپتالن تي مريضن جو بار گهٽائڻ لاءِ صاف پاڻيءَ جي رسد، نيڪال جو نظام ٺيڪ ڪرڻ ۽ ڳوٺن جي سطح تي ليڊي هيلٿ ورڪرز جو نظام سفارش بجاءِ اهليت جي بنياد تي هلائڻ گهرجي.

سنڌ واسي ڏهاڪن تائين آمريت جي دور ۾ ترقي جي حوالي سان کين نظر انداز ڪرڻ سبب پٺتي پيل رهيا آهن. عوام جي چونڊيل حڪومتن دوران به کين ترقيءَ جي ثمر کان محروم رکڻ انتهائي وڏي زيادتي آهي. جمهوريت جو اصل لاڀ عوام کي بنيادي حقن، سياسي آزادي ۽ معاشي توڙي ترقي جي شڪل ۾ ملڻ گهرجي.

بدقسمتيءَ سان سنڌ پنهنجي قربانين ۽ ووٽ وسيلي قائم ٿيل حڪومت ۾ ان ثمر کان گهڻو پري آهي، جيڪو ان جو حق بڻجي ٿو. سنڌ کي جمهوريت جي ثمر طور رڳو ترقياتي رٿائون نه پر سماجي ۽ معاشي ترقيءَ جو هڪ روڊ ميپ گهرجي، جنهن تي مستقل مزاجيءَ سان عمل ٿئي ۽ سنڌي سماج جي بيهڪ ۾ ڪي بنيادي تبديليون اچي سگهن. ان روڊ ميپ تي ايندڙ مضمون ۾ لکندس.