آپگھاٽ جي واقعات ۾ واڌ باوجود ننڍ ستل حڪمران!

احساس ڪمتريءَ جي شڪار ۽ بيرحم سماج ۾ آپگھات جا واقعات روز جو معمول بڻجي ويا آھن، جنهن جا ڪيترائي ڪارڻ هجن ٿا پر آپگھات ڪندڙ جي وارثن ۽ انتظاميا جي ملي ڀڳت سان آپگھات ڪندڙ جي دماغي توازن ٺيڪ نه ھجڻ ۽ چريائپ جون ڳالھيون ڪرڻ وارو ڊرامون ٺاھي ميڊيا جي سامھون پيش ڪيو ويندو آھي. جيڪڏهن حقيقي آپگھات جي واقعن جو گهڻ رخو ۽ تفصيلي جائزو ورتو وڃي ۽ شفاف جاچ ڪئي وڃي ته اهڙا انيڪ واقعا عين قتل طور ظاهر ٿيندا ۽ مقتولن سان انصاف واسطي ڪو قانوني دروازو پڻ کلي سگهي ٿو. سخت ذھني دٻاءُ، تشدد ۽ گهريلو تڪرارن کان ويندي کوڙ ساريون ڪهاڻيون دماغي عدم توازن واري “ڊسٽ بن” جي ور چڙهي وڃن ٿيون. اهڙي واقعن جي گهرائي سان جاچ ٿيڻ گھرجي، آپگھات ۽ قتل ۾ فرق ڪيو وڃي ۽ جزا سزا جو قانون حرڪت ۾ اچي انصاف فراهم ڪري ته يقينن معاشري ۾ آپگھات توڙي قتل جا واقعا انتهائي حد تائين گھٽ ٿي ويندا ۽ کوڙ سارا ماڻهو صحتمند جياپو ماڻيندا سگھندا جيڪي دماغي عدم توازن واري مڏي ڪاتيءَ سان ڪُٺا پيا وڃن.

سجاد الرحمان سمون/ٿرپارڪر

پشاور ۾ دھشتگردي جا واقعا ۽ امن امان جو مسئلو!‎‎

ملڪ ۾ افراتفري ۽ سيڪيورٽي ۽ امن امان جو مسئلو هلندڙ آھي، وري ملڪ ۾ بم ڌماڪي سان پشاور ۾ مسجد ۾ 59 نمازين کي شھيد ڪيو ويو آھي، ھڪ پاسي ملڪ ۾ سياسي صورتحال ڇڪتاڻ واري ۽ معاشي طور ڪمزور آھي، ھاڻي ملڪ ۾ عوام کي مهانگائي ماري وڌو آھي. پيٽرول جو في ليٽر 251 رپين تي وڃي پھتو آھي، خزاني وارو وزير چئي رھيو آھي ملڪ جو ھاڻي الله واھي آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڌڻي تعاليٰ کان سواءِ ڪجھ به نه آھي پر جيڪي ھن وقت حڪومت ۾ آھن يا شين تي ضابطو آڻڻ وارا خود بيحسي ۽ لاچاري ڏيکارين ته پوءِ ملڪ جي عوام جو ڇا ٿيندو؟ عوام جي جان مال جو تحفظ ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آھي. دھشتگرديءَ جي واقعن سان اڃا ملڪ جون حالتون خراب ٿينديون ۽ ملڪ جي معيشت تي اڃان وڌيڪ خراب اثر پوندو. آءِ ايم ايف به قسط ڏيڻ کان به لنوائي رھي آھي، خبر ناهي ته ڇو ڊالر جي اگھ ۾ اضافي سان سون جي قيمت به ٻه لک کان وڌيڪ ٿي وئي آھي. مھانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، عوام جو جيئڻ جنجال ٿي چڪو آھي. ملڪ ۾ اليڪشن به ممڪن ناهي، ان جو سبب اهو آهي ته ملڪ ۾ پئسو ناهي ته اليڪشن ڪرائڻ جو خرچ وري نيازي صاحب ڀريندو؟ ھن وقت دھشگرديءَ جا واقعا ۽ وري طالبان جو اڀرڻ ملڪ کي نقصان ڏيندا. ملڪ جا ادارا، مذھبي ادارا، تعليمي ادارا، درسگاهون، مسجدن ۾ جاني مالي نقصان ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. ملڪ کي بچائڻ ۽ امن امان قائم ڪرڻ گھرجي، عوام پھريائين مهانگائي جي آزار ۾ ڦاٿل آھي، مٿان وري وري دھشتگرديءَ جا تازا واقعا خبر ناهي ڪٿي دنگ ڪندا؟

ساگر شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ

سنڌ ۾ وڌندڙ قبيلائي تڪرار سبب روز قتل ٿيندڙ انسان!

سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار بند نه ٿي سگهيا آهن، ڪجھه ڏينهن اڳ جيڪب آباد ضلعي ۾ پلاٽ جي معمولي ڳالھ تان ٿهيم برادريءَ جي ماڻھن ٻٻر برادريءَ جي ماڻھن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب قتلام ٿيو. قبيلائي تڪرار سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن، ڳوٺن ۾ ڪينسر جيان ناسور بڻجي مختلف برادرين جي نوجوانن کي ناسور جيان ختم ڪري رهيا آھن. هرروز سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن شھر ۾ برادرين جي تڪرارن سبب ويڙھا ويران ٿيندا پيا وڃن، جنهن جي ڪري ڪيترائي ڪونڌر پنهنجن نوجوان ونين، ٻارن ٻچن، پنهنجي ماءُ پيءُ کان وڇڙي وڃن ٿا ۽ انهن جي آسن اميدن، خوشين کي ڏک جهڙا گهاءَ عذاب ڏئي  پنهنجي آئينده نسل کي ڏکن واري زندگي گهارڻ تي مجبور ڪري هليا ويندا آهن. سنڌ جي پڙھيل لکيل تعليم يافتا ماڻھو سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙن کي روڪڻ لاءِ حقيقي ڪردار ادا ڪري سنڌ اندر وڌندڙ مختلف برادرين جي جهيڙن کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا، باقي سنڌ جا ڀوتار، چڱا مڙس، قبيلائي تڪرارن کي روزي جو ذريعو بڻايون ويٺا آهن.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

انسان جي حقيقت!‎‎

مٽي، پاڻيءَ جو بدن يا جسم ٺاهي ان ۾ روح ڦوڪيو ويو، ٻنهي جي گڏجڻ بعد ان کي انسان يا آدم سڏيو ويو. رب تعاليٰ قرآن ۾ فرمائي ٿو ته “آدم کي مٽيءَ مان ٺاهي ان ۾ پنهنجي روح جو ذرو ڦوڪيم.” عام ماڻهو کي سمجهائڻ لاءِ ڄڻ ڪک تي چڻنگ رکي ڦوڪ ڏجي ته باھ ٻري پوي، اڳ ۾ باھ جو وجود نه هو. ڦوڪ ڏيڻ بعد باھ ظاهر ٿي، ٻيو ته اصل ۾ چڻنگ ئي باھ آهي، ايئن ئي انسان اصل ۾ روح جو نالو آهي، بدن ڪجھ به ناهي، بس بدن روح جي سواري آهي، بدن جو بهشت ۽ دوزخ سان ڪو به تعلق ناهي. قيامت جي ڏينهن پڇاڻو ته روح کان ٿيندو ۽ ڪم جو به تعلق روح سان آهي، هن دنيا ۾ جيڪڏهن ڪو ڪم روح سان ڪيو ويندو ته ان تي سزا ۽ اجر مقرر آهي، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي ڪنهن کان اتفاق سان گولي يا ٻيو ڪو ڌڪ لڳي پوي ته ان سان ماڻهو مري پوي ته سزا ناهي، جيڪڏهن ساڳيو ڌڪ يا گولي ڄاڻي واڻي روح (دل) سان هڻي ته ان تي سزا مقرر آهي، ان ظاهر ٿيو ته بدن تي سزا ناهي، بدن جا سڀ عضوا انسان جا اوزار آهن ۽ لذت به دل کي ايندي آهي، بدن کي نه ايندي آهي. روح بدن ۾ اچڻ بعد تڪراري ٿي پيو، جڏهن رب پاڪ ملائڪن کي حڪم ڪيو ته آدم کي سجدو ڪريو ته ملائڪن سان گڏ هڪ جن هو جنهن جو نالو “شيطان” هو ملائڪن سجدو ڪيو پر شيطان آدم جي تخليق تي تڪرار ڪيو ته “گپ مان ٺھيل آهي، مان باھ مان ٺهيل آهيان، منهنجو مرتبو آدم کان مٿي آهي، انڪري مان آدم کي سجدو نه ڪندس.” رب پاڪ مرتبي واري مسئلي کي ڇڏي فرمايو ته تو منهنجي حڪم جي انحرافي ڪئي، منهنجي مرضي آهي ته جنهن کي ڏيان، منهنجي اڳيان حسب نسب ڪجھ به ناهي ۽ شيطان کي حڪم ڏنو ويو ته تون منهنجي درٻار مان نڪري وڃ، تون تڙيلن مان آهين. شيطان عرض ڪيو ته سائين قيامت تائين مون کي ڍر ڏيو ۽ مون ۾ اها صفت وجهو جيئن مان آدم جي رت ۾ شامل ٿي وڃان، ڌڻي پاڪ اهي شيطان جا ٻئي عرض قبوليا، گوشت جو قالب ٺاهي ان کي روح جي رهڻ جي جاءِ فرمائين ۽ روح سان گڏ نفس جيڪو شيطان جي حصي واري شيءِ هئي اها به ان سان گڏ رهايائين ته ڪير فرمانبدار ۽ ڪير نافرمان آهي. رب پاڪ آدم کي خليفو ۽ پنهنجو نائب بڻايو ۽ ان کي فرمايائون ته نيڪيون منهنجي ڪمن مان ۽ برايون شيطان جي ڪمن مان آهن، هن بهشت ۾ گهم ڦر پر هن وڻ جي ويجهو نه وڃجان، پر آدم ان وڻ جي ويجهو ويو، رب پاڪ ڏمرجي پيو، آدم پنهنجو قصور ڪيو ته نائب ٿيو ۽ معافي ورتي. آدم کي رب پاڪ زمين تي لاٿو، پوءِ آدم لاءِ آزمائشون شروع ٿيون.

فقير نور محمد شر/ ٺري ميرواھ

عظيم عالم دين شيخ الاسلام حضرت مخدوم محمد هاشم ٺٽوي!

سنڌ ڌرتي اها بانصيب ڌرتي آهي جنهن کي ڌني تعالى ننڍي کنڊ لاءِ باب الاسلام هجڻ جو درجو بخشيو، سنڌ ۾ جڏهن لشڪر محمد بن قاسم جي سربراهي ۾ شامل ٿيو ته ان ۾ ڪجھ هاشمي چشم چراغ به هئا، جن جهالت جي اونڌاهي کي ايماني نور ۾ بدلائي ڇڏيو. 18هين صدي ۾ حارثي و پنهور گهراڻو جيڪو سيوهڻ جي هڪ ڳوٺ ميرپور بٺورو ۾ قيام پذير هئا. 10 ربيع الاول 1104هه تي مخدوم عبدالغفور جي گهر اهڙي فرد جنم ورتو، جنهن سبب علم و عمل جا چشما نڪتا، جنهن هاشمي شهزادي جو نالو به محمد هاشم رکيو ويو. ڳالهه آهي سنڌ جي عظيم عالم دين شيخ الاسلام مخدوم محمد هاشم ٺٺويءَ جي جنهن ابتدائي تعليم والد بزرگوار کان حاصل ڪئي. ننڍپڻ ۾ قرآن جو حفظ مڪمل ڪيو. علمي اڃ سبب علم فقه، حديث فارسي سکڻ لاءِ سيوهڻ کان ٺٽي سفر ڪيو. ڇهن سالن ۾ مڪمل ٿيڻ واري نصاب کي ڇهن مهينن ۾ مڪمل ڪيائون جنهن نتيجي ۾ پنهنجي استادن جي اک جو تارو بڻيا. مخدوم پنهنجي علائقي ۾ هڪ ديني ادارو دارالعلوم هاشميه کوليو. پاڻ ٺٽي ۾ هاشمي مسجد قائم ڪيائون جتي جمعي جا خطبه فرض انجام ڏيڻ لڳا. بعد ۾ حرمين شريفين جو رخ ڪيو. مخدوم واپسي تي روحاني تربيت سان وابستگي جي شروعات ڪئي. مخدوم پنهنجي مرشد جي ڇانوَ هيٺ تزڪيه نفس ۽ معاشري جي اصلاح قادريه سلسلي لاءِ پنهنجي روحاني اصلاح سان گڏ پيش رهيا. تصنيف ڪيل ڪتابن جو انگ لڳ ڀڳ 450 جي ويجهو هوندو. جيڪي عربي فارسي سنڌ ۾ لکيل آهن. مخدوم جي ذاتي لائبريري جنهن بابت غلام مصطفى قاسم لکن ٿا ته دنيا جو ڪهڙو ڪتاب هوندو جنهن جو نسخو مخدوم صاحب وٽ نه هو. پاڻ عمل صالح ۽ حڪم خداوندي تي سرتسليم خم ڪري ڇڏيندا ها. تعليمات قرآن دعوت تبليغ لاءِ مصروف عمل رهندا ها. مخدوم “وسيلاالغريب الا جناب حبيب” تحرير ڪيو جيڪا خاص طور اهلبيت نبيﷺجي سيرت تاريخ ۽ فضيلت مقام پنجن پاڪؑ ۽ احوال مقدسه قلمبند ڪيا جيڪي ڪتاب اڄ به مصر جي جامعات جي نصاب جو حصو آهي. مخدوم “مدح نامه سنڌ” ڪتاب ۽ ٻيا کوڙ ڪتاب تحرير ڪيا. دنيا اولياءِ ڪاملين جي ڪراماتن ۽ عادتن سبب کين سڃاڻيندي ۽ ياد رکندي آهي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

ٽنڊو غلام حيدر منشيات جو مرڪز بڻجي ويو!‎‎

ٽنڊو غلام حيدر منشيات جو مرڪز بڻجي ويو آهي، ڏھاڙي ڪروڙن جو ڪاروبار ٿي رهيو آهي پوليس ۽ انتظاميا ان ۾ ڀاڱين ڀائيوار بڻيل آهي، ھزارين زندگيون داءَ تي لڳل آهن، منشيات فروشن کي سياسي ڀوتارن جو آشيرواد ھجڻ ڪري پوليس ڪارروائي ڪرڻ کان قاصر آهي، جنهن جي ڪري سوين ماڻهو منشيات خوري سبب ڪينسر جھڙي موذي مرض ۾ وڪوڙجي ويا آهن. ٽنڊو غلام حيدر ۾ سڀ کان وڏي آبادي رکندڙ شهر مويا، نظرپور، شاھ واھ، انصاري شگر مل اسٽاپ، ورڙ موري، ڏندو، جمن بھراڻي، المدينه باءِ پاس، فاضل ٽائون سميت سڄي ٽنڊو غلام حيدر ۾ وسڪي، انڊين سفينه، عاداب سفينه، مين پڙي، گٽڪو، چرس ۽ ڪچي شراب جو سرعام وڪرو جاري آهي، جنهن جي ڪري ھزارين زندگيون داءُ تي لڳي ويون آهن. ان سلسلي ۾ پوليس ۽ انتظاميا منشيات فروشن کان وڏي منٿلي عيوض خاموش بڻيل آهن. ٽنڊو غلام حيدر پوليس جي خاموشي جي ڪري ھن صحت لاءِ هاڃيڪار منشيات نسلن جا نسل تباهه ڪري ڇڏيا آهن. اسان چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ٿا ڪريون ته فوري طور تي ٽنڊو غلام حيدر مان منشيات جو ڪاروبار بند ڪرائي ھزارين زندگين کي معزور ٿيڻ کان بچايو وڃي ۽ منٿلي عيوض ھن صحت لاءِ زھر بڻيل منشيات جي ڪاروبار جي اجازت ڏيندڙ پوليس اھلڪارن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

حافظ محمد علي ورڙ/ ڳوٺ مير محمد ورڙ

ڪرپشن هڪ ناسور آهي!‎‎

ھن وقت جيڪو سنڌ سان ٿيندڙ حد کان وڌيڪ ظلم ۽ ناانصافي آھي اھا آھي سنڌ جي پٽتي پيل تعليم، سنڌ جيڪا صدين کان کان قائم ۽ دائم آھي جنھن ۾ وسندڙ سنڌي سٻاجهڙا ھر وقت ھر ڪنھن کي جيءَ ۾ جايون ڏيندا آھن اڄ انھن کان بنيادي حق به کسيا ويا آهن. آخر ڇو سنڌ جا اھي ٻار جن جي ھٿن ۾ ڪتاب ۽ قلم ھجن  اڄ اھي يا ته ڪنھن بٺي تي سرون پيا ھڻن ته ڪي وري ڪنھن دڪان تي مزدوري پيا ڪن ته ڪي وري ٻنين ۾ هارپو ڪندي نظر ٿا اچن، سو آخر ڇو؟ ھيءَ وڌندڙ مهانگائي جيڪا ماڻھن کي آپگھات ڪرڻ تي مجبور ڪري آھي جنھن تي حڪومت طرفان ڪو ڪنٽرول نه پيو ڪيو وڃي ھر حڪمران پنھنجا پيٽ ڀرڻ ۾ پورو آھي، پوءِ ايئن ٿيندو ته پيٽ پالڻ لاءِ ھر سنڌ جو بچو جنھن جي عمر اسڪول وڃڻ جي ھوندي اھو پيو مزدوري ڪندو، پوءِ اھوئي ٿيندو ته سنڌ ۾ جھالت عروج تي پهچي ويندي جي ڪو پڙھن به چاھي ته ڳريون فيسون آهن جيڪي والدين جي چيلھ چٻي ڪري پيون ڇڏين، نه ڪنھن نوڪري جو آسرو آهي نه ڪو آمدني جو مک ذريعو، آخر پوءِ ڪيئن سنڌ جو نوجوان پڙھي سگھندو؟ ياد رکو وقت جا حڪمرانو! اوھان کان ضرور پڇاڻو ٿيندو، اوھان سنڌ کي سڌائين کاڌو، سدائين سنڌ جي ذخيرن کي لٽيو آهي سدائين اوھان سنڌ جي بجيٽن مان پنھنجا بئنڪ بيلنس ڀريا اڄ سنڌ ۾ ٿيندڙ ھر ڏوھ اوھان جي عمل نامن ۾ لکيو ويندو ڇو ته جيڪي به ڏوھ سنڌ ٿي رھيا آهن انهن جو سبب اوھان حڪمران آھيو، جن نه سنڌ ۾ تعليم لاءِ ڪي سٺا قدم کنيا نه سنڌي عوام لاءِ ڪجھ ڪيو. سنڌي عوام کي به اگھور ننڊ مان جاڳڻ کپي پنھنجا حق کسي وٺڻ گھرجن، باقي جي چپ ويھندئو ته پوءِ وقتي حڪمران اوھان جي نسلن کي به غلاميءَ جي زنجيري ٻڌي ڇڏيندا پوءِ به ھي قوم جي اٿي پئي ته انھن وقتي حڪمران جو ساھ سوگھو ڪري سگھي ٿي. حڪمرانن کي کپي ته سنڌ جي ذخيرن کي سنڌي عوام جي مٿان خرچ ڪن سنڌ ۾ تعليم لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ مھانگائيءَ تي ڪنٽرول ڪيو وڃي جيئن غريب غربو ٻه ويلا ماني کائي سگھي.

مطلوب احمد جوڳي/ٺري ميرواھ