اشو آف دي ڊي … ڪنب ۾ نياڻين جون وڊيوز رڪارڊ ڪرڻ واري واقعي تي شديد ردعمل: جوابدار کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو

0
200

 ڪنب ۾ نياڻين جون وڊيون رڪارڊ ڪري بليڪ ميل ڪرڻ واري واقعي خلاف سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، واقعي جو جوابدار گرفتار ٿي چڪو آهي، کيس سخت سزا ڏيڻ جي گهر ڪئي پئي وڃي، ڪنب واقعي تي ڪيترن ئي ڏينهن کان پوسٽون شيئر ٿي رهيون آهن، ان سلسلي ۾ ذوالفقار قادري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪنب ۾ وحشي جوابدار نينگريءَ سان زيادتي ڪرڻ بعد سندس وڊيو وائرل ڪري ڇڏي، مليل معلومات مطابق جوابدار غلام مهراڻي ڪيترين ئي نياڻين جون وڊيوز ڀري کين بليڪ ميل ڪندو رهيو آھي، خوف وچان ڪو به فريادي ٿيڻ لاءِ تيار نه هو، تازو جوابدار پاران هڪ نينگري جي وڊيو وائرل ڪرڻ بعد پوليس جوابدار غلام مهراڻي خلاف سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو، جنهن تي مير روحل کوسو لکيو ته پوليس جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي، ساجد حسين لکيو ته هن کي فل فراءِ ڪيو وڃي، دستار چانڊيو لکيو ته ڪنب جي واقعي تي جيترو افسوس ڪجي گھٽ آهي ملزم کي سزا ڏيارڻ لاءِ ھر باشعور فرد کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، عبدالرحمان شر لکيو ته انھن ظالمن کي سخت سزا ملڻ گھرجي، ضمير بلوچ، آغا مختيار پهوڙ به ردعمل ڏنو، ڊاڪٽر نظر واحد ڀاڳت، عباس علي چنڙ، آصف شبير خان، اي رحمان، احمد خان زرداري، آفتاب حسين، صدام چن به واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ جوابدار کي سزا جو مطالبو ڪيو، شاهد سهتو لکيو ته سوال اهو به آهي ته آخر ايتري تعداد ۾ ننڍي عمر جون نياڻيون هن جو ڪيئن شڪار ٿيون آهن؟ عائشه ڌاريجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته خيرپور ڪنبن ۾ ھمراھ آھي غلام مھراڻي جي نالي سان جنھن پاڙي ۾ ننيگريون ڪپڙا پيو ڌوئين ان جي وڊيو ٺاھي جو انھن جي واش روم جي ڇت نه ھئي ۽ انھن کي بليڪ ميل ڪندو رھيو آهي چون ٿا ان انھن کي جنسي زيادتي ڪري ان جي به وڊيو ٺاھي آهي، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ايتريون نه ڄاڻ ڪيتريون ڇوڪريون ءِ ڇوڪرا آهن جن جي ويڊيو ساڳئي جوابدار ٺاهيون آهن بعد ۾ انهن کي بليڪ ميل ڪندو رهيو آهي، انويسٽيگيشن ڪئي وڃي متان ٻيا جوابدار به شامل هجن ڇو جو اهڙن ڪيسن  ۾ ڪڙيون ڪڙين سان  مليل هونديون آهن. جنهن تي بلاول سمون لکيو ته سوال آهي ته ايتريون ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ھن وٽ ڪيئن ويا ان تي به تحقيق ٿيڻ گھرجي، خالده منير لکيو ته ان کي سخت سزا ڏني وڃي، حورالنساءَ پليجو لکيو ته اسانجو آئينده نسل ڪيڏانھن پيو وڃي ؟؟ ھتي وحشي درندن جو راڄ آھن !حڪمران ، قانون عدالتون سڀ لاتعلق  آهن، نوبت علي لکيو ته هن کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي، لطيف اوٺو لکيو ته اسان جو معاشرو ۽ انهي ۾ موجود مرد جي ذهنيت ايتري ته اوڇي ٿي پئي آهي جو ڪنهن به ڪڌي ڪم ڪرڻ کان به نٿو ڪيٻائي، شرم اچڻ گهرجي انهن کي جن جي سوچ عورت جي تذليل ڪرڻ تائين محدودآهي، وفا حڪيم وساڻ لکيو ته ان کي سخت سزا ڏني وڃيم علي لانگاهه، متارو خان راهمون، عرفان انور شر، سارنگ چانڊيو، ابوذر ملاح، شهزور سنڌي، زبير احمد، برڪت چنا، فهيم خان، حنيف نظاماڻي، عظيم خاصخيلي، ڪفايت گل، ڀٽو زين، عمير سومرو به ردعمل ڏنو، سليم اعواڻ لکيو ته افسوس اھڙا ڪافي گروھ آھن انھن ۾ مرد توڙي عورتون انوالو آھن ھاڻي اسان جي پوري ملڪ ۾ سرگرم آھن انھن مرد ۽ عورتون فيس بڪ ذريعي ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين کي بليڪ ميل ڪري رھيا آھن فحاشي ڦھلائي رھيا آھن، شاهجهان لکيو ته جيترو علم وڌندو پيو وڃي اوتري ئي جهالت عام ٿي ٿيندي وڃي، ان واقعي جي چئني طرفن کان جاچ ڪئي وڃي ۽ ان بيغيرت کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. صنم منگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن تي سميرا ڪرن لکيو ته وڏي ڳالهه آهي ته پڪڙي ورتو، پر ڪيترو وقت گرفت ۾ رهي ٿو اهو به ڏسڻو آهي، گلشن لغاري لکيو ته هن کي ڪورٽ وسيلي سزا ملڻ گهرجي، نجمه پنهور لکيو ته ظالم کي سزا ملڻ گهرجي، نديم حسين منگي ۽ مرتضيٰ گهانگرو لکيو ته فل فراءِ ٿيڻ گهرجي.