سنڌ ۾ غير رجسٽرڊ ميڊيڪل اسٽورن جي گهڻائي!

سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽرن جي مسئلي سان گڏ هر هنڌ غير رجسٽرڊ ميڊيڪل اسٽورن جي گهڻائي آهي، گذريل 3 سالن دوران سڄي سنڌ ۾ وڏي انگ ۾ غير رجسٽرڊ ميڊيڪل اسٽورن ۾ اضافو ٿيو آهي، جتي فارماسسٽ مقرر نه هجڻ ڪري غير معياري ۽ جعلي دوائن سان گڏ پابندي پيل دوائن جو وڪرو به ڳجھي طريقن سان جاري آهي، جنهن جي روڪٿام لاءِ صحت کاتي جا ڊرگ انسپيڪٽر دوائن جا نمونا حاصل ڪرڻ بجاءِ ماهوار وصولين ۾ مصروف آهن، جن خلاف ڪا به قانوني ڪارروائي نٿي ٿئي. انهن آفيسرن خلاف صحت کاتي جا اعلى آفيسر به خاموش آهن، ڪورونا لاڪ ڊائون دوران هيل تائين ڪيترن ئي دوائن جي قمتين ۾ حد کان وڌيڪ اضافو ٿي چڪو آهي، جان بچائڻ وارين دوائن جي قيمتن ۾ واڌ هجڻ سان گڏ اهي دوائون بليڪ تي پڻ وڪرو ٿين ٿيون، جنهن ڪري غريب عوام سخت پريشاني جي ور چڙهي ويو آهي، جن خلاف ڊرگ انسپيڪٽر ڪارروايون به نٿا ڪن، جڏهن ته سڄي سنڌ ۾ ڪجھه ضلعن ۾ ڊرگ انسپيڪٽرن جي کوٽ ڪري ٻين ضلعن جون اضافي چارجون به ويجهن ضلعن جي ڊرگ انسپيڪٽرن کي ڏنيون ويون آهن. جتان ڊرگ انسپيڪٽرن کي ميڊيڪل اسٽورن تان ماهوار اوڳاڙيون ملنديون آهن، جنهن ڪري ميڊيڪل اسٽور مالڪ ڪروڙ پتي بڻجي ويا آهن. هن خط وسيلي سنڌ جي وڏي وزير، صحت جي وزير ۽ هيلٿ جي اعلى عملدارن کي گذارش آهي ته سنڌ ۾ گذريل 6 مهينن کان چيف ڊرگ انسپيڪٽر جو عهدو خالي آهي، جتي به نهايت ايماندار ۽ انساني خدمت جي جذبي وارو آفيسر مقرر ڪيو وڃي، گڏوگڏ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ مقرر ڊرگ انسپيڪٽرن کي پڻ گذارش آ ته هو پنهنجن ضلعن ۾ غير رجسٽر ميڊيڪل اسٽورن خلاف سخت ڪارروائي ڪن، اتان دوائن جا نمونا هٿ ڪري غير معياري ۽ غير رجسٽر دوائن ۽ اسٽورن خلاف ڪارروائي ڪن ڇاڪاڻ ته غير معياري، غير رجسٽرڊ پابندي پيل دوائن وارو مسئلو انساني جانين سان کيڏڻ برابر آهي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

مندائتا ۽ اڻ مندائتا چور!‎‎

سانگھڙ ضلعي ۾ مندائتن چورن جي سرپرستيءَ ۾ ڪچو شراب، چرس، وسڪي، آفيم، آئيس ۽ انساني زندگيون زيان ڪندڙ مختلف قسم جا نشا واپرائجن پيا. ڪجهه 2/3 سال اڳ ڪي ايماندار، بالا آفيسر سانگھڙ ضلعي ۾ آيا ھئا، سانگھڙ ۾ ايتري قدر ڏوهه ٿيا پي ڄڻ سانجھي کان پوءِ ماڻهن تي مڇرن جو حملو، نيٺ ان آفيسر صاحب روزو ٽوڙيو ھاف ۽ فل فرائي مھم به مجبورن استعمال ڪئي جنهن کان پوءِ ڪجهه سال ته ڏوهه نالي ماتر وڃي رھيا ھئا پر چوندا آهن ته سچ وڏو ڏوھاري آهي، ان آفيسر ايمانداري ڇا ڏيکارين جنهن کي سانگھڙ ضلعي جي سياسيي مخلوق برداشت نه ڪيو، جنهن کي پڻ ٽپڙ گول ڪرايا ويا. ھونئن به چوندا آهن ته چورن مٿان مور، مٿي جيڪي مور ويٺل آهن انهن کي جيجل سنڌ جو ڪو کٽڪو ناھي، ڌاريان، مھاجر، بنگالي، برمي ۽ افغاني ويٺا سنڌ ۾ داخل ٿين، سنڌ جي ڳوٺن کي ڊاھي پٽ ڪري سنڌين جي وسيلن تي ڌاڙو ھڻـن تنھن باوجود به اھا سياسي ۽ سفارشي مخلوق اقتدار ۽ ڪرسي جا بکيا آهن، ڌرتي جي ننگن دنگن جي ته پرواهه ئي ناهي، ووٽن جي لالچ ۾ پنج سال چورن، ڦورن ۽ ڌاڙيلن کي پناهه ڏئي سنڌ توڙي سانگھڙ ضلعي کي تباهي جي منزل تي پھچائي ڇڏيو اٿن. ھن وقت سانگھڙ ۾ مندائتن چورن جي سربراھيءَ ۾ سانگھڙ ضلعي ۾ ھر ٻئي ڏينهن ڏوھن جو آزار وڌي ويو آهي. ڏوهه وڌڻ سان سانگھڙ ضلعي جو رھيل 20 سيڪڙو امن به تباهه ٿي ويو آهي. ھاڻي اچون ٿا مندائتن چورن ڏانهن، مندائتن چور برساتن ۾ ته عجيب قسم جا آهن، جيڪي چاھين ٿا ته خدا ڪري ڪا ٻوڏ اچي، مڇر دانيون، مڇرمار اسپري، راشن، ٽينٽن سان گڏوگڏ غريبن لاءِ مليل مال تي اصل ڌاڙو ھڻي ھر سال جيان پنھنجا بڀ ڀريون. مندائتا چور صرف موسم سان جڙيل آهن، برساتي موسم ۾ يا وري ڏڪار پوي ته به انهن جي گهر ۾ ڄڻ ته عيد ٿي ويندي آهي. اڻ مندائتو چور جي ڪا خاص موسم ناھي، جتي اقتدار ۽ ڪرسي جو بکيو ويٺل ھجي اتي 5 سال اڻ مندائتا چور پاليل ھوندا، جيڪي موسمي ڏيڏرن جيان 5 سالن کان پوءِ ٻرن مان نڪري ووٽ وٺڻ لاءِ ٽان ٽان ڪندا اچي منٿون ڪندا آهن. ھاڻ مندائتن چورن ۽ اڻ مندائتن چورن کي سڃاڻڻ اوھان سڀني تي فرض ٿئي ٿو.

ظفر حسين مري/ کپرو

سيڪريٽري ڪاليجز سنڌ جي نانءُ!

محترم جناب سيڪريٽري ڪاليجز سنڌ، سيد خالد حيدر شاهه صاحب! جناب اعليٰ جڏھن کان اوھان سيڪريٽري ڪاليجز جي چارج سنڀالي آھي تڏھن کان وٺي ھن کاتي ۾ ڪافي بھتري آئي آھي ۽ اڳتي به اوھان مان بھتري جي ئي اميد رکون ٿا،  جناب اعليٰ اوھان کان اڳ به ٻيا ڪيترائي سيڪريٽري صاحب ھن کاتي ۾ پنھنجيون ذميواريون ادا ڪري چڪا آھن پر اوھان جي ڪم ڪرڻ جو انداز ٻين کان نرالو نظر پيو اچي. اوھان جي ڪوششن سان ڪاليج کاتي ۾ آن لائين داخلائون، استادن جي آن لائين حاضري وغيره سان گڏوگڏ ڪاليجي استادن لاتعداد ترقيون ماڻيون آھن ۽ اھا اميد ٿي رکجي ته اڳتي به اوھان جي اڻٿڪ محنتن جي نتيجي ۾ ڪاميابي ضرور ماڻيندا، ڇاڪاڻ ته ترقي ماڻڻ ملازم جو بنيادي حق آھي، جيڪو کيس وقت سر ملڻ گھرجي پر ھتي مان اوھان جو ڌيان ھڪ ٻئي مسئلي طرف ڇڪرائڻ چاھيان پيو، اھو آھي“سنڌ جي ڪاليجز ۾ سبجيڪٽ وائيز ايس اين اي جو فقدان” محترم اوھان به خوب ڄاڻو ٿا ته تعليم کان سواءِ ڪا به قوم ترقيءَ بابت سوچي ئي نٿي سگھي، تعليم جي حاصلات ۾ ئي قوم جي بھتري آھي ۽ اھا بھتري تڏھن ممڪن بڻبي جڏھن سنڌ جي ھر ڪاليج اندر ھر ھڪ سبجيڪٽ جو استاد موجود ھوندو پر افسوس جو اسان وٽ استادن جي کوٽ ۽ سبجيڪٽ وائيز ايس اين اي نه ھئڻ ڪري غريب شاگرد مالي مجبوري سبب اڌوري تعليم پرائي رھيا آھن پر باشعور ۽ مالي طاقت رکندڙ والدين پنھنجي اولاد کي خانگي تعليمي ادارن ۾ داخل ڪرائين ٿا. ھن اخبار جي ذريعي منھنجي اوھان کي مودباڻي گذارش آھي ته جلد سنڌ جي ڪاليجز جي ايس اين اي سبجيڪيٽ وائيز ڪري شاگردن ۽ باشعور والدين جي بيچينيءَ کي ختم ڪيو وڃي.

عبدالستار کوکر/ ڪنب

توهان اسان لاءِ ڪيو ڇا آهي؟

هڪ گھر الجزائر ۾ هو، ھن گھر جي مالڪ پنهنجي مرڻ کان اڳ پنهنجي پوري اولاد کي گڏ ڪيو ۽ چيو ته جڏهن مان مري وڃان ته ھن گھر کي ڊاھرائي ڇڏجو، ڇو جو ھن گھر جي بنيادن ۾ ھڪ وڏو خزانو دفن ٿيل آهي، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اھو ماڻهو وفات ڪري ويو ۽ ھن جي اولاد گڏ ٿي ان خزاني جي ڳولا لاءِ پنهنجي والد جي وصيت تي عمل ڪرڻ لاءِ صلاحون ڪرڻ لڳا ۽ آخرڪار اتفاق ٿيو ته ھن گھر کي ڊھرايون وڃي.  گھر کي ڪيرائڻ لاءِ ڳري مشينري گھرائي وئي، مشينري گھر ڪيرائڻ ۾ لڳي وئي ۽ گھر ڊهراھي پٽ ڪري ڇڏيو، ان گھر جي هيٺان ھڪ صندوق (پيتي) بنياد مان ملي، سڀ ڏاڍو خوش ٿيا ته بابا جو پوريل وڏو خزانو مليو آهي، جڏهن صندوق کولي وئي ته ٻيو ڪجهه به نه مليو پر ھڪ ڪاغذ مليو، ان ڪاغذ تي لکيل ھو ته توھان جي مرد آھيو، مڙس ماڻهو آھيو ته ھي گھر وري ساڳيءَ طرح تعمير ڪرائي ڏيکاريو. والدين پنهنجي زندگيءَ ۾ اڻ ٿڪ محنت ڪري گھر تعمير ڪرائيندا آهن ۽ اولاد ان جائيداد جي وارثي به ڪندو آهي، جھيڙا پڻ ڪندا آهن ۽ پوءِ سڄي زندگي ھڪ ٻئي کان جدا ٿي الڳ رھندا آهن ۽ ان ملڪيت جي ڪري کائڻ پيئڻ مرڻو پرڻو ختم ڪري ڇڏيندا آهن ۽ آخر ۾ چوندا آهن ته بابا توهان اسان جي لاءِ ڪيو ئي ڇا آهي؟

عبدالله شيخ/ نيوڇور

ذڪر ھڪ شفيق استاد جو!

بکرجمالي وايا سرھاري پراڻي لنڪ روڊ تي گورنمنٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ علي آباد، مٽياري جي پڇاڙي واري علائقي ۾ واقع آھي، جتي ضلعي مٽياري ۽ ضلعي سانگھڙ جون سرحدون گڏجن ٿيون، ھتي اصل مقصد اسان جو تعليم جي بھتري تي ھڪ نظر آھي، ھتي ھڪ معتبر ۽ محنتي استاد سلطان چانڊيو ڊيوٽي انجام ڏئي رھيو آھي. استاد معاشري جي سُڌار جو وڏو سبب ھوندا آھن، ڇاڪاڻ ته استاد جي ايمانداريءَ سان محنت سان پوري شوق سان تعليم تي ڌيان ڏئي ٿو ته ھڪ شاگرد کي زيرو مان ھيرو بڻائي ڇڏيندوآھي، اھڙن استاد مان استاد سلطان چانڊيو به ھڪ آھي، سندس محنت، سندس ايمانداريءَ جا کوڙ سارا ثبوت پيا آھن، ڳوٺاڻن موجب جي ڪو شاگرد سُستي ۽ ڪاھلي سبب اسڪول نه پھچندو آھي ته استاد سلطان چانڊيو بروقت اتي پھچي شاگرد کي ساڻ وٺي اسڪول پھچي ويندو آھي اھڙي معبتر ۽ شفيق استاد جا قيمتي لفظ آھن ته شاگرد منھنجا ٻچا آھن، جيترو منھنجو اولاد پيارو آھي اوترا ھي ٻار به مون کي پيارا آھن، اسڪول جي مئنيجمنٽ کي ڏسي اوھان بلڪل سولائيءَ سان اھو اندازو لڳائي سگھو ٿا ته ھتي اقتصاديات سان گڏ اخلاقيات جو به درس ڀرپور نموني سان پڙھايو وڃي ٿو، ھن استاد کي ٻنھي ھٿن سان سلام پيش ڪجي ٿو. منھنجي حياتيءَ جي تجربي ۽ صحافتي ڪيريئر ۾ پوري ضلعي ۾ جيتري پڙھائي ۽ محنت ۽ ڌيان ھن اسڪول ۾ آھي اهو ٻيو ڪٿي به ناھي. ھي سڀ ھڪ محنتي ۽ محبتي استاد سلطان چانڊيو جي محنت جو ڪمال آھي، ھتي اسلاميات ۽ انگريزي، سنڌي تعليمي سلسلو جاري آھي، ھن اسڪول جا ڪيترائي شاگرد پرائمري ۾ ھجڻ باوجود انگريزي ڳالهائيندا آھن، سندن نصابي لکڻيون به انتهائي خوبصورت ۽ تعريف لائق آھن، شاگردن کي ٽافيون ۽ گفٽ پنھنجي خرچ مان وٺي ڏيندڙ ھن استاد کي بيسٽ ايڪسيلينس کان بيسٽ ڪيٽيگيري جو ايوارڊ ملڻ گھرجي، ڇاڪاڻ جو ھن دور ۾ اڪثر استاد ڪم چور ۽ ويزائن تي آزاد  ٿي پنھنجن ذاتي ڪاروبارن ۾ مصروف آھن ۽ اميد ڪجي ٿي ته سنڌ جي ھر اسڪول ۾ استاد سلطان چانڊيو جھڙا استاد ۽ تعليم دوست ڊيوٽيون انجام ڏين جن تي سنڌ ناز ڪري ۽ سنڌ جي نوجوان نسلن جو سينو تعليم جي روشني سان پر نور بڻجي پوي.

گل حسن خاصخيلي/ بکرجمالي، مٽياري

 

ساهتي پرڳڻي جي قديم ڳوٺ ڪوڙي

جي ڀاڻن جي ڪنهن به سار نه لڌي!

ڳوٺ ڪوڙي جي ڀاڻن تي ننڍي ٻوڏ اچڻ ۽ درياهه جو زمين کي پائڻ کان پوءِ سنڌو درياهه ۽ بچاءَ بند جي وچ وارو مفاصلو ٻه ڪلوميٽر کان به گهٽجي ويو، سنڌوءَ جو پاڻي ٻن ٻارن جي فاصلي تي آهي، 2017ع جي آدمشماري انگن اکرن موجب هن قديم ڳوٺ جي آبادي 10 هزار کان به وڌيڪ آهي، هن ڳوٺ ۾ ننڍا توڙي وڏا سوين ڳوٺ اچن ٿا، جن ۾ سولنگي، پنهور، ڀرٽ، چوهاڻ، مستوئي، کهاوڙ، چانڊيه، ابڙا ۽ ٻيون ذاتيون اچن ٿيون. 2010ع جي وڏي ٻوڏ دوران بچاءَ بند جي ٽٽڻ جا خدشا وڌيڪ هئا، ان دوران بچاءَ بند ۽ سنڌو درياهه جي وچ وارو مفاصلو 2 کان 3 ڪلوميٽر تائين هو. هن سال جولاءِ 2022ع کان برساتن جو سلسلو جاري آهي، جيڪڏهن برساتن جو سلسلو جاري رهيو ته امڪان آ ته 2010ع واري ٻوڏ کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ قابو ۾ نه ايندڙ صورتحال پيدا ٿي وڃي، جيڪڏهن ضلعي انتظاميه ان کي سنجيده نه ورتو ته بچاءَ وارو بند ٽٽڻ سب  وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيندو، درياهه واري زمين مٿانهين واري آهي، جڏهن ته بچاءَ بند کان ٻئي پاسي واري زمين لهنواري آهي، ٻوڏ جو پاڻي لهنواري زمين هئڻ ڪري 15 منٽن ۾ نوشهروفيروز جي نيشنل هاءِ وي جيڪو ڳوٺ کان 25 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي ان کي متاثر ڪندو نوشهروفيروز هاءِ وي سڄي ملڪ ۾ ٽرانسپورٽ جي حساب سان (Backbone) جو ڪردار ادا ڪري ٿو، اسان ڪوڙي جي ڀاڻن جو باشعور عوام جناب وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيئرمين بلاول ڀٽو ايم پي اي ممتاز علي چانڊيو، ايم ايناي ذوالفقار علي بھڻ ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن کي گذارش ٿا ڪريون ته خدارا اسان جي قديم ڳوٺ کي ڪنهن وڏي آفت کان بچڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙي وڃي.

محمد حنيف سولنگي/ ڪوريجا ڀاڻ

قدرتي آفتون ۽ سرڪار جي تياري!‎‎

قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ تمام ڏکيو ڪم هوندو آهي ڇو ته اهڙين حالتن ۾ ڇا ڪجي، ڇا نه ڪجي اهو طئي ڪرڻ تمام ڏکيو عمل ٿي پوندو آهي، پر سڌريل ملڪن ۾ به قدرتي آفتون اينديون آهن پر اهي انھن تي جلد ئي قابو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن، ڇو ته انھن وٽ بهترين پلاننگ هوندي آهي، ريسڪيو ٽيمون ميرٽ تي ڪم ڪنديون آهن، ان جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ جيئن ٻين ادارن ۾ سفارشي ماڻهو ڀرتي ڪيا ويندا آهن، جيڪي ڪم ڪرڻ بدران هر مهيني جي پهرين تاريخ جو بي صبري سان انتظار ڪندا آهن، اهڙي طرح ريسڪيو ٽيمن ۾ به سفارشي ماڻهو ڀرتي ڪيا ويندا آهن، جيڪي تقريبن گھر ويٺي پگهار کڻندا آهن، ايترو ئي نه پر اسان وٽ هر هڪ ننڍي وڏي شھر ۾ ريسڪيو ٽيمون هئڻ گهرجن، ان سان گڏوگڏ شيلٽر هائوس هئڻ گهرجن، پر افسوس اسان وٽ ڇا ٿيندو آهي ته جڏهن به قدرتي آفتون اينديون آهن ته سڀ کان پهرين تعليم دشمن پاليسي استعمال ڪئي ويندي آهي ته اسڪولن جي عمارتن کي پناهه گاهون ٺاهيو ويندو آهي، دنيا ۾ ڪٿي به ايئن تعليمي ادارن سان ظلم نه ڪيو ويندو آهي جهڙو اسان جي سرڪار ڪندي آهي. جيستائين قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جي سرڪار وٽ فري اينڊ فيئر پلاننگ نه هوندي، تيستائين عام ماڻهو کي رليف نه ملي سگهندو، جڏھن اهڙين آفتن جي لاءِ پلاننگ ڪجي تڏهن هن ۾ سفارشي ڪلچر کي بلڪل به استعمال نه ڪجي، تڏهن ئي عام ماڻهو تائين سهولتون ۽ انهن جو ثمر پهچندو نه ته اسان سدائين ڏسون ٿا ته جيڪي امداد عام مستحق ماڻهو لاءِ هوندي آهي، اها امداد پيٽ ڀريل ماڻهن جي اوطاقن تي پهچائي ويندي آهي، ان ڪري ميرٽ تي جيستائين عمل نه ٿيندو تيستائين سڀ پلاننگ بيڪار ويندي.

دليپ آزاد/ عمرڪوٽ

مڇرن ۽ مکين جي آزار کان بچايو!

جيئن ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ چوماسي جي برساتن جو سلسلو گذريل مھيني کي ھلندڙ آهي، برسات خدا جي رحمت آهي پر پر نااھل ڪامورن ۽ چونڊيل نمائندن سبب اھا رحمت زحمت بڻجي وئي آ، غريب طبقو اڳ ئي مھانگائي ۽ بيروزگاريءَ سبب پيريشان آهي، مٿان وري برساتن غريبن جي اھنجن ۾ ويتر اضافو ڪري ڇڏيو آ ٻين ملڪن ۾ برسات ٿيندي آ ته ماڻهو انجواءِ لاءِ نڪرندا آهن ۽ برسات جا مزا وٺندا آهن پر اسان وٽ برسات کان پوءِ کٽ تان ھيٺ لھڻ به ڏکيو ٿي پوندو آ، اھو خوف رھندو آ ته ڪٿي گپ ۽ گاري جي ڪري ترڪي پنهنجي  ڄنگھه نه ڀڃائي ويهون. برسات سبب گھٽي گھٽي ۽ ھر چوراھو تلاءَ جو ڏيک پيو ڏيندو آهي، انتظامي نااھلي جي ڪري ٻاھر نڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. گندي پاڻيءَ جي دٻن سبب مڇرن جو آزار به وڌي ويو آهي، جنهن سبب مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آھي. ھزارين ٻار مليريا ۽ گيسٽرو جھڙين بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن ۽ اسان وٽ رب جي ڪرم سان اسپتال وڃجي ته اتي ڪا سھولت ناهي ملندي، آخر غريب وڃي ته وڃي ڪيڏانهن وڃي؟ جي پاڻي نيڪال جو ڪو نظام ھجي ته ايتري زلت ڏسڻي نه پوي، برسات کان پوءِ مڇرن ۽ مکين جو آزار ايترو ته وڌي ويو آهي جو رات جو سمھڻ به مھال ٿي ويو آهي ۽ ڏينهن جو کاڌو کائڻ پچائڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي، اسان جو ھٿيار آهي سوشل ميڊيا جنهن تي اسان دانھون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آھيون پر ڪو به ڌيان نٿو ڏي، ٻيو ته پري پر مڇرمار اسپري به نه ٿيو آ،  سمجهه ۾ اھو نٿو اچي ته تعلقي ٺري ميرواهه کي صحت لاءِ ملندڙ بجيٽ آخر وڃي ڪيڏانهن ٿي؟ اسپتالن ۾ دوائون ناھن، مڇرمار اسپري به نه ٿيو، پوءِ پئسا ڪاڏي ويا؟ خدارا غريبن تي ڪجھه رحم ڪيو، مھانگائيءَ سٽيل عوام ۾ وڌيڪ طاقت ڪونهي جو توهان جا وڌيڪ سور سھي، اسان صحت کاتي ۽ وزيراعليٰ سنڌ کان مطالبو ٿا ڪيون ته ٺري ميرواهه جي شھرن، پيروسڻ، کرڙاهه، سوئي گئس، ھنڊياري، جعفر خان جللاڻي، سيري ۽ مختلف ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪري مڇرمار اسپري ڪري مڇرن ۽ مکين جي آزار کان بچايو وڃي.

زاھد گل مجيداڻو/پيروسڻ

سنڌ ۾ برسات ۽ غريب عوام جي مالي صورتحال!

سنڌ جي ڏڪاريل زمينن جي آباد ٿيڻ لاءِ برساتن جون دعائون گهرندڙ ماڻهن جي دعائن رنگ لاتو ۽ برساتن جو سلسلو شروع ٿيو، برساتي بوندن سان جي سڪايل آبادگارن جي دلين ۾ بهار اچي وئي ۽ کين پوک جو مستقبل بهتر ٿيندي نظر آيو پر چوندا آهن ته غريب جا ڀاڳ به غريب، اڃا برسات جون خوشيون ملهائندڙ سنڌ جي آبادگارن جي منهن تي مرڪون هيون ته ڏسندي ئي ڏسندي اها برسات رحمت مان زحمت بڻجڻ لڳي، پهريان کان پاڻيءَ جي کوٽ سبب ستايل ڳوٺاڻن برسات کان پوءِ جڏهن ٿورو سک جو ساهه کنيو ته انهن کي اها خبر نه هئي ته مٿن ڏکن ۽ تڪليفن جا پهاڙ ٽٽڻ وارا آهن، واهن ۽ درياهن ۾ وڌندڙ پاڻيءَ کي ڏسي بس ڳوٺاڻا درياهه جي بند ڏانهن هر هر واجهائيندي سِرَ جي سلامتيءَ جون دعائون گهري رهيا هئا، ته اي مالڪ! ان بند جي حفاظت ڪجانءِ پر شايد زماني جي رنگينين ۾ گم ٿي اسان پنهنجي پالڻهار کان ايترو پري ٿي ويا آهيون جو مالڪ اسان کان ناراض ٿي چڪو آهي. اڃا گهر جو هر ڀاتي سلامت هو ۽ ٻارڙا خوشيءَ منجهان راند کيڏي رهيا هئا، ڳوٺاڻن کي به ڪجهه دلاسا هئا ڇو ته حڪومت ان ڳوٺ جي حصي ۾ ايندڙ بند کي مضبوط چئي ان علائقي کي محفوظ قرار ڏنو هو، حالت بهتر ئي هئي ته ڪنهن ڊوڙندي اچي ٻڌايو ته اڳئين ڳوٺ جي وڏيري سندن زمينون ٻڏڻ جي خوف کان بند کي گهارو هنيو آهي، پاڻيءَ جي ڳوٺ ڏانهن وڌڻ جي خبر تي سڄي ڳوٺ ۾ قهرام مچي ويو ۽ هر ماڻهو پنهنجو اجهو بچائڻ جي ڪوششن ۾ لڳي ويو. حويليءَ جي اي سي ڪمرن ۾ سڪون جي ننڊ ستل وحشي وڏيري کي شايد اهو احساس نه ٿيو ته رڳو پنهنجون زمينون بچائڻ جي لالچ ۾ هن ڪيترن ئي بي گناهه حياتين کي موت جي منهن ۾ ڌڪي ڇڏيو هو ۽ سڀ ڪجهه برباد ٿيڻ کان پوءِ ان گهاري جي خبر انتظاميا تائين پهچائي ٿو، جنهن کان پوءِ ڦاٿل ڳوٺاڻن کي محفوظ مقامن تي نيو وڃي ٿو.

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

سرنديءَ وارن کي عرض ٿو ڪجي!‎‎

سنڌ ۾ حاليه رڪارڊ برساتن عوام جي اهنجن ۾ انتهائي اضافو ڪري ڇڏيو آھي، روز ڪمائي روز کائڻ وارا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آھن، اتي ئي مڊل ڪلاس ورا به متاثر ٿيا آهن، مھيني کان لاڳيتو ھڪ نه ته ٻئي ڏينھن برسات جي ڪري عام و خاص جي آمدني تي سخت اثر پيو آهي، زندگيءَ جو ڪاروهنوار سخت متاثر ٿيڻ سبب مسڪين ماڻھو پريشانيءَ جو شڪار آھن. جتي ڪيترن ئي غريبن جا اجھا پٽ پئجي ويا آهن، اتي ئي کجي جو فصل به 80 سيڪڙو ضايع ٿي ويو آهي ۽ ساڳي ئي ڪار وونڻن، ڀاڄين ۽ ٻين فصلن سان ٿي وئي آھي. غريبن جو گذر سفر فصل توڙي چوپائي مال تي ھوندو آھي، فصل ته گھڻي ڀاڱي ختم ٿي چڪا آهن پر چوپايو مال ھيٺاهين وارن ھنڌن توڙي زمينن ۾ پاڻي بيھڻ سبب مڇرن ۽ ٻين جيتن پيدا ٿيڻ ڪري مختلف بيمارين ۾ وٺجي رھيو آھي ۽ انسانن ۾ به مليريا ۽ ڪالرا جھڙيون موذي بيماريون پيدا ٿي رھيون آھن، سرنديءَ وارن کي عرض ٿو ڪجي ته ڏکيائيءَ واري ھن گھڙي ۾ غريبن جي دل کولي مدد ڪن، ڌڻيءَ در دعا آهي ته پروردگار شال پنھنجي پناهه ۽ امان ۾ رکي ۽ وڌيڪ برساتن کان بچائي.

محمد رضا خاصخيلي/ ڳوٺ حسين آباد، خيرپور

چيف سيڪريٽري، چيف منسٽر کي اپيل!

اسان جي اعليٰ انتظاميه کي اپيل آهي ته حيدرآباد شھر کي بچائڻ لاءِ ھنگامي حالت جو اعلان ڪري موجوده انتظاميا جن ۾ ڪمشنر، ڊي سي، اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڇ ايم سي، تعلقي ميونسپل ايڊمنسٽريٽو ۽ واسا ايم ڊي کي گرفتار ڪري نظر بند ڪيو وڃي ۽ شهر جو انتظام ڪنٽونمينٽ بورڊ حيدرآباد جي حوالي ڪيو وڃي ته جيئن شھر جو برساتي پاڻي نيڪال ممڪن ٿي سگهي ۽  گهرن ۾ محدود ٿيل شھر واسي ٻاهر نڪري سگهن. شھر جي تباهي جي ذميوار موجوده ضلعي انتظاميا آهي، جنهن کي موسميات کاتي اڳواٽ ئي خبردار ڪيو هو، ان جي باوجود انتظاميا شھر جي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ڪي به گهربل اپاءَ نه ورتا، جن ۾ مک نالين جو ڪم مڪمل نه ڪرڻ آهي، جنهن ۾ حددخليين ڪندڙ رڪاوٽ بڻيل ھئا، جن کي انتظاميا ھٽائڻ ۾ ناڪام رهي يا ڪا به ڪوشش نه ڪئي وئي آهي. هن برساتن جو خطرناڪ سلسلو جاري آهي جنهن دوران حيدرآباد جا روڊ تباهه ۽ نالا ابتا وهي رهيا آهن، انهن ڳالهين جون ذميواريون ڪير قبول ڪندو، هي شهر مسلسل تباهيءَ جي طرف وڌي رهيو آهي.

شبير کوکر/  قاسم آباد، حيدرآباد