سوال/سروي … برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، انتظامي آفيسر رڳو سيلفيون ڪڍڻ ۾ مصروف آهن، واهر ڪئي وڃي: عوام

0
170

   ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته برساتن جي ڪري اوهان جي علائقي ۾ ڇا صورتحال آهي ؟ انتظاميا جي ڪارڪردگي کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، انتظاميا متاثرن جي ڪا به واهر نه ڪئي آهي، روڊ رستا تلاءُ جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، متاثر علائقن کي آفت سٽيل قرار ڏئي متاثرن جي واهر ڪئي وڃي، اهو به چيو ويو ته اڪثر انتظامي آفيسر رڳو سيلفيون ڪڍڻ ۾ مصروف آهن باقي ڪم نٿو ٿئي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي پيار علي چانڊيو لکيو ته  قمبر ضلعي جي يوسي خيرپور جوسو سخت متاثر ٿي آھي، برساتي پاڻي رھائشي گھرن ۾ داخل ٿي ويو آھي، انتظاميه جو ڪو به تحرڪ ڏسڻ ۾ نٿو اچي، حسيني آصف علي لکيو ته نوشهروفيروز شهر جي صورتحال هر روز بد کان بدتر ٿيندي پئي وڃي ويتر برساتن کانپوءِ انتظاميا صفائي ته ڇڏيو پر بيٺل پاڻي به نيڪال ناهي ڪري سگهي، جنيد زرين بلوچ لکيو ته انتظامي عملدارن جي الله کي خبر ڪٿي آھن. باقي ڄامشورو سٽي جي ماڊل ٽائون.ڀريامحلا.غريب آباد.بسم الله ٽائون. ۽ اڪثر علائقن ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، اياز علي راهوجو لکيو ته اسان پپري فوٽبال گرائونڊ بن قاسم ٽائون ڪراچي ۾رھون ٿا ھتي روڊن تي پاڻي بيٺل آهي، نويد پنهور لکيو ته مسلسل برسات پوڻ جي ڪري ڳوٺ سليمان سومرو ۾ماڻھن جو پيٽ گذر ڪرڻ مشڪل ٿي ويوآھي انتظاميا اڃان تائين گم آھي، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته تعلقي ٺل ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي انتظاميا مڪمل طور تي ناڪام آهي، نه روڊ نه رستا نه نالين جو سسٽم صرف تباهي انتظاميا جا آفيسر سيلفيون ڪڍرائڻ ۾ مصروف آهن، قادر بخش زئور لکيو ته انتظاميان نظر نٿي اچي بٺوري شھر ۽ آس پاس رڳو پاڻي آھي مڇرن جو غذاب آھي ماڻھو مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن برسات ڪاميٽي ڪوڙا بل ٺاھڻ ۾ پوري آھي، ارباب بچواڻي لکيو ته عمرڪوٽ ۾ برسات ڪم لاهي ڇڏيا آهن مالڪ سائين رحم ڪرم ڪري باقي ھتي برسات کان پوءِ تيز ھوا ٻيو ڪکاوان گهر ڊھڻ جو خدشو آهي، گل حسن شر لکيو ته اسان وٽ ورڪشاپ ويجھو ڳوٺ ھيبت شر ۾ برسات سبب فصل مڪمل تباھه ٿي چڪا آهن مال متاع بيماري سبب ڪافي ڍور مري ويا آهن ڪچا گھر ڪري پيا آهن، مڇرن جو آزار آھي ورڪشاپ جي سرڪاري اسپتال ۾ ڪھڙي به بيماري وارو ماڻھو وڃي ٿو ان کي رڳو پونسٽان گوري ڏني وڃي ٿي پورھيت پيربخش شر جو گھر ڪري پيو پر ڪنھن به سندس واھر نه ڪئي آهي، شاهنواز چاوڙو لکيو ته سيراڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برساتن دوران گوڏي جيڏي گپ آهي، پرويز خاصخيلي لکيو ته لعلورائنڪ ۾ به پوري سنڌ جيان هر گهٽي ۾ چمڪ لڳي پئي آهي، ڇا بيان ڪجي، الياس سمون لکيو ته تعلقي ڪيٽي بندر جي حالت ھن وقت ڳڻتي جوڳي آهي ھڪ طرف کان گذريل 46 ڏينهن کان برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي ٻئي پاسي سمنڊ ۾ چاڙهه سبب ڪيترا ڳوٺ ٻڏي ويا آهن ماڻهو دربدر ٿي روڊن رستن تي بي يارو مددگار ويٺل آهن ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي پر انتظاميا رڳو سيلفيون ڪڍڻ ۾ مصروف آهي، صدام پيرزادو لکيو ته احمدپور ۾ ماشا الله برسات ايتري قدر آهي جو ڪوبه گهٽين مان پاڻي ڪڍڻ وارو نه آھي اسان اھا اڳ ۾ تجويز ڏني ھئي ٽائون ڪاميٽي ۾ جيڪي صفائي وارا ملازم آهن انھن کي الرٽ رکيو وڃي، شنڪر لال لکيو ته تمام خراب صورتحال آهي ڪير پڇڻ وارو  ناهي، ظفر رند لکيو ته اسان جي شھر مقصودو رند جي صورتحال نارمل آھي، ممتاز علي سميجو لکيو ته سنڌ جي ٻين شهرن جيان ميرپوبٺورو ضلعي سجاول ۾ به هلندڙ مسلسل برسات سبب تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي پر انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي ڪارڪردگي اها آهي جو اڳواٽ گورنمينٽ کي لکي ڏنو اٿن ته ضلعي ۾ ڪو به نقصان ناهي ٿيو، عبدالستار بلوچ لکيو ته تمام خراب صورتحال آهي، محمد يونس رستماڻي لکيو ته ڏيئي شهر ۾ مسلسل چار ڏينهن کان وقفي وقفي سان برسات جاري رهڻ ڪري ڳوٺن کان شهر طرف اچ وڃ معطل ٿي وئي آهي ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن انتظاميا نظر ئي نٿي اچي. بابو شاهه جيلاني لکيو ته هتي ڪو ڌڻي سائين ناهي، شفيع ملاح لکيو ته ٺري ميرواهه ۾ سرڪاري عملدار پاڻي نيڪال ڪرڻ بدران چون پيا قدرتي آفت آھي اسان ڇا ڪيون؟ شير محمد رونجها لکيو ته جيڪي نوان چونڊجي آيا آھن انھن جو چوڻ آھي ته اسان اڃان حلف نه کنيو آھي نه ئي بجيٽ آھي، عادل الاهي بخش لکيو ته ٺري ميرواهه ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي، تعلقي کي آفت سٽيل قرار نه ڏنو ويو آھي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته ڳڙهي خيرو ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، انتظاميا ڪا مدد ناهي ڪئي، ياسر عرفان مهراڻپوٽو لکيو ته ٿرپارڪر ۾ تمام زوردار برسات وسي آهي ڪلھه کان وقفي وقفي سان جاري آهي، ميانداد مري لکيو ته ڪنڌڪوٽ ۾بھترين انتظام ٿيل آھي، سڪندر علي لکيو ته ٽالهي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ مسلسل ٽن ڏينهن کان وقفي وقفي سان برسات جاري آهي فصلن ۽ ڪچن گهرن کي نقصان جو خدشو آهي، عبدالقادر گبول لکيو ته ٻيڙي ھجي ھا ته شھر گھمڻ جو مزو ماڻجي ھا، خيرپور سٽي جي حالت اها آهي، شاهد ڏاهري لکيو ته ڀريا روڊ ۾ روڊ رستا ٻڏل آهن ۽ انتظاميا غائب آهي، ظفر لاشاري به راءِ جو اظهار ڪيو، نماڻو نوناري لکيو ته برسات ۾ نقصان کانسواءِ ڪجهه به ناهي، سنتوش ڪمار لکيو ته گهگهر ڦاٽڪ ۾ به برسات گهڻي آهي. اسد زرداري لکيو ته سرھاڙي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ مسلسل اٺن ڏينهن کان وقفي وقفي سان تيز برسات جاري آهي برسات جو پاڻي ڳوٺن جي گھٽين ۾ بيٺل آھي پر انتظاميا غائب آھي، محمد اسماعيل لانگاهه لکيو ته ڪاڇي جو شهر ڊرگھه بالا بلڪل لاوارث بڻيل آهي علائقي ۾ انتهائي ڏُکي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، ڊاڪٽر خليق زمان لکيو ته سڄي سنڌ جيئان ڪنڌڪوٽ ۾ به انتظامن جو فقدان آهي، گهر گهٽيون نالا تلاءَ بڻيل آهن، ڪنيز فاطمه راڄپر لکيو ته برسات تباهي ڪري ڇڏي آهي، خير محمد جمالي لکيو ته اسان جي علائقي بکر جمالي جي درجن کان مٿي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل آھي، گندگي ڦھلجي ويئي آهي، شيراز احمد لکيو ته ڳوٺ مٺو خان چانگ ٽنڊو غلام حيدر ۾ اسان وٽ پوين ٽن ڏينھن کان شديد برسات جاري آهي، لنڪ روڊن سان رابطو ڪٽيل آهي، فصلن کي شديد نقصان پھتو آھي. فضل سبزوئي لکيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ 3 ڏينهن کان مسلسل برسات عام زندگي مفلوج بڻائي ڇڏيو آهي، حاجي خان پنهور لکيو ته ٽنڊو غلام حيدر تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ نورمحمد ڪنڊرا سميت ڪيترن ڳوٺن سان زميني رابطو بلڪل ڪٽيل آهي جنهن جي ڪري ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته شڪارپور يوسي مريد سيٺار جي علائقي ۾ ڪچي آبادي ڳوٺ علي آباد جاڳڻ روڊ شڪارپور ۾ مسلسل برسات ۾ پنج گھر ڪري پيا ڪافي مالي نقصان ٿيو آھي تفصيل مطابق ٻڌائيندو ھلان ته ھي ڳوٺ 2011ع جي برساتن ۾ بلڪل تباھ ٿي چڪو ھو ان وقت به انتظاميا مالڪي نه ڪئي ھئي علي آباد جاڳڻ روڊ شڪارپور واسين بي يارو مددگار ھئا ھاڻي وري شڪارپور جي انتظاميا کان ڪھڙي اميد ڪجي. محمد موسيٰ کٽي لکيو ته شهر ڪڍڻ ۾ 8 ڏينهن کان بجلي بند هئڻ ڪري پاڻي جي شديد کوٽ آهي، ڪاروبار تي شديد مشڪلاتون پيون اچن ماڻهو جي گهر ۽ دوڪان تي سولر پليٽ بيٽري جي چارجر ختم ٿي وئي ، نقاش احمد لکيو ته برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، لڳي ٿو هاڻي ٻيڙي تي شھر وڃڻو پوندو، يونس نهڙي لکيو ته

‏جُھريل منھنجي جُھوپڙي لُڙھي ويئي رات،

وُٺي اھڙي برسات اَجھو نه رھيو اڱڻ تي..

عبدالرحمان کوسو لکيو ته ڄامشورو جو به ساڳيو حال آهي، ڪھڙا لکي ڪھڙا سور لکون، احسان عيسيٰ لکيو ته برسات سڄي سنڌ جيان يوسي ٻيلو جا ڪم لاھي ڇڏيا آھن پر سجاول ضلعي جو  ڊي سي چوي ٿو ته سڀ خير لڳو پيو آھي، شوڪت علي چانگ لکيو ته ڇا لکو وقت جي حڪمرانن لاءِ، 14 ڏينهن کان ڪم بند آهي، امتياز جمالي لکيو ته تمام خراب صورت حال آهي، ساگر علي گراڻو لکيو ته جھڏو ۾ لاڳيتو برسات آهي، عبداللطيف مستوئي لکيو ته ميرپور ٻرڙو ۽ ڀرپاسي وارن ھلندڙ ھڪ ھفتي کان برسات جو سلسلو جاري آهي ميرپورٻرڙو ۽ ڀرپاسي ساريالو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو انتظاميا کي اپاءَ نه ورتا شاخون واھه اوور ٽاپ ھلڻ لڳا، واھه کي گهارا پوڻ ڪري 1000ايڪڙن تي ساريالو فصل ٻڏي ويو، پاڻي ڳوٺن طرف وڌڻ لڳو آهي، ڳوٺاڻن پاران پڪي طرف لڏ پلاڻ شروع ٿي وئي آهي، ضلعي جيڪب آباد کي آفت ستل قرار ڏئي ڪري مدد ڪئي وڃي، قاري اسدالله لغاري لکيو ته خيرپورناٿن شاھه، ڪاڇي ۾ تباهي ئي تباهي جا منظر آهن، ايف پي بند ۽ ڇنڊڻ جي وچ وارن علائقن جا ماڻهو انتهائي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ لڏپلاڻ تي مجبور آهن، ايف پي بند ۾ پاڻي ته ڪيپسٽي کان گهٽ آهي پر بچابند ڪنهن وقت به ٽٽي سگهي ٿو، ڇوته ايف پي بند انتهائي زبون حالت ۾ هنڌان هنڌان ٽٽل آهي پر هن وقت هن وڏي آفت جي صورتحال ۾ به ايف پي بند تي ڪابه انتظاميه يا ڪابه مشينري نه پهتي آهي، ايم اين وي ڊرين “ڇنڊڻ” جي به ساڳي صورتحال آهي هڪ ته ايم اين وي ڊرين جا ڪپر بلڪل زبون حالت ۾ آهن ٻيو وري ايم اين وي ڊرين ۾ ڪيپشتي کان وڌيڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، اي ڊي شر لکيو ته ٺري ميرواھه ۾ تيز طوفاني بارشون پيون آهن 45 کان مٿي گهر ڊهي پيا ۽ 8 کان مٿي ماڻھو فوت ٿي چڪا آهن جيڪي ڇتين ڪرڻ کنوڻ سان فوت ٿيا آهن، پر افسوس سموري ضلعي خيرپور کي برسات سٽيل قرار ڏنو ويو پر صرف ٺري ميرواھ ڇو رهجي ويو ..؟ عبدالرحمان چانگ لکيو ته ڪرونڊي ۽ ڀرپاسي ۾ تيز برسات مسلسل ٿي رهي آهي ،برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي افسوس برسات سبب 5کان وڌيڪ معصوم ٻارڙا به فوت ٿي چڪا آهن پر انهن جي وارثن جي به مالي مدد نه ٿي سگهي آهي.