سنڌ ٻڏي رهي آهي

0
197
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

 24 ڪلاڪن کان لڳاتار هلندڙ برسات سڄي سنڌ کي ذري گهٽ ٻوڙي ڇڏيو آهي.شايد ئي ڪا ڪنڊ ۽ ڪو علائقو هجي جتي اها برسات نه پئي هجي.وقفي وقفي سان وسندڙ اها برسات ڪٿي گهٽ ڪٿي وڌيڪ شهري ٻوڏ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي،جنهن جي اڳڪٿي موسميات کاتي ڪئي هئي.هن وقت شهر ندين جو ڏک ڏئي رهيا آهن ،شهرن جون گهٽيون جبل تان لهندڙ نئين جهڙي صورت اختيار ڪري چڪيون  آهن. پر ان صورتحال ۾ جيڪا سڀ کان وڌيڪ اذيت پهچائيندڙ ۽ افسوسناڪ ڳالهه آهي اهو انتظاميا جو رويو آهي جنهن عوام کي بيوسي ۽ حالتن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي.ايئن ٿو لڳي انتظاميا ڄاڻي واڻي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.جيستائين ڪنهن علائقي ۾ ڪو وزير مشير نه ٿو پهچي تيستائين ضلعي ۽ تعلقي انتظاميا به ٻاهر نڪري صورتحال کي منهن ڏيڻ يا ڦاٿل ۽ متاثر ماڻهن جي مدد  ڪندي نظر نه ٿي اچي.هر هنڌ شايد اهڙي صورتحال نه هجي پر اسان جي انتظاميا ۽ بيورو ڪريسي جو مجموعي طور اهو ئي رويو آهي جنهن ڪري برسات کان وڌيڪ انهن جي رويئي جي ڪري نقصان ٿي رهيو آهي يا صورتحال وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي.

هي ڪنهن هڪ شهر يا ڪنهن ضلعي جو مسئلو ناهي پر سڄي سنڌ انهي صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي، اها برسات هجي يا ڪاموراشي جو رويو ٻئي هڪ جيترو هر هنڌ نقصان پهچائي رهيا آهن.اها برسات ڪا اوچتو نه آئي آهي جو ايئن چئجي ته اوچتو آيل هيڏي وڏي برسات جي ڪري انتظاميا کي تياري يا انتظام ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگهيو. هڪ ته مهيني کن کان لڳاتار برساتون وسي رهيون آهن ۽ ٻيو ته هر ڏينهن هڪ نئون الرٽ جاري ٿي رهيو هو ته ڪنهن ڏينهن ڪيتري برسات جو امڪان آهي ۽ ڪٿي ڪٿي برساتون وسي سگهن ٿيون. ٻه ڏينهن اڳ  شروع ٿيل برسات لاءِ به اڳواٽ ٻڌايو ويو ته هي جيڪو سلسلو شروع ٿيندو ان ۾ شهري ٻوڏ پيدا ٿيڻ جو خطرو يا امڪان آهي

جنهن جو مطلب ته انتظاميا ان ٻوڏ جي نقصان کي گهٽ ڪرڻ ۾ پنهنجا وسيلا انهي وقت ئي استعمال ڪرڻ شروع ڪري ها ته شايد نقصان ايترو نه ٿئي ها،جنهن ۾ سڀ کان پهرين اهي گهٽ گهيڙ کوليا وڃن ها جتي وڌ ۾ وڌ پاڻي گڏ ٿيڻ جو خطرو هو،ناليون ۽ ڊرينيج سسٽم کي صاف ڪيو وڃي ها ته جيئن انهن ۾ وڌ کان وڌ ۽ تيزي سان پاڻي نيڪال ڪرڻ جي گنجائش هجي ها،بجلي جي فراهمي کي يقيني بنائجي ها يا متبادل انتظام ٿيل هجن ها ته جيئن موٽرن ذريعي وڌ کان وڌ پاڻي نيڪال ڪري سگهجي ها، پر اسان جي انتظاميا سدائين وانگر انهن وارننگز ۽ اڳڪٿين کي هڪڙي ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيو.ڇاڪاڻ ته اها انتظاميا ته پاڻ وڏن بنگلن ۽ گهرن ۾ سرڪاري رهي ٿي ۽ سرڪاري گاڏين ۾ گهمي ٿي ته انهن کي ڪهڙي پرواهه ته ڪنهن گهر آڏو نيڪال سسٽم جام ٿيڻ ڪري پاڻي جي گهر ۾ داخل ٿيڻ سان ڪهڙي اذيت ۾خاندان گذاريندا آهن؟ ڪنهن پاڙي يا ڪالوني ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال ٿيڻ ڪري انهن کي محفوظ ۽ ڪنهن سرڪاري جاءِ تي پهچائڻ ۽رهائڻ جو بندوبست ڪرڻ انتظاميا جي ذميواري هوندي آهي،ڏهاڙي تي ڪمائيندڙ لڳاتار برسات سبب بيروزگار ٿيل  خاندانن کي ٻن ويلن جي ماني جو بندوبست ڪري ڏيڻ جو ذمو انهي انتظاميا جو هوندو آهي.ڪنهن اوچتي حادثي يا واقعي کان بچاءَ ڪرڻ جي ڪوشش به انهي انتظاميا جي هوندي آهي. پر ڇا ڪجي انهن مان ڪو هڪڙو ڪم به ڪندي انتظاميا يا سرڪار ڪٿي نظر نه ٿي اچي،جنهن ڪري ڪچا گهر ڊهڻ سبب ماڻهو بي يار مددگار کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن،ماڻهو لنگهڻ ڪاٽي رهيا آهن،گهرن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي ۽ حادثن ۽ واقعن ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿي رهيون آهن؟ جيڪڏهن ايئن چئجي ته انهي صورتحال ۾ عوام کي انتظاميا ۽ حڪومت اڪيلو ڇڏي ڏنو آهي ته غلط نه ٿيندو.سرڪار ۽ انتظاميا انهي عوام جي  ٽئڪس جي پئسن تي ئي سڀ رعايتون پگهارون ۽ سهولتون حاصل ڪري رهيا آهن جيڪڏهن اهڙي مصيبت ۾ به انهي جي مدد لاءِ اهي آڏو نه ٿا اچن ته باقي اهي ڪهڙي حساب ۾ انهن ڪرسين تي ويٺا آهن ۽ اهي سڀ رعايتون  حاصل ڪري رهيا آهن.

اسان سمجهون ٿا ته هي غير معمولي صورتحال آهي جنهن کي سنڌ منهن ڏئي رهي آهي.اڳ سوڪهڙي سبب تباهه ٿيل سنڌ هن وقت برساتي ٻوڏ ۾ ٻڏي رهي آهي پر اقتداري ايوانن ۾ انهي سنڌ کي ايمرجنسي ۾ ريسيڪو ڪرڻ جي ڪو فڪر نظر نه ٿو اچي رڳو ايمرجنسي ڊڪليئر ڪرڻ جي نوٽيفڪيشن ڪڍڻ انهن جي ذميواري ناهي پر عوام سان هن ڏکئي وقت ۾ گڏ بيهڻ ۽ انهن جون تڪليفون گهٽائڻ ئي انهن جي اصل ذميواري آهي.