پنجويهه ڊالرن ۾ ورتل ٿانو 60 هزار ڊالرن جا نڪتا

0
220
پنجويهه ڊالرن ۾ ورتل ٿانو 60 هزار ڊالرن جا نڪتا
پنجويهه ڊالرن ۾ ورتل ٿانو 60 هزار ڊالرن جا نڪتا

لنڊن(انٽريسٽنگ نيوز) رڳو 25 ڊالرن ۾ خريد ڪيل چيني جو ٺهيل مرتبان جو جوڙو ناياب شي نڪتو ۽ ان جي 60 هزار ڊالرن ۾ نيلامي جو امڪان آهي

لنڊن جي استعمال ٿيل شيون وڪڻندڙ دڪان ٿرفٽ اسٽور مان خريد ڪيل ٻه ننڍا مرتبان اصل ۾ ڪنگ دور سان واسطو رکن ٿا ۽ اميد آهي ته انهن کي نيلام ڪيو ويو ته هي جوڙو 60 هزار ڊالرن ۾ وڪرو ٿي ويندو

16 مئي تي هنن کي نيلامي لاءِ پيش ڪيو ويندو. پورسلين مان ٺهيل هي ٻئي ٿانو اهڙا آهن جو هنن تي ڪنول ۽ گل دائودي جا گل اڪريل آهن اهو طريقو ڊوڪائي سڏبو آهي جيڪو پهريون منگ بادشاهت ۾ سامهون آيو هو انهن ۾ نيرو رنگ وڌيڪ استعمال ڪيو ويو آهي جيڪو ان وقت تمام گهڻو مقبول به هو

ٻئي ٿانو صاف ۽ سٺي حالت ۾ آهن ۽ اهوئي سبب آهي جو مهانگا نيلام ٿي سگهن ٿا. ان کي 25 ڊالرن ۾ خريد ڪندڙ شخص کي ان جي اهميت جي ڪا خبر نه هئي بعد ۾ ان جي اصل ماليت ۽ اهميت جي خبر پئي