پي ڊي ايم جي ڌرڻي جو مقصد چيف جسٽس کي داٻي ۾ آڻڻ آهي: عمران خان

0
250
عمران خان کي اسلام آباد جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ کان معذرت
عمران خان کي اسلام آباد جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ کان معذرت

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان دعويٰ ڪئي آهي ته پي ڊي ايم جي سپريم ڪورٽ آڏو ڌرڻي جو واحد مقصد چيف جسٽس کي داٻي ۾ آڻڻ آهي، حڪمران جماعتن جي احتجاج جو مقصد چيف جسٽس کي آئين موجب فيصلو ڪرڻ کان روڪڻ آهي

عمران خان اِها به دعويٰ ڪئي  آهي ته  لنڊن پلان تحت مون کي 10 سالن لاءِ قيد ۽ پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي

پنهنجن ٽويٽس ۾ عمران خان چيو ته جيئن اوڀر پاڪستان ۾ عوامي ليگ تي پابندي هنئي وئي هئي، تيئن منهنجي خلاف به بغاوت جو ڪيس داخل ڪرائي قيد ڪيو ويندو

هن چيو ته، لنڊن پلان تحت منهنجي پارٽيءَ تي پابندي هنئي ويندي، هنن جو منصوبو اهو آهي ته بشريٰ بي بي کي قيد ڪري مون کي اذيت پهچائين، عوام کي يقين ڏيارڻ چاهيان ٿو ته آخري دم تائين وڙهندس

هي به پڙهندا

پي ڊي ايم ڌرڻو، ڪارڪن ريڊ زون ۾ داخل، حڪومت سان ڳالهيون ناڪام