سردار ڪيتري به ڪوشش ڪن، آئون ٿڪجڻ واري ناهيان: ام رباب چانڊيو

0
314
سردار ڪيتري به ڪوشش ڪن، آئون ٿڪجڻ واري ناهيان: ام رباب چانڊيو
سردار ڪيتري به ڪوشش ڪن، آئون ٿڪجڻ واري ناهيان: ام رباب چانڊيو

لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) ميهڙ ۾ ٿيل ٽيڻي قتل واري  واقعي بابت مختلف درخواستن تي سنڌ  هاءِ ڪورٽ بئنچ ۾ ٻڌڻي نه ٿي سگهي، عدالت جو جج  موڪل تي هئڻ  سبب ڄاڻايل درخواستن جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي

ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته گذريل ٻڌڻي تي عدالت گڏيل  پٽيشنن کي ڌار ڌار ٻڌڻي مقرر ڪئي هئي،  سردار ڀلي ڪيتريون به ڪوششون ڪن پر مان ٿڪجڻ واري ناهيان، عدالتن مان  انصاف جي اميد آهي

هن چيو ته پهرين ڏينهن کان چوان پئي ته اسان جي حياتين کي خطرو آهي، شاهدن تي به دٻاءُ وڌو پيو وڃي، اسان ڪيس جي پيروي ڪري رهيا آهيون، انشاءُ الله اسان کي انصاف ضرور ملندو

سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو پاران ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ واري عدالتي فيصلي خلاف درخواست داخل ٿيل آهي، ڪيس ۾ جيل ڀوڳيندڙ سڪندر چانڊيو،  ذوالفقار چانڊيو ۽ ڪريم بخش چانڊيو  جون ضمانت لاءِ درخواستون داخل ڪرايل آهن

هي به پڙهندا

سردار نٿا چاهين ته ڪيس ۾ ڪا اڳڀرائي ٿئي، دير وارا حربا استعمال پيا ڪن: ام رباب چانڊيو