پنجاب اليڪشن: عدالت جو حڪم حتمي آهي: چيف جسٽس

0
225
پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ چيف جسٽس کي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو آهي: چيف جسٽس
پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ چيف جسٽس کي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو آهي: چيف جسٽس

14مئي جو ڏينهن گذري ويو پر سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت عام چونڊون نه ٿي سگهيون

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني خصوصي بينچ اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني اپيل تي ٻڌڻي ڪئي

اليڪشن ڪميشن 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ واري فيصلي تي نظرثاني درخواست داخل ڪرائي آهي

ٻڌڻي شروع ٿي ته چيف جسٽس چيو ته ڌرين کي نوٽيس جاري ٿا ڪريون، ان صورت ۾ صوبن کي به نوٽيس جاري ٿيندا

سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ايڊووڪيٽ جنرلز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن

چيف جسٽس اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته اپيل ٻڌڻ جوڳي هُجڻ بابت دليل ڏيو ۽ اِنهن دليلن ۾ ڪيترو وقت لڳندو؟  جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته مونکي 3 کان  4 ڪلاڪ کپنانٽيليجنس ادارا ججز جي مقرريءَ کي ڪيئن ٿا ڪنٽرول ڪري سگهن؟: جسٽس اطهر من الله

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ٻاهر ڏسو ڇا ٿي رهيو آهي، ملڪي ادارن ۽ اثاثن کي ساڙيو پيو وڃي، وفاقي حڪومت بيوس نظر اچي رهي آهي، گذريل ڪجهه ڏينهن دوران جيڪو ٿيو آهي ان کي به ڏسنداسين

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جهڙي انداز سان سياسي پارٽيز ڪم  ڪري رهيون آهن، اُهو درست نه آهي

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته آئين موجب 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿيڻون آهن، 90 ڏينهن مطلب 90 ڏينهن، حڪومت ۽ اپوزيشن کي صبر جو مظاهرو ڪرڻو پوندو

چيف جسٽس عمرعطا بنديال چيو ته 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم هو ته 14 مئي تي ئي عمل ٿيڻو هو، پنهنجي ڪنڊڪٽ بابت عدالت کي مطمئن ڪيو

عدالت چيو ته اليڪشن ڪميشن پهرين چونڊن لاءِ فنڊز ۽ سيڪيورٽي نه ملڻ جا مسئلا ٻڌايا، اڄ ته اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي اختيار تي ئي سوال اٿاري ڇڏيا آهن

اٽارني جنرل حڪومت جي مذاڪراتي ٽيم کي ٻاهر آڻي، حڪومت ڳالهين جي دعوت ڏئي ته پي ٽي آءِ جو وڪيل علي ظفر به پنهنجي قيادت سان ڳالهائي

عدالت وفاق، پنجاب، ڪي پي ۽ سياسي جماعتن ۽ کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

هي به پڙهندا

پي ڊي ايم ڌرڻو، ڪارڪن ريڊ زون ۾ داخل، حڪومت سان ڳالهيون ناڪام