ڀارتي اداڪارا مونيڪا بيدي کي ابوسليم سان لاڳاپن تي پڇتاءُ؟

0
204
ڀارتي اداڪارا مونيڪا بيدي کي ابوسليم سان لاڳاپن تي پڇتاءُ؟
ڀارتي اداڪارا مونيڪا بيدي کي ابوسليم سان لاڳاپن تي پڇتاءُ؟

ممبئي (شوبزنيوز) 1993 جي ممبئي بم ڌماڪن جي مک جوابدار ابو سليم جي پيار ۾ ڀارتي اداڪارا مونيڪا بيدي کي جيل وڃڻو پئجي ويو. مونيڪا سنجي دت، سلمان خان، سنيل شيٽي، سيف علي خان جهڙن سُپر اسٽار اداڪارن سان گڏ ڪم ڪيو

هن جوڙي نمبر ون، کلونه ۽ سرڪشا جهڙين فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، پر فلمن کان وڌيڪ هوءَ ابو سليم سان لاڳاپن جي ڪري تمام گهڻو مشهور ٿي. ابو سليم جي پيار ۾ مونيڪا بيدي پاڻ کي  ايترو گم ڪيو جو هن پنهنجو سڀ ڪجهه ڇڏي ساڻس گڏ پنهنجي باقي زندگي گهارڻ جو فيصلو ڪيو
هن هڪ انٽرويو دوران پنهنجي پريم ڪهاڻي بابت خيالن جو اظهار ڪندي ٻڌايو هو ته  جڏهن اوهان ڪنهن سان پيار ڪندا آهيو ته ان جي انجام جي پرواهه ناهيو ڪندا

هن چيو ته کيس شروع ۾ ابو سليم جي ڪارنامن بابت ڄاڻ نه هئي. جيتوڻيڪ کيس هوريان هوريان احساس ٿيو ته سندس بواءِ فرينڊ طاقتور انسان آهي، پر پرتگال ۾ گرفتار ٿيڻ بعد کيس پتو پيو ته ابو سليم حقيقت ۾ ڪهڙو ماڻهو آهي

سندس چوڻ هو ته ابو سليم وٽ پئسو هو انڪري ماڻهو سمجهندا هئا ته مان راڻيءَ وانگر رهندي هونديس، پر مون ساڻس گڏ ڏکيو وقت به گذاريو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مون سٺي زندگي گذاري آهي ته اها رڳو پنهنجي ماءُ پيءُ جي گهر ئي گذاري آهي