اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪمران اتحاد جي ٽن وڏين پارٽين جي سربراهن وچ ۾ فون تي رابطو،  تحريڪ انصاف پاران سڌي ريت ڳالهين لاءِ رابطو ڪرڻ تائين تحريڪ انصاف سان ڳالهيون نه ڪرڻ تي اتفاق، اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين سان ملاقات، پنجاب حڪومت جي خاتمي لاءِ 6 ق ليگ ميمبر ٽوڙڻ تي غور تفصيل موجب حڪومتي ذريعن ٻڌايو آھي ته حڪمران اتحاد ۾ شامل ٽن وڏين پارٽين جي سربراهن نواز ليگ سربراهه ميان نواز شريف، پيپلزپارٽي جي سربراهه آصف علي زرداري، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ فون تي رابطو ٿيو، جنهن دوران پي ٽي آءِ پاران پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلي ٽوڙڻ جي ڪيل اعلان بعد پيدا ٿيل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ذريعن موجب ٽنهي اڳواڻن سمورن اتحادي پارٽين کي فيصلن تي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن  موجب ٽنهي اڳواڻن ان ڳالھه تي اتفاق ڪيو ته تحريڪ انصاف پاران ڳالهين لاءِ سڌي ريت رابطي تائين پي ٽي آءِ سان ڳالھه ٻولهه نه ڪئي ويندي، صدر پاڪستان ذريعي پي ٽي آءِ پاران ڳالهين ڪرڻ جا پيغام موڪليا پيا پر ڳالهيون سڌي ريت رابطن بعد ڪيون وينديون، ٽنهي اڳواڻن وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ واري پي ٽي آءِ جي مطالبي کي رد ڪندي اتفاق ڪيو ته چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون. رابطي دوران پنجاب ۽ ڪي پي ڪي صوبي جي صورتحال تي به غور ڪيو ويو.  اهڙي رابطي بعد اسلام آباد ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين جي گهر پهچي ان سان ملاقات ڪئي، پيپلزپارٽي ملاقات جي تصديق ڪندي چيو آھي ته ملاقات ۾ ق ليگ سان تعلق رکندڙ وفاقي وزير طارق بشير چيمه ۽ پيپلزپارٽي جي رخسانه بنگش به موجود هئي، ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال خاص طور پنجاب صوبي جي موجوده  صورتحال تي غور ڪيو ويو، ذريعن موجب پنجاب اسيمبلي ۾ ق ليگ جي 10 ميمبرن مان 6 ميمبر ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت جي گروپ ۾ آڻڻ کي يقيني بنائڻ تي غور ٿي رهيو آھي، ان صورت ۾ پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ نه حاصل نه ڪري سگهندو ڇو ته پنجاب ۾ سادي اڪثريت جي حڪومت  لاءِ 186 ووٽ گهربل آھن، پي ٽي آءِ جا 180 ۽ ق ليگ جا 10 ميمبر ملائي پنجاب ۾ حڪومت جا ڪل 190 ميمبر ٿين ٿا، انهن مان ق ليگ جا اگر 6 ميمبر ڪڍيا وڃن ته سادي اڪثريت لاءِ گهربل تعداد 186 کان 2 ووٽ پنجاب حڪومت جا گهٽجي ويندا ۽ ان سان پنجاب ۾ نئين وزير اعليٰ جي چونڊ جو ماحول پيدا ٿي ويندو،  ڇو ته ق ليگ جي 6 ميمبرن کي ملائڻ سان پي ٽي آءِ مخالف پارٽين وٽ 186 ميمبرن جو تعداد ٿي وڃي ٿو، ذريعن مطابق ق ليگ سربراهه جي حيثيت سان چوڌري شجاعت حسين پنجاب اسيمبلي ۾ پارلياماني ليڊر به تبديل ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آھي پنجاب ۾ وڏي وزير جي چونڊ ۾ پارلياماني ليڊر جي فيصلي تحت ووٽ ڏيڻ جي به آئيني طور پابندي آھي.