لاهور(م ڊ) نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب حڪومتي اتحاد پنجاب ۾ گورنر راڄ لڳائڻ بدران ان هائوس تبديلي آڻڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي ۽ ان حوالي سان آصف زرداري کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، جنهن نمبر گيم تبديل ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. تبديلي لاءِ اعتماد جي ووٽ جو آپشن اختيار ڪيو ويندو جنهن لاءِ بي اعتمادي جي رٿ نه آندي ويندي، اعتماد جو ووٽ نه ورتو ويو ته وڏي وزير جي ٻيهر چونڊ ٿيندي.