پشاور(م ڊ) جي يو آءِ ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان سان ڪنهن به صورت ۾ ڳالهين طرف نه وينداسين، اسٽيبلشمنٽ پيشيواراڻين ذميوارين طرف وڃي رهي آهي، ان جي آجيان ڪنداسين. تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته 16 ڊسمبر اونداهو ڏينهن هو، اڄ هڪ ڀيرو وري نيازي اسان کي 16 ڊسمبر ياد ڏياري رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان غلطين جو گهر آهي، جنهن سان اسان ڳالهائڻ نه ٿا چاهيون، هو پاڻ ڳالهين جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، عمران سان ڪنهن به صورت ۾ ڳالهين طرف نه وينداسين.