اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف وقت کان اڳ چونڊن جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن چونڊن اميدوارن ۽ پارٽي اڳواڻن جو اهم اجلاس به طلب ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ ق ليگ سان وري صلاح مشورا ڪيا ويا آهن. فواد چوڌري حڪومت سان غيررسمي رابطن جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اسان جي ڪوشش آهي ته فوج ۽ عدليا جي ادارن سان تلخيون گهٽ ٿين. حڪومت کي سمجهائڻ جي ڪوشش آهي ته چونڊن کانسواءِ ڪو ٻيو نظام ملڪ کي استحڪام نه ٿو ڏئي سگهي. اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته معاشي صورتحال جي ڪري حڪومت تيزي سان پنهنجي اهميت وڃائي رهي آهي، ائين نه ٿئي جو خبر پوي ته هي سڀ ماڻهو جهاز ۾ ويهي ملڪ مان هليا ويا آهن ۽ پاڪستان ۾ خال پيدا ٿئي ائين نه ٿيڻ گهرجي، اسان خاص طور تي اسحاق ڊار کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيئ ته چونڊن کان علاوه ملڪ ۾ استحڪام ڪو ٻيو نظام نه ٿو آڻي سگهي. خدشو آهي ته هي حڪومت هاڻ گهڻي دير نه ٿي رهي سگهي، حڪومت کي ته هاڻ وڃڻو ئي آهي، چاهي 15 ڏينهن يا مهينو ٻيو گذاري وٺندا، ان بعد چونڊون ٿيڻ گهرجن ۽ ڪو آئين کان مٿاهون قدم نه کڄڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جي مسلسل ڪوشش آهي ته ادارن سان تلخيون گهٽ ٿين، اسان عدليه ۽ فوج سان تلخيون وڌائڻ نه  گهٽ ڪرڻ چاهيون ٿا، ڪجهه عنصر اهڙا آهن جيڪي اهي تلخيون وڌائي رهيا آهن، اسان جي ليڊرشپ کي ڏسڻو پوندو. هن چيو ته اعظم سواتي کانپوءِ هاڻ شهباز گل خلاف ڪيس داخل ٿي رهيا آهن، اسان کي ان تي ڳڻتي آهي، سمجهون ٿا ته اسان جيڪي لاڳاپا بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ڪجه ماڻهو يا وفاقي حڪومت انهن کي بگاڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ميڊيا ۾ اها خبر لڳرائي وئي ته عمران خان جي چيئرمين طور نااهلي لاءِ اليڪشن ڪميشن ڪارروائي شروع ڪري رهيو آهي، ان جو ڪو بنياد ناهي، عمران خان کانسواءِ پاڪستان جو سياسي منظرنامو مڪمل ئي نه آهي. هن چيو ته حڪومت جيڪا معيشت سان ڪئي آهي تمام جلد شهباز شريف، اسحاق ڊار، آصف زرداري لنڊن هليا ويندا ۽ فضل الرحمان جي ڪا خبر ناهي ته ڪابل ۾ ويٺو هجي. هن چيو اسان سمجهون ٿا ته ملڪ ۾ عبوري نظام ڊگهو نه هجڻ گهرجي، ان جي آئين ۾ ڪا گنجائش نه آهي،  اهڙي ڪنهن به تجويز کي رد ڪريون ٿا، اسان چونڊن ڏانهن وڌڻ چاهيون ٿا، اسان جي خواهش آهي ته 20 مارچ کان اڳ ئي چونڊ عمل مڪمل ڪيو وڃي، اسان جي حڪومت سان غيررسمي رابطا آهن، هن چيو ته پارٽي ۾ راءِ ۽ تاريخ تي اختلاف ٿي سگهن ٿا پر اسيمبيلون ٽوڙڻ تي ناهي ان تي سڀ متفق آهن، ق ليگ اسان جي اتحادي آهي، شهباز شريف پارلياماني جمهوريت تي ليڪچر ڏئي رهيو هو، ان جو پهورن اصول آهي ته جڏهن به حالتون هڪ حد کان وڌيڪ خراب ٿين ته توهان عوام وٽ ويندا آهيو، هي عوام کان ڀڄي رهيا آهن. پرويز الاهي چيو ته اسيمبليون ٽوڙڻ جو فيصلو عمران خان جو آهي، جڏهن چوندو اسيمبلي ٽوڙي ڇڏينداسين، سندن موقف آهي ته اسيمبلي ٽوڙڻ ۾ ڪجهه دير ڪرڻ گهرجي سڀاڻي سينئر اڳواڻن جو اجلاس ٿيندو، ڪوشش آهي ته هر معاملي تي مشاورت سان اڳتي وڌون، هن وقت گيس جي ضرورت آهي جنهن لاءِ ڪا پاليسي ناهي، تيل سڄي دنيا ۾ سستو ٿي ويو آهي اسان وٽ نه ٿيو آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڊار چيو ته نواز شريف سان ڳالهائي چونڊن بابت جواب ڏيندو پر هن وري صدر عارف علوي کي ڪو جواب ناهي ڏنو.