ارشد شريف جي ميڊيڪل رپورٽ غير تسلي بخش قرار: اڄ رات تائين ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

0
264
سپريم ڪورٽ پاران نئين جي آءِ ٽي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ ڪينيا ۾ قتل ٿيل سينيئر صحافي ارشد شريف جي قتل ڪيس بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي دوران عدالت حڪم ڏنو آهي ته پاڪستان ۾ ارشد شريف جو اڄ رات تائين قتل ڪيس داخل ڪيو وڃي، جڏهن ته عدالت ارشد شريف جي ميڊيڪل رپورٽ غير تسلي بخش قرار ڏني آهي

چيف جسٽس پاڪستان جي سربرهاي ۾ پنج رڪني لارجر بينچ ارشد شريف قتل ڪيس بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي هلائي

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ايڊيشنل اٽارني جنرل سان مخاطب ٿيندي واضح ڪيو ته اٽارني جنرل صاحب!، هڪ فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جُڙي هئي، ارشد شريف جي امڙ جو خط اچڻ بعد سپريم ڪورٽ جو ايڇ آر سيل به جاچ ڪري رهيو آهي

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته گهرو وزارت کي گذريل جمعي تي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ جمع ڪرائڻي هئي، پر رپورٽ اڃا تائين جمع ناهي ڪرائي وئي، ڇا گهرو وزير کي گهرايون؟، گهرو وزير ڪٿي آهي؟

چيف جسٽس جي سوال تي ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان عدالت کي ٻڌايو ته سڀاڻي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪنداسين

ايڊيشنل اٽارني جنرل جي وضاحت تي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جاچ جي مامري تي سپريم ڪورٽ نه پر حڪومت وقت ضايع ڪري رهي آهيصحافي ارشد شريف ڪيس

عدالت سوال ڪيو ته ارشد شريف کي ڇو قتل ڪيو ويو ۽ پرڏيهه ۾ ئي ڇو ارشد شريف قتل ٿيو؟

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ارشد شريف مشهور صحافي هو، پرڏيهي سيڪريٽري ڪٿي آهي؟ عدالت جي حڪم تي پرڏيهي سيڪريٽري اسد مجيد عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسد مجيد اڳ ئي ڪافي مشهور آهي، سوشل ميڊيا تي گهڻو ڪجهه چيو پيو وڃي

چيف جسٽس چيو ته اٽارني جنرل کي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي کي واپس آئي وقت گذري ويو آهي، حڪومتي ڪميشن جي حتمي رپورٽ اڃا تائين سپريم ڪورٽ کي ڇو نه ملي آهي؟ ڇا ٿي رهيو آهي، رپورٽ ڇو نه پئي اچي؟ ميڊيڪل رپورٽ به غير تسلي بخش آهي، سينيئر ڊاڪٽرن ميڊيڪل رپورٽ تيار ڪئي پر اها تسلي بخش نه آهي، هر انساني زندگي کي سنجيدگي سان وٺڻو پوندو، صحافين سان بدسلوڪي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، صحافي پاڪستان ۾ حق جو آواز آهن، ها جيڪڏهن صحافي ڪوڙ ڳالهائين ته حڪومت کي ڪارروائي ڪرڻ جو اختيار آهي

ايڊيشنل اٽارني جنرل جو چوڻ هو ته رپورٽ اچڻ وقت گهرو وزير فيصل آباد ۾ هو، راڻا ثناءُ الله ڏيکارڻ بعد رپورٽ سپريم ڪورٽ کي ڏني ويندي، رپورٽ ۾ ڪجهه حساس ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون

Building - Supreme Court of Pakistan

جنهن تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال پڇاڻو ڪيو ته ڇا گهرو وزير کي رپورٽ تبديل ڪرڻي آهي؟

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ارشد شريف جي قتل جو ڪيس داخل ڇو ناهي ڪيو ويو؟ جنهن تي گهرو سيڪريٽري موقف اختيار ڪيو ته ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ جو جائزو وٺڻ بعد ڪيو ويندو

جسٽس مظاهر نقوي چيو ته ڇا ڪيس داخل ڪرڻ جو اهو قانوني طريقو آهي؟ جسٽس اعجاز الحسن پڇاڻو ڪيو ته ڪيس داخل ٿيڻ کانسواءِ جاچ ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟

چيف جسٽس حڪم ڏنو ته فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ اڄ پيش ڪئي وڃي ته جيئن سڀاڻي ٻڌڻي ٿي سگهي، 43 ڏينهن کان رپورٽ جو انتظار آهي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 7 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ھي به پڙھندا

ڪينيا پوليس ارشد شريف تي فائرنگ ڪندڙ شُوٽر کي پيش نه ڪيو: ڊي جي ايف آءِ اي

سپريم ڪورٽ سينيئر صحافي ارشد شريف جي قتل جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو