ڪراچي: پنجاب ۾ 12 لک شهرين ۽ هيلٿ ورڪرن کي ويڪسين لڳائي وئي آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ ويڪسين لڳرائيندڙن جو انگ 12 لک، سنڌ ۾ 5 لک، ڪي پي ۾ 3 لک ۽ بلوچستان ۾ رڳو 45 هزار رهيو، هوڏانهن سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران هيلٿ ورڪرن ۽ وڏي ڄمار وارن 18026 شهرين کي ويڪسين لڳائي وئي، صحت کاتي جي اختيارين پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب 2324 هيلٿ ورڪرن کي پهريون ڊوز ۽ 618 هيلٿ ورڪرن کي ويڪسين جو ٻيو ڊوز لڳايو ويو. جڏهن ته وڏي عمر وارن 10569 شهرين کي پهريون ۽ 4515 شهرين کي ويڪسين جو ٻيو ڊوز لڳايو ويو، هوڏانهن حيدرآباد ۾19، لاهور ۾ 18، پنجاب ۾ 12، بلوچستان ۾ 18 سيڪڙو شرح رهي، بلوچستان جا 8 ضلعا وڌيڪ متاثر ٿيا آهن،