ڪراچي: صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ذرا پيچوهو انڪشاف ڪيو آهي ته آغا خان 13 ماڻهن جا سيمپل ورتا هئا، جن مان 10 برطانوي، 2 آفريقي ۽ هڪ برازيلي وائرس سامهون اچڻ جي تصديق ٿي آهي، ويڊيو بيان ۾ هن چيو ته ڪورونا خطرناڪ وائرس آهي، 100 مان 68 مريض فوت ٿي وڃن ٿا. هي وائرس ويڪسين باوجود به لڳي ويندو آهي، ڪورونا وائرس کان ويڪسين ذريعي بچي سگھجي ٿو پر ڏکڻ آفريقا جي وائرس کان بچي نه ٿو سگھجي. هن چيو ته جيڪڏهن ڀارت جيان هتي وائرس پکڙيو ته ڏکيائي ۾ اچي وينداسين.