ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت ڪورونا صورتحال سبب متاثر ٿيندڙ واپارين کي سنڌ بينڪ ذريعي آسان شرطن تي قرض ڏيڻ جو فيصلو ڪيوآهي. ان ڏس ۾ صنعتن واري صوبائي وزير اڪرام ڌاريجو ڪراچي جي واپارين سان گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ سنڌ واپاري اتحاد جي اڳواڻ جميل پراچا، سٽي واپاري اتحادجي چيئرمين شرجيل گوپلاڻي، عتيق مير ۽ ٻين شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ واپارين ڪورونا صورتحال سبب پيدا ٿيل خدشا ٻڌايا، ان موقعي تي صوبائي وزير اڪرام ڌاريجو چيو ته سنڌ سرڪار واپارين جي خدشن کان واقف آهي، ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندڙن تي ڏنڊ لڳايو ويندو. هن چيو ته اين سي او سي جي هدايت آهي ته ڪراچي جي اوڀر ضلعي کي مڪمل طور تي سيل ڪيو وڃي. هن واپارين کي چيو ته ڪورونا صورتحال سبب متاثر ٿيندڙ واپارين کي سنڌ بينڪ ذريعي آسان شرطن تي قرض فراهم ڪيو ويندو.