ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) پ پ پ جي پهرين حڪومتي دور 1988ع ۾ ڀرتي ٿيل ايف آءِ اي جا 13 انسپيڪٽر، 20 سب انسپيڪٽر ۽ 15 اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر برطرف، نوٽيفڪيشن جاري، برطرف ڪيلن ۾ 3 آفيسر فوت ۽ 6 رٽائرڊ ٿي چڪا. ان ڏس ۾ ڪالهه ڊي جي ايف آءِ اي طرفان عدالتي حڪمن تحت هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري 48 آفيسرن کي نوڪرين تان برطرف ڪيو ويو، جن ۾ 13 انسپيڪٽر، 20 سب انسپيڪٽر ۽ 15 اي ايس آئيز شامل آهن. ڪافي انسپيڪٽر ڊپٽي ڊائريڪٽر طور ڪم ڪري رهيا هئا، سب انسپيڪٽر بي پي ايس 16 ۾ انسپيڪٽر ۽ اي ايس آئيز سب انسپيڪٽر طور ذميواريون سرانجام ڏئي رهيا هئا.9 اسسٽنٽ ڊائريڪٽر هئا. برطرف ڪيل آفيسرن ۾ انسپيڪٽر رشيد احمد سومرو، عالم زيب، احمد جان خان، انور شاهه بخاري، بشير احمد عباسي، علي حسن زرداري،گلشير مغيري، ديدار شيخ، غلام اڪبر زرداري، رشيد شيخ، شفيع محمد ڪلوڙ، طاهر جان دراني، رحمت الله ڊومڪي، راڻا بلند اختر، فضل سرهيو، فخر السلام، غلام حسين خان، غضنفر عباس، حُڪمداد خان، اعجاز احمد، محبوب علي، محمد شعيب، محمد علي اصغر، محمد ساجد، محمد اڪبر سرڪي، محمد رفيق، ذوالفقار احمد، نديم اشرف، نظير سهتو، محمد اختر، محمد اسماعيل، اعجاز علي شاهه، آصف نور نديم، راجا اورنگزيب، فهيم اقبال، عارف اقبال، غلام رضا، گلزار احمد انصاري، حبدار علي زرداري، محمد سومرو، پرويز محمد، رياض احمد، سڪندر علي زرداري، سائت علي ۽ اعجاز علي تنيو ۽ نظيراحمد شامل آهن. جڏهن ته انهن مان 3 آفيسر سب انسپيڪٽر، ظهيرالحق قاسمي، عارف اقبال ۽ نذيراحمد فوت ٿي چڪا آهن ۽ 6 آفيسر رٽائرڊ ٿي چڪا آهن، جن ۾ انسپيڪٽر بشير عباسي، ديدار شيخ، رشيد احمد شيخ، سب انسپيڪٽر راڻا بلند اختر، امتياز احمد ۽ نظير سهتو شامل آهن.