اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته پي ٽي آءِ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبليون ٽوڙي ته عام چونڊون ڪرائينداسين، پنجاب حڪومت وفاقي وزيرن کي گرفتار ڪيو يا ڪا ڪارروائي ڪئي ته اتي گورنر راڄ لڳندو. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي رانا ثناءُ الله چيو ته نوازشريف ڪڏهن واپس ايندو ان جو فيصلو هو پاڻ ڪندو، ڊاڪٽرن جي اجازت ملڻ تي هو واپس ايندو، سندس واپسي تي ڪم ٿي چڪو آهي، قانوني ماهرن سان مليا آهيون موجوده حالتن ۾ کيس وطن واپسي تي حفاظتي ضمانت ملڻ جا امڪان آهن، کيس مليل سزائن خلاف نظرثاني جي اپيل تي فيصلا ٿيڻا آهن اميد آهي ته فيصلو نواز شريف جي حق ۾ ايندو، هن چيو ته مريم نواز جي اپيل جو فيصلو به هڪ ٻن ٻڌڻين بعد اچي ويندو فيصلي بعد اسان کي نواز شريف جي واپسي جي باري ۾ فيصلو ڪرڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿيندي. هن چيو ته تحريڪ انصاف عام چونڊون چاهي ٿي ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جون حڪومتون ختم ڪري ڇڏين ته عام چونڊون ٿي وينديون پر هو ائين نه ڪندا. هن چيو ته پي ٽي آءِ وارن مون کي پنجاب اچڻ جي اجازت نه ڏيڻ جو چيو آهي پرويز الاهي سياڻو آهي اهو سندن ڳالهين ۾ نه ايندو پر جيڪڏهن ڪا به حڪومت وفاقي وزيرن خلاف قدم کڻي ٿي ته اسان سوچينداسين ته جيڪڏهن پنجاب ۾ ائين ڪيو ويو ته پنجاب حڪومت خلاف وفاق کي اختيار ملي ويندو ته  گورنر راڄ لڳائي. هن چيو ته پي ٽي آءِ فارين فنڊڊ پارٽي آهي صدر عارف علوي غلط ڪم ڪيو آهي ته ان خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. کيس اخلاقي طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. ٻن ڏينهن بعد ڪابينا ڊڪليريشن سپريم ڪورٽ اماڻڻ جي باضابطا منظوري ڏيندي، سپريم ڪورٽ ۾ ٽي رڪني نه پر فل بينچ ويهندو عدالت جو هر فيصلو اسان ۽ توهان سڀ تسليم ڪندا. ايف آءِ اي ۽ بيون ايجنسيون جاچ ڪنديون، مني لانڊرنگ ۽ جعلسازي بابت ايف آءِ اي ۽ ٻيا ادارا ڪارروائي ڪندا. هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ سڪندر سلطان جو نالو پرويز خٽڪ ڏنو، ڪاميٽي ۾ ته ڪنهن کي اپروچ ڪرڻ يا سفارش جي ڳالهه نه ٿي.