لاهور(م ڊ) مسلم ليگ نواز جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته تحريڪ انصاف کي چيف اليڪشن ڪمشنر کان اسعتيفيٰ گهرڻ بدران عمران خان کان استعيفيٰ گهرڻ گهرجي جنهن ناجائز پئسن سان پنهنجا کيسا ڀرڻ لاءِ پارٽي کي قربان ڪري ڇڏيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عمران خان پاڻ ته انشاءَ الله ويندو ئي پر پاڻ سان گڏ پنهنجي انهن ميمبرن کي به ٻوڙيندو جن جي نالي تي هن ٻاهران پئسا گهرايا.