اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومتي اتحادي جماعتن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي نااهل ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو، نواز ليگ جي قومي اسيمبلي ميمبر محسن شاهنواز رانجها ريفرنس داخل ڪرايو، جنهن تي ايم اين اي آغا رفيع الله، آغا حسن بلوچ، صلاح الدين ايوبي، علي گوهر ۽ سعد وسيم شيخ جون صحيحون ٿيل هيون. ذريعن موجب ريفرنس جي ڪاپي اسپيڪر قومي اسيمبلي کي به موڪلي وئي. ريفرنس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان توشا خاني مان حاصل ڪيل تحفن جي آمدني کي اثاثن ۾ ظاهر نه ڪيو آهي، عمران خان کي آئين جي آرٽيڪل 62 ون ايف تحت نااهل قرار ڏنو وڃي، ان حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي محسن شاهنواز رانجها چيو آهي ته عمران خان توشا خاني جا دستاويز فراهم ڪرڻ کان حڪومت کي روڪيو، توشا خاني جي تحفن جي رپورٽ ڳجهي رکي وئي، عمران نيازي جي گوشوارن جي تفصيلن لاءِ اسان اسپيڪر کي درخواست ڪئي، توشاخاني مان 10 ڪروڙ رپين جي ماليت کان وڌيڪ رقم جون ٻه گهڙيون ٻن ڪروڙن ۾ ورتيون ويون، عمران خان جو اصل چهرو عوام سامهون آڻينداسين، عمران خان نه صادق آهي نه امين آهي، اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل پنهنجي گوشوارن ۾ عمران خان توشا خاني جي تحفن مان ٿيندڙ آمدني جو ڪو ذڪر نه ڪيو آهي، عمران خان ڪوڙو هجڻ سان گڏ ٽيڪس چور به ثابت ٿيو آهي، عمران خان اختيارن جو به غلط استعمال ڪيو، کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.