اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي روشني ۾ تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ڊڪليئريشن اماڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، قانون واري وزارت کي ڊڪليئريشن جو 3 ڏينهن اندر متن تيار ڪرڻ جي هدايت، اليڪشن ڪميشن کان لڪايل 16 اڪائونٽن ۾ ايندڙ رقم جي خرچ، خيراتي پيسي جي سياست ۾ استعمال سميت پي ٽي آءِ اڳواڻن جي نالي تي هلندڙ اڪائونٽن جي به ايف آءِ اي، ايف بي آر ۽ اسٽيٽ بينڪ سوڌو ٻين مالياتي ادارن کان جاچ ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا اليڪشن ڪميشن پاران پي ٽي آءِ خلاف فارين فنڊنگ ڪيس جي ڏنل فيصلي جي روشني ۾ پي ٽي آءِ تي پابندي لاءِ پوليٽيڪل آرڊر 2002ع تحت ڊڪليئريشن سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ، ان لاءِ قانون جي وفاقي وزير کي ٽن ڏينهن اندر ڊڪليئريشن سپريم ڪورٽ کي موڪلڻ لاءِ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ اها به هدايت ڪئي وئي آهي ته عاشوري کانپوءِ وفاقي ڪابينا جي ٿيندڙ اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ کي موڪلڻ لاءِ ڊڪليئريشن جو متن  منظوري لاءِ ڪابينا ۾ پيش ڪيو وڃي

جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ فارين فنڊنگ جي حوالي سان سامهون ايندڙ تفصيلن جي جاچ ڪرڻ جو به گهرو وزارت ۽  ايف آءِ اي کي حڪم ڏنو ويو آهي،  جن کي اها به هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي اليڪشن ڪميشن جي آيل فيصلي جي روشني ۾ مامرن جي جاچ ٻين مالياتي ۽ جاچ ڪندڙ ادارن سان گڏجي ڪن، ان جاچ ۾ تمام مالياتي ۽ جاچ ڪندڙ ادارا جن ۾ اسٽيٽ بينڪ، ايف بي آر به شامل هوندو. کين هدايت ڪئي وئي آهي ته پي ٽي آءِپاران ڊڪليئر نه ٿيل 16 اڪائونٽن جن کي عمران خان سوڌو پي ٽي آءِ جي سينيئر قيادت هلائي رهي هئي کانسواءِ پرڏيهه مان پيسا گهرائڻ لاءِ پي ٽي آءِ جي 4 ملازمن جي کليل اڪائونٽن جي به جاچ ڪئي وڃي، خيرات جو پيسو غلط استعمال ٿيڻ جي حوالي سان به جاچ ٿيندي

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا عمران خان ۽ ٻي قيادت جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري نه ڏني. اجلاس کانپوءِ سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي پي ٽي آءِ فارين فنڊنگ ڪيس جي فيصلي تي گهرو وزارت تفصيلي بريفنگ ڏني، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تحت تحريڪ انصاف غير ملڪي امداد حاصل ڪندڙ پارٽي ثابت ٿي چڪي آهي، وفاقي ڪابينا پي ٽي آءِ خلاف ان حوالي سان ڊڪليئريشن سپريم ڪورٽ ۾ موڪلڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ 3 ڏينهن ڏنا ويا آهن، جنهن کان پوءِ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ قانون جي وزارت تمام قانوني ۽ آئيني جائزي وٺڻ خلاف ڊڪليئريشن جو مواد ڪابينا ۾ پيش ڪندي

جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جو ٻيو رخ اهو آهي ته اليڪشن ڪميشن کان 16 بينڪ اڪائونٽ لڪايا ويا، جيڪي عمران خان سميت پي ٽي آءِ جي سينيئر قيادت جي نالي تي هلي رهيا هئا، ان حوالي سان فيصلي ۾ ڏنل تمام ثبوتن جو به جائزو ورتو، جن ۾ واضح لکيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف غير ملڪي شهرين ۽ ڪمپنين کان فنڊنگ حاصل ڪئي، عمران خان مسلسل 5 سالن تائين اليڪشن ڪميشن ۾ ڪوڙو حلفي بيان جمع ڪرائيندو رهيو ۽ ان سان گڏ اهو سرٽيفڪيٽ به ڏيندو رهيو ته جمع ٿيندڙ معلومات درست آهي ۽ ڪابه پرڏيهي ذريعن وٽان فنڊنگ نه ورتي وئي آهي، هن چيو ته جن اڪائونٽس ۾ پيسا ورتا ويا ۽ ظاهر نه ڪيا ويا انهن بابت هاڻي ايف آءِ اي ۽ گهرو وزارت کي غير جانبداراڻي جاچ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ايف آءِ اي کي ان جرم ۾ ملوث ماڻهن خلاف جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن سياسي پارٽي کي غير ملڪي فنڊنگ وٺندڙ پارٽي قرار ڏنو ويو آهي، هن چيو ته عمران خان جو 5 سالن تائين جمع ٿيندڙ حلف نامو جعلسازي تي ٻڌل هو، هاڻي جعلسازي جو ڪيس ۽ جاچ سان گڏ ان جي ذاتي اڪائونٽ جيڪي  غير ملڪي فنڊنگ لاءِ استعمال ٿيندا رهيا

۽ پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ جي ملازمن جي اڪائونٽن کي به استعمال ڪيو ويو، هاڻي اهو ڏٺو ويندو ته آيل فنڊ ڪٿي خرچ ٿيا، ان مامري جي تفصيلي جاچ ٿيندي، هن چيو ته هن حڪومت ۽ عمران خان جي حڪومت ۾ فرق اهو آهي ته جيڪڏهن هي فيصلو ڪنهن به پارٽي خلاف عمران خان جي حڪومت ۾ اچي ها ته ان پارٽي جا سڀ اڳواڻ جيل ۾ هجن ها پر اسان تمام لاڳاپيل ادارن کي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي آئيني ۽ قانوني رستو اختيار ڪيو آهي، ان فيصلي خلاف به عمران خان سياست شروع ڪندو پر فارين فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي دوران 51 ڀيرا پي ٽي آءِ ڪيس ۾ التوائون (تاريخون) ورتيون جيڪڏهن 51 جواب جمع ڪرايا وڃن ها ته بهتر هو، پر پي ٽي آءِ 8 سالن دوران ان ڪيس کان فرار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي

9 ڀيرا وڪيل تبديل ڪيا ويا، 11 ڀيرا اليڪشن ڪميشن جي ٻڌڻي جو دائري اختيار چيلنج ڪيو ويو، جيڪي ٽي وي تي جواب ڏئي رهيا آهن کين اليڪشن ڪميشن ۾ جواب ڏيڻ گهرجي ها. مريم اورنگزيب چيو ته وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ پاڪستان ري انشورنس ڪمپني جو فرمان الله کي چيف ايگزيڪيوٽو مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ڪابينا ڊينمارڪ جي حڪومت سان معاهدو  ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، جنهن تحت وياج کان پاڪ قرض ۽ ٽيڪنالاجي پاڪستان ۾ منتقل ٿيندي،هن چيو ته ڪابينا ۾ برساتي ٻوڏ ۾ فوت ٿيل متاثر خاندانن ۾ امدادي رقم جي تقسيم ڪرڻ لاءِ ناڻي وزير جي سربراهي ۾ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي، وفاقي ڪابينا اين ڊي ايم اي کي صوبائي حڪومتن ۽ ضلعي ڊزاسٽر اٿارٽين سان گڏجي ٿيل نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ جي هدايت ڪئي آهي، وفاقي ڪابينا اقتصادي مامرن جي وزارت کي عالمي ڊونر ايجنسين سان ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي لاءِ وسيلا فراهم ڪرڻ بابت رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، سڌ سماءَ جي وزير چيو ته اقتصادي رابطن جي وزارت  ملڪي اين جي اوز ۽ سرندي وارن سان به رابطو ڪندي، تباهه ٿيل گهر جي بحالي لاءِ متاثرن کي 5 لک رپيا ۽ في فوت جي وارثن کي 10 لک رپيا امداد ڏني ويندي