لاهور (م ڊ) رمضان ۾ مفت اٽي جي ورڇ لاءِ پنجاب انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي بورڊ ايپ تيار ڪري ورتي آهي. ڪمشنر لاهور محمد علي رنڌاوا جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ بريفنگ ڏئي وئي ته ڀلاري مهيني ۾ مفت اٽي ورهاست لاءِ ايپ تيار ڪئي وئي آهي. ڪمشنر لاهور جو چوڻ آهي ته سڃاڻپ ڪارد نمبر ذريعي اٽي جي پوائنٽس تي حقدارن جو تعين ڪيو ويندو. انڪوائري نمبر ايٽ زيرو سيون زيرو تان به اهليت ڄاڻي سگهجي ٿي.