اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو، جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي ڪابينا وڪيلن جي تحفظ جي بل 2023ع جي مسودي کي پارليامينٽ  ۾ پيش ڪرڻ جي منظوري ڏني، وزيراعظم جو چوڻ هو ته وڪيلن جو آئيني ارتقائي عمل ۾ اهم ڪردار آهي، وفاقي ڪابينا ڦٽين جي في مڻ جي قيمت 8500 رپيا مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني، ايس ايم اي بينڪ کي بند ڪرڻ جي به وفاقي ڪابينا منظوري ڏني، وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايس ايم اي بينڪ  جي تمام صارفين جي جمع ٿيل رقم جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ پهرين مرحلي ۾ بينڪ جي تمام صارفين کي 5.557 ارب رپين جون ادائگيون ڪيون وڃن، وفاقي ڪابينا ناڻي وزارت جي سفارش تي سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن جي مختلف ملڪن ۽ ادارن سان 15 باءِ لٽرل ۽ ٻه ملٽي لٽرل مفاهمتي معاهدا ڪرڻ جي منظوري ڏني، ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي سعودي حڪومت پاران محمد وسيم اسلم ولد محمد اسلم کي سعودي عرب حوالي ڪرڻ لاءِ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي سربراهي ۾ ايڪسٽراڊيشن ايڪٽ 1972ع تحت انڪوائري ڪاميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ مجرمن کي حوالي ڪرڻ جو معاهدو موجود آهي، محمد وسيم اسلم سعودي حڪومت کي قتل ڪيس ۾ گهربل آهي، وفاقي ڪابينا مذهبي وزارت جي سفارش تي پاڪستان سک گردوارا ڪاميٽي جي ٻيهر جوڙجڪ جي به منظوري ڏني، جنهن 13 رڪني ڪاميٽي ۾ سمورن صوبن سان تعلق رکندڙ سک برادري جي نمائندگي کي يقيني بنايو ويندو، اها ڪاميٽي ٽن سالن لاءِ گردوارن جي سنڀال ۽ سک ياترين جي خدمت ۽ ٻيا انتظامي مامرا سنڀاليندي، وفاقي ڪابينا اي سي سي جي 14 مارچ ۽ 15 مارچ تي ٿيل اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي به منظوري ڏني.