بدين (رپورٽر) اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي ڊاڪٽر فھميدا مرزا چيو آھي ته بدين ۾ راندين ۽ بنيادي انساني حق فراھم ڪندڙ ادارن کي ڪرپشن جي ور چاڙھي راند جا ميدان ويران ڪري نوجوان نسل کي منشيات ڏانھن ڌڪيو پيو وڃي،  سنڌ جي شھرن کي کنڊرات بڻايو ويو آھي، اھڙو اظھار ھن بدين جي اسٽيشن گرائونڊ تي شاھ لاھوت فٽبال ٽيم ٺٽو ۽ مرزا ڪرڪيٽ ٽيم بدين جي وچ ۾ 23 مارچ قرارداد پاڪستان جي حوالي سان ٿيل فٽبال ميچ جي موقعي تي ڪامياب ٽيم شاھ لاھوت جي نياز ملاح ۽ شيزري جي سني ڀنڀرو کي ٽرافي ڏيڻ بعد ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو،  ھن چيو ته راند جي ميدانن کي هٿ سان تباهه ڪيو ويو آهي،  نوجوانن کي صحت مند سرگرمين  ڏانھن وٺي وڃڻ بدران منشيات جي حوالي ڪري تباھ ڪيو پيو وڃي، جيڪا اسان جي نسلن لاءِ  وڏي ھاڃيڪار آھي، ھن چيو ته ڊي سي بدين  ۽ ايس ايس پي بدين کي سڄي خبر آھي ته ھتي منشيات ڪير پيو ھلائي، جيڪڏهن  کين خبر ناھي ته ھتي اچن کين  شھر جا عام  نوجوان به ٻڌائيندا ته بدين ۾ منشيات ڪنھن جي سرپرستي۾ ھلي رھي آھي. ھن چيو ته موجودا بلدياتي چونڊون ڊونگ ھنيون چونڊن ۾ عوام جي مينڊيٽ تي ڌاڙو ھڻي ھٿرادا نتيجا تيار ڪيا ويا. ھن چيو ته عوامي ادارن ۾ چوريون ڪندڙ مافيائن کي جلد عوام کي جواب ڏيڻو پوندو.