اسلام آباد:سي سي آءِ جي 2017ع جي آدمشماري کي لاڳو ڪرڻ جي منظوري بعد اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن ۾ وسيلن جي ورڇ به 2017ع جي آدمشماري جي انگن اکرن تحت ٿيندي، جڏهن ته زڪوات فنڊ جا پيسا، وفاقي ملازمتن ۾ صوبن جي ڪوٽا جو تعين به نئين آدمشماري جي انگن اکرن تحت ٿيندو، 1998ع بعد لڳ ڀڳ 23 سالن کان پوءِ نئين آدمشماري جي انگن اکرن تي صوبن ۾ وسيلن جي ورڇ ٿيندي، 2017ع جي آدمشماري جا انگ اکر لاڳو ٿيڻ جي صورت ۾ پنجاب صوبي کي وسيلن جي ورڇ ۾ نقصان، بلوچستان، خيبر پختونخوا صوبن کي وڌيڪ فائدو ٿيندو، سنڌ صوبي کي وسيلن جي ورڇ ۾ نه فائدو نه نقصان ٿيندو، 1998ع جي آدمشماري تحت پنجاب صوبي جو ملڪ جي ڪل آبادي ۾ حصو 55.63 سيڪڙو هو، 2017ع جي آدمشماري تحت پنجاب صوبي جو ملڪ جي ڪل آبادي ۾ حصو گهٽجي 52.94 سيڪڙو تي پهچڻ جو امڪان آهي، جنهن ڪري پنجاب صوبي کي 2.69 سيڪڙو 1998ع جي آدمشماري تحت ملندڙ وسيلن ۾ حصي کان 2017ع جي آدمشماري تحت وسيلن ۾ حصو 2.69 سيڪڙو گهٽ ملندو، جڏهن ته بلوچستان صوبي جو 1998ع جي آدمشماري تحت ملڪ جي ڪل آبادي ۾ حصو 4.96 سيڪڙو هو، جيڪو 2017ع جي آدمشماري ۾ وڌي 5.94 سيڪڙو تي پهتو آهي، ائين سنڌ صوبي جو ملڪ جي ڪل آبادي ۾ حصو 1998ع جي آدمشماري مطابق 23 سيڪڙو هو، جيڪو 2017ع جي آدمشماري تحت ملڪ جي ڪل آبادي ۾ سنڌ جو حصو 23.04 سيڪڙو ٿئي ٿو، جنهن ڪري سنڌ کي 0.04 سيڪڙو ئي وسيلن ۾ فائدو ملي سگهندو، جنهن ڪري سنڌ صوبي کي وسيلن ۾ خاص فائدو نه ٿيندو، جڏهن ته خيبر پختونخوا صوبي جو فاٽا سميت 1998ع جي آدمشماري ۾ ڪل آبادي ۾ حصو 15.81 سيڪڙو ٿئي ٿو، ڪي پي ڪي صوبي جو 2017ع ۾ ملڪ جي ڪل آبادي ۾ حصو فاٽا سميت 17 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿو.