ڪراچي: پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي ڇهين آدمشماري کي رد ڪندي گهر ڪئي آهي ته آدمشماري جي انگن اکرن کي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪيو وڃي، پيپلز پارٽي موجوده آدمشماري جي انگن اکرن کي پارليامينٽ اندر به رد ڪندي، سي اي سي اجلاس بعد بلاول ڀٽو پريس ڪانفرنس دوران چيو ته شفاف اليڪشن جيان شفاف آدمشماري به ضروري آهي، اسان ڪمپرومائز ڪيل آدمشماري جي مخالفت ڪندا رهيا آهيون، پيپلز پارٽي 2017ع کان اِنهي آدمشماري جي طريقيڪار جي مخالفت ڪري رهي آهي، صاف ۽ شفاف آدمشماري ٿيڻ گهرجي، آدمشماري ۽ صوبائي ڳڻپ ۾ فرق هو، سمورين پارٽيز متفق هيون ته 5 سيڪڙو بلاڪن ۾ ٻيهر ڳڻپ ڪرائي وڃي پر ائين نه ٿيو، آدمشماري جو معاملو گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ آندو وڃي.