ڪراچي(رپورٽ: دودو چانڊيو) پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي پي ڊي ايم جي شوڪاز نوٽيس کي رد ڪندي احتجاجن پي ڊي ايم جي سمورن عهدن تان استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پيپلز پارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي کان غير مشروط معافي جو مطالبو، ان ڏس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جو چوڻ آهي ته اپوزيشن جي ٿيندڙ اپوزيشن جي مذمت ڪريان ٿو، عزت خاطر سياست ڪريون ٿا، ان تي ڪابه سوديبازي نه ٿيندي، رويا تبديل نه ٿيا ته پي ڊي ايم جو اڳتي هلڻ مشڪل ٿو لڳي. بلاول هائوس ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن تائين جاري رهندڙ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو سي اي سي اجلاس جا فيصلا ٻڌايا. هن چيو ته سي اِي سي جي اجلاس ۾پي ڊي ايم جي شوڪاز نوٽيس، پارليامينٽ مان استعيفائن سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. سي اِي سي اعلان ڪيو آهي ته شوڪاز نوٽيس تي احتجاجن پي ڊي ايم جي سمورن عهدن کان ڌار ٿي وڃجي، انهي فيصلي هيٺ راجا پريز اشرف، يوسف رضا گيلاني ۽ شيري رحمان استيعفائون ڏيندا،هن چيو ته نواز ليگ فيصلو ڪري ته اها عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ جي مخالفت ڪندي يا وري بلاول ڀٽو جي مخالفت ڪندي، هن چيو ته اسان جو ڪالهه به اهو موقف هو، اڄ به ۽ سڀاڻي به ساڳيو موقف رهندو ته استعيفائون ايٽم بم آهن، انهن کي آخري هٿيار جيان استعمال ٿيڻ گهرجي، جنهن کي پارليامينٽ مان استعيفا ڏيڻي آهي، ڀلي ڏئي ڇڏي پر ڪنهن ٻِي پارٽي کي ڊڪٽيٽ نه ڪري، هن چيو ته اسان سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺي حڪومت جو مقابلو ڪيو، ضمني اليڪشن ۾ حصو وٺي حڪومت کي وائکو ڪيو، ننڍي چونڊ ۾ عوام ٻڌائي ڇڏيو ته اهي اپوزيشن سان گڏ آهن ، بلاول چيو ته پنجاب ۾ سينيٽ جون 5 سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏنيون ويون، ان تي نواز ليگ کي ڪو شوڪاز جاري نه ٿيو؟ ڪو ماڻهو ملڪ کان ٻاهر هليو ويو، ان تي ڪو شوڪاز جاري نه ٿيو؟ پي ڊي ايم جي منشور تي عمل نه ٿيو پر ان تي ڪنهن کي شوڪاز نوٽيس جاري نه ٿيو؟ پنجاب ۽ قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي جون رٿون آڻڻيون هيون، اهي نه آيون، ان تي ڪو شوڪاز نوٽيس جاري نه ٿيو؟ رڳو اسان کي ڇو شوڪاز نوٽيس جاري ٿيو!! هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول چيو ته نواز ليگ سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر لاءِ اعظم نذير تارڙ کي اميدوار نامزد ڪيو، جيڪو هن وقت شهيد بينظير ڀٽو جي قاتلن جو وڪيل آهي، اهو سينيٽ ۾اسان جي پارٽي جي اڳواڻي ڪري، اهو اسان ڪيئن ٿا قبول ڪري سگهون؟ مون نواز ليگ سميت ڪنهن به پارٽي خلاف نه ڳالهايو آهي، پيپلز پارٽي جمهوريت تي يقين رکي ٿي، اسان تحريڪن ذريعي وقت جي آمرن کي گهر اماڻيو آهي، عمران خان کي به جمهوري جدوجهد ذريعي گهر موڪيلنداسين. هن چيو ته پي ڊي ايم مون ٺاهيو آهي، پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي کانسواءِ پي ڊي ايم ناهي، آئون نٿو سمجهان ته اهو جمهوريت يا اپوزيشن جي مفاد لاءِ سٺو سنوڻ هوندو، تنهنڪري اپوزيشن جي ذميواري آهي ته اها متحد ٿي حڪومتي ناڪامين کي وائکو ڪري. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي اي اين پي کي نه ڇڏيندي، اسان حڪومت کي وڌيڪ ٽف ٽائيم ڏينداسين، اسان سياسي ماڻهو آهيون، هڪٻئي سان رابطا ٿيندا رهندا آهن، پي ڊي ايم ۾ شامل ٻين پارٽين جي حڪومت سان رابطن جون خبرون سامهون اينديون رهنديون آهن پر ان تي اسان کي اعتراض ناهي، جمهوريت ۾ سڀني کي رابطن جو هڪ آهي، اپوزيشن کي ورڪنگ رليشن شپ تي ڪم ڪرڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري ملڪي معيشت تي ڳالهائيندي چيو ته حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي ڊيل تي مطمئن ناهيون، حڪومت ۽ آءِ ايم ايف ڊيل عوام دشمن آهي، اسان اڳ ۾ ئي ڊيل تي اعتراض ڪيو ۽ هاڻ به مذمت ڪريون ٿا، پاڪستان کي آءِ ايم ايف سان معاهدو ختم ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته جيڪڏهن اوهان کي آءِ ايم ايف سان بند ڪمري ۾ فيصلا ڪرڻا آهن ته بجيٽ به اُتان ئي منظور ڪرايو. بلاول ڀٽو زرداري اسٽيٽ بينڪ بابت آرڊيننس کي عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اسٽيٽ بينڪ جو آرڊيننس ملڪي معاشي خودمختاري تي حملو آهي، انهي آرڊيننس سان پارليامينٽ ۽ عدالتن کي جوابده نه هوندي. ڪشمير مسئلي تي ڳالهائيندي بلاول چيو ته پيپلز پارٽي سدائين ڪشمير مسئلو اٿاريندي رهي آهي، اسان ڪڏهن به ڪشمير تي سوديبازي ناهي ڪئي، هن چيو ته عمران حڪومت جي پاليسي ڪنفيوزن ۽ تضادن تي ٻڌل آهي، وزير اعظم ڪڏهن به ڪشمير معاملي تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ناهي ورتو. هن چيو ته وزير اعظم عمران خان ڪڏهن ڪشمير جو سفير ته ڪڏهن وري ڪلڀوشن يادديو جو وڪيل بڻجي ڪشمير ڪاز ۽ معيشت کي نقصان پهچائي رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اظهار جي آزادي بابت آرڊيننس واري عمل کي شهرين جي اظهار جي آزادي کسڻ وارو عمل سمجهون ٿا، ان ڪري پيپلز پارٽي جي سي اي سي پنهنجي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو آهي ته اهڙي قانون جي مخالفت ڪئي ويندي، بلاول ڀٽو چيو ته وزير اعظم عورتن جي پردي ۽ لباس بابت جيڪي ڪمينٽس پاس ڪيا آهن، انهن جي پڻ سي اي سي جي اجلاس ۾ مذمت ڪئي وئي، اسان سمجهون ٿا ته وزير اعظم کي اِنهي قسم جي ٻولي نه ڳالهائڻ گهرجي.