پشاور (م ڊ) خيبر پختونخواهه جي گورنرغلام علي وڏي وزير محمود خان پاران اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ اماڻيل سمري تي صحيح ڪري اسيملي ٽوڙي ڇڏي. اليڪشن ڪميشن ٻنهي صوبن ۾ چونڊون ڪرائڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي. خيبر پختونخواهه جي گورنرغلام علي وڏي وزير محمود خان پاران اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ اماڻيل سمري تي صحيح ڪري اسيملي ٽوڙي ڇڏي. گورنر پاران سمري تي صحيح ڪرڻ بعد صوبائي ڪابينا به ٽٽي وئي، نگران وڏي وزير جي مقرري تائين محمود خان صوبي جي وڏي وزير طور ڪم جاري رکندو. گورنر هائوس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب  گورنر حاجي غلام علي چيو ته 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 112 جي شق (1) تحت ڪي پي اسيمبلي ٽوڙي وئي، اسيمبلي سان گڏوگڏ ڪابينا به ٽٽي وئي آهي. هن چيو ته آرٽيڪل اي 224 جي شق (4) تحت محمود خان نگران وڏي وزير جي مقرري تائين ڪم جاري رکندو. پڌرائي موجب گورنر کي نگران وڏي وزير جي مقرري وزيراعليٰ ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي مشاورت سان ٽن ڏينهن اندر ڪرڻي آهي. واضح رهي ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان گذريل ڏينهن صوبائي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري گورنر کي موڪلي هئي. گورنر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نه پئي چاهيو ته قوم پريشان رهي ان ڪري جلد صحيح ڪري ڇڏي. ٻئي طرف پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلين جي ٽٽڻ کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ٻنهي صوبن ۾ عام چونڊن جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن صوبي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ عام چونڊن جي حوالي سان مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن پنجاب جي گورنر ۽ خيبرپختونخواهه کي عام چونڊن جي تياري لاءِ باقاعده خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب آئين تحت 3 مهينن ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو اليڪشن ڪميشن پابند آهي ان لاءِ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صوبائي عام چونڊن لاءِ گورنر کي خط لکيو ويندو. اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي گورنرز ڏانهن لکيل خط ۾ 3 تاريخون تجويز ڪندو ۽ ٻنهي صوبن جا گورنر عام چونڊن جي حتمي تاريخ جو فيصلو ڪندا. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن عدليه ۽ بيورو ڪريسي کان به ڊي آر اوز ۽ آر اوز وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن جلد ئي بيورو ڪريسي کان ڊي آر اوز ۽ آر اوز جي لاءِ لسٽ طلب ڪندو اليڪشن ڪميشن پنجاب جي چونڊن جي لاءِ اليڪشن عملي کان فهرستون به گهرندو جنهن کان پوءِ اليڪشن عملي کي تربيت ڏني ويندي.