اسلام آباد (بيورو رپورٽ) لنڊن مسلم ليگ (ن) جي سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻجي ويو، وفاقي وزير سردار اياز صادق لنڊن ۾ نواز شريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ سينيئر نائب صدر مريم نواز به موجود هئي، ذريعن مطابق ملاقات ۾ ملڪ جي معاشي ۽ سياسي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، مسلم ليگ (ن) پنجاب جي نئين سر تنظيم سازي بابت مامرن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ذريعن مطابق نواز شريف موجوده پارٽي ڍانچي مان مڪمل طور تي غير مطمئن آهي، نواز شريف مشاورت جي لاءِ پارٽين جي ٻين سينيئر اڳواڻن کي به لنڊن طلب ڪري ورتو آهي، ذريعن مطابق ان سلسلي ۾ رانا ثناءُ الله ۽ پرويز رشيد به جلد لنڊن ويندا. رانا ثناءُ الله اڱاري ڏينهن نجي دوري تي لنڊن روانو ٿيندو.