لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هُن جي نئين آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ڪي به لاڳاپا ناهن، اسٽيبلشمينٽ پورو زور لڳايو ته پرويز الاهي نون ليگ جو وڏو وزير بڻجي وڃي پر هن اسان سان وفاداري ڪئي. برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته اڄ تائين ڪو اهڙو سياسي اڳواڻ آيو آهي جنهن 70 سيڪڙو ملڪ تي ٻڌل پنهنجي ئي حڪومت ڪيرائي هجي ، صاف ۽ شفاف اليڪشن لاءِ  اسان پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، اڳڪٿي ڪريان ٿو ته ڇا به ٿئي وفاقي سرڪار اپريل ۾ عام چونڊون ڪرائڻ تي مجبور ٿي ويندي.هن چيو ته موجودا حڪومت قانون جي بالادستي جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا آهن، پنهنجو پاڻ کي قانون کان مٿانهون ڪري ڇڏيو آهي، سڀ چوريون معاف ڪرائي ڇڏيون آهن.عمران خان چيو ته  مٿن جيڪي به ڪيسز هئا اُهي سندن ئي حڪومتي دورن ۾ داخل ٿيا هئا،شهباز، نواز، زرداري ۽ مريم سڀ بچي ويا آهن، سندن مقصد رڳو پنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻ آهي.هن چيو ته موجودا سرڪار چونڊن ذريعي نه آڪشن ذريعي آئي آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت هارس ٽريڊنگ ذريعي آئي آهي،  ڪروڙين رُپين ۾ ماڻهو خريد ڪيا ويا.اڳوڻي آرمي چيف جنرل ( ر ) قمر باجوا کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي هن چيو ته جنرل باجوا موجودا حڪمرانن کي اسان مٿان مڙهڻ لاءِ سندن مدد ڪئي، انهن يارنهن سئو ارب رُپين جي ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪرايا. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اسان جي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو، تاريخ ۾ پاڪستان جون معاشي حالتون اهڙيون ناهن رهيون جهڙيون اڄ آهن، ڪو ملڪي سيڙپڪاري، ڪاروبار شخصيت مٿن اعتماد نٿو ڪري، پرڏيهي سيڙپڪار به انهن تي اعتماد نٿا ڪن.هن چيو ته پاڪستان ڌٻڻ ۾ ٻڏندو پيو وڃي، سريلنڪا جهڙي صورتحال کان بچڻ جو هڪ ئي حل آهي صاف شفاف چونڊون. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان کي اِهو خطرو آهي ته جنهن نموني اسان جي معيشت ڏينهون ڏينهن ڪِري رهي آهي، ذخيرا چار ارب ڊالرز تي اچي پهتا آهن، بندرگاهه تي چار ارب ڊالرز جون شيون سڙي رهيون آهن ڪير کڻڻ لاءِ تيار نه آهي، شيون مهانگيون ٿي رهيون آهن، بيروزگاري وڌي رهي آهي، فيڪٽريون بند ٿي رهيون آهن.هن وڌيڪ چيو ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجو پورو زور لڳايو ته پرويز الاهي ن ليگ جو وڏو وزير بڻجي وڃي پر پرويز الاهي اسان سان وفاداري نڀائي ، انڪري ئي کيس پي ٽي آءِ ۾ ضم ٿيڻ جو مشورو ڏنو، هاڻ هو اسان جي پارٽي جو حصو ٿي ويندو. ٻئي طرف لاهور ۾ اليڪشن جي تيارين جي حوالي سان ٿيل اجلاس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته پنجاب ۾ نگران وڏي وزير لاءِ اسان اهڙا نالا ڏنا آهن جن تي ڪنهنکي به اعتراض نه هوندو. صوبائي اليڪشن جي تاريخ ۾ دير برداشت نه ڪنداسين، هن پارٽي اڳواڻن کي اليڪشن جي ڀرپور تياري شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي.