پشاور ڌماڪي جي شهيدن جو انگ 100 کان وڌي ويو

0
191
پشاور ڌماڪي جي شهيدن جو انگ
پشاور ڌماڪي جي شهيدن جو انگ 100 کان وڌي ويو

پشاور پوليس لائنز ۾ مسجد اندر آپگهاتي ڌماڪي ۾ پوليس اهلڪارن سوڌو شهيد ٿيلن جو انگ 100 کان وڌي ويو آهي

ايس پي نور زمان سوڌو 221 کان وڌيڪ زخمين جو مختلف اسپتالن ۾ علاج جاري آهي
شهيد ٿيلن ۾ ڊي ايس پي عرب نواز، 5 سب انسپيڪٽرز، مسجد جو پيش امام ۽ سندس پٽ شامل شامل آهن
ڌماڪي ۾ هڪ عورت به شهيد ٿي وئي، انتظاميا موجب مسجد جي ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ آپريشن جاري آهي
انتظاميا موجب هيل تائين 17 لاش ملبي هيٺان ٻاهر ڪڍيا ويا آهن
گذريل ڏينهن پوليس لائنز جي مسجد ۾ ظهر جي نماز پڙهڻ دوران اوچتو ڌماڪو ٿيو، ڪي پي جَي نگران وڏي وزير طرفان صوبي ۾ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل طرفان ڌماڪي جي مذمت ڪئي وئي آهي، دهشتگردن ۽ سندن پٺڀرائي ڪندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ تي زور ڏنو ويو آهي

هن کي به پڙهندا

خيبرپختونخواهه ۾ ڌماڪو ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي: نگران وڏو وزير

پشاور پوليس لائنز ڌماڪو: شهيد ٿيلن جو انگ 93 ٿي ويو

پشاور ۾ ڌماڪو، ڪيترائي ماڻهو زخمي

پشاور ڌماڪي جي شهيدن جو انگ 47 ٿي ويو