خيبرپختونخواهه ۾ ڌماڪو ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي: نگران وڏو وزير

0
201

پشاور: خيبرپختونخواهه جَي نگران وڏي وزير پشاور ڌماڪي بابت چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ 40 سالن کان دهشتگرديءَ جا واقعا ٿين پيا، ڪا نئين ڳالهه ناهي

ڪي پي جو نگران وڏو وزير، اعظم خان آءِ جي ڪي پي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو، سندس چوڻ هو ته پشاور ڌماڪو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي، ڌماڪي سبب شهيد ٿيل جي وارثن سان گڏ آهيون

آءِ جي ڪي پي چيو ته پشاور ڌماڪي جي جاچ هلندڙ آهي، ڌماڪي ۾ استعمال ٿيندڙ بارودي مواد 10 کان 12 گرام ٿي سگهي ٿو، واقعو سيڪيوٽي ليپس جو نتيجو لڳي ٿو

هن ٻڌايو ته گذريل مهيني کان وٺي هيل تائين سي سي ٽي وي فوٽيجز رڪارڊ گڏ ڪيو پيو وڃي، ٽي ٽي پي گذريل رات ترديد ڪئي ته هو ڌماڪي جي ذميوار ناهي، جي آءِ ٽي ۾ سڀ ڪجهه پڌرو ٿي ويندو

هي به پڙهندا

پشاور پوليس لائنز ڌماڪو: شهيد ٿيلن جو انگ 93 ٿي ويو