پشاور پوليس لائنز ڌماڪو: شهيد ٿيلن جو انگ 93 ٿي ويو

0
160

پشاور جي پوليس لائينز ۾ مسجد اندر آپگهاتي بم ڌماڪي ۾ پوليس اهلڪارن سميت شهيد ٿيلن جو انگ وڌي 93 ٿي ويو، جڏهن ته 55 زخمي هاڻي به علاج هيٺ آهن

مقامي اختيارين موجب رات 12 وڳي کان هينئر تائين 17 شهيدن جا مڙهه ملبي مان ڪڍي چڪا آهيون ۽ مسجد جي ملبي هيٺان دٻيل وڌيڪ ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ آپريشن جاري آهي، جڏهن ته علائقي ۾ سرچ آپريشن پڻ ڪيو پيو وڃي

هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي بچاءَ واري وزير خواجا آصف انڪشاف ڪيو ته حملي آور اتي هڪ يا ٻن ڏينهن کان رهي رهيو هو، آءِ جي ٻڌايو ته پوليس لائنز ۾ هڪ کان ڏيڍ هزار ماڻهو رهن ٿا، پوليس جو خيال آهي ته اندر جو ڪو ماڻهو حملو ڪندڙ سان رابطي ۾ هو

سي سي پي او پشاورمحمد اعجاز خان جو چوڻ آهي ته پوليس لائنز ۾ پيش آيل واقعو آپگهاتي حملو لڳي ٿو، ٿي سگهي ٿو ته حملي آور اڳ ۾ ئي پوليس لائنز ۾ موجود هجي

هن جو چوڻ آهي ته پوليس لائنز ۾ ايف آر پي، ايس ايس يو، سي ٽي ڊي سميت 8 کان وڌيڪ يونٽن جون آفيسون آهن، اهو به امڪان آهي ته حملي آور ڪنهن سرڪاري گاڏي ۾ ويهي آيو هجي

آءِ جي خيبرپختونخواهه پوليس معظم جاه انصاري چيو آهي ته پشاور ڌماڪي جي آپگهاتي بمبار جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي، ڌماڪي جي ماسٽر مائينڊ ۽ سمورن سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو

ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي پي ڪي پي ڪي جو چوڻ هو ته سي ٽي ڊي پوليس لائنز مسجد ۾ ٿيل ڌماڪي جي جاچ ڪري رهي آهي، سي سي ٽي وي جو جائزو به ورتو پيو وڃي، سموري جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ حتمي فيصلو ڪيو ويندو، سڪيورٽي جا انتظام ٻيهر بحال ڪيا پيا وڃن

هن چيو ته پوليس لائين پشاور 120 سال اڳ 600 جوانن لاءِ ٺاهي وئي هئي، جتي 2 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار ۽ 8 مختلف کاتا آهن، سي سي پي او ۽ ايس ايس پي آپريشنز جون آفيسون پوليس لائنز ۾ آهن، ان ڪري عوام ۽ سائلين جو اچڻ وڃڻ ٿيندو رهندو آهي

پوليس لائين جي مسجد ۾ آپگهاتي حملي بعد وزيراعظم شهباز شريف، آرمي چيف جنرل عاصم منير سان گڏ هنگامي دوري تي پشاور پهتو، ان موقعي تي بچاءَ وارو وزير خواجا آصف ۽ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله  به وزيراعظم سان گڏ موجود هئا

 امن امان بابت اجلاس دوران وزيراعظم ڌماڪي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته پوليس لائين جو ته هڪ ئي گيٽ آهي، آپگهاتي بمبار پوليس لائين ۾ ڪيئن داخل ٿيو؟

 آءِ جي ڪي پي چيو ته پوليس لائينز ۾ فيملي ڪوارٽرز به آهن، ڪهڙي خبر ته بمبار ڪٿان ۽ ڪيئن داخل ٿيو؟ ٿي سگهي ٿو بمبار اڳ ئي پوليس لائين ۾ موجود هجي، جاچ ڪريون پيا ته بمبار ڪيئن داخل ٿيو؟ ڪور ڪمانڊر پشاور وزيراعظم کي ڌماڪي جي جاچ بابت بريفنگ ڏيندي کيس آپگهاتي حملي جا سي سي ٽي وي فٽيجز به ڏيکاريا.

اجلاس ۾ خطاب دوران وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دهشتگرد سيڪيورٽي ادارن تي حملا ڪري خوف پکيڙڻ گهرن ٿا، رياست ۽ عوام جي اتحاد سان دهشتگردن کي ناڪام بڻايو ويندو، اسان شهيدن جي قرباني ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته دهشتگردن کي چِٿڻ لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عمل ڪيو ويندو، وزيراعظم ۽ آرمي چيف ليڊي ريڊنگ اسپتال پهچي  زخمين سان عيادت به ڪئي

گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جون پاڙيسري دوست ملڪ ۾ محفوظ پناهگاهون آهن، اهي اتي ويهي منصوبا ڪندا آهن ۽ هتي اچي آرام سان ڪارروائي ڪندا آهن

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ڪارروائي ڪرڻ کانپوءِ جڏهن به پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان کي محسوس ٿئي ٿو ته هو هتي محفوظ نه آهن ته هو سرحد پار ڪري ويندا آهن جتي کين تحفظ حاصل هوندو آهي

هن چيو ته اسان کي افغان حڪومت سان ڳالهائڻو آهي ڇو ته انهن جو نه رڳو اسان پر پوري دنيا سان واعدو آهي ته هو پنهنجي سرزمين ڪنهن جي به خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيندا

گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي آبادڪاري واري پاليسي غلط ثابت ٿي، اهو سوچڻ به غلط هو ته هو افغان طالبان کان الڳ آهن ۽ هٿيار ڦِٽا ڪري پاڻ کي آئين ۽ قانون جي حوالي ڪندا

ٽي ٽي پي جي پاڪستان ۾ بحاليءَ جي فيصلي جي جاچ ٿيڻ گهرجي:رضا رباني

پيپلز پارٽي سان واسطو رکندڙ سينيٽر رضا رباني ٽي ٽي پي بابت حڪومتي پاليسي کي پشاور سانحي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

رضا رباني 8 فيبروري تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ دهشتگرديءَ جي پاليسي تي بحث ڪرڻ ۽ سينيٽ جي پوري ايوان تي مشتمل ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي

اجلاس دوران رضا رباني چيو ته جڏهن ڪابل ۾ طالبان آيا ته انهن کي هٿيارن سان پاڪستان ۾ اچڻ ڏنو ويو، اُن دوران اهو چيو ويو ته اِهي گُڊ طالبان آهن، ان وقت نه عوام ۽ نه ئي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو ويو

هن چيو ته ٽي ٽي پي سان ڳالهين تي اي اين پي ۽ پ پ سخت خدشن جو اظهار ڪيو، جيڪي ختم نه ڪيا ويا

ٻئي پاسي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن واقعي واري هنڌ وٽان شاهديون گڏ ڪري ورتيون ۽ چيو پيو وڃي ته ڌماڪي ۾ 10 ڪلو کان وڌيڪ بارودي مواد استعمال ٿي سگهي ٿو، پوليس لائينز ۾ مسجد اندر آپگهاتي بم ڌماڪي جي ڪالعدم تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان ڌماڪي جي ذميواري قبولي ورتي آهي

هي به پڙهندا

وزيراعظم آرمي چيف سان گڏ پشاور پهتو: آپگهاتي بمبار پوليس لائين ۾ ڪيئن داخل ٿيو؟