اسلام آباد (بيورو رپورٽ) موجوده حڪومت جي دور ۾ سرڪاري خرچ تي وفاقي، مملڪتي وزيرن پاران ڪيل غير ملڪي دورن جا تفصيل  پيش ، ڪفايت شعاري جون ڳالهيون ڪندڙ حڪومت پاران غير ملڪي وفدن جي پروٽوڪول لاءِ نيون گاڏيون خريد ڪرڻ جو به انڪشاف ، تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس مقرر وقت کان هڪ ڪلاڪ 16 منٽ دير سان شروع ٿيو ۽ رڳو هڪ ڪلاڪ 3 منٽن تائين اجلاس هليو، اجلاس اڻ اعلانيل مدت تائين ملتوي ڪيو ويو، جي ڊي اي جي ميمبر غوث بخش مهر جي سوال جو لکت ۾ جواب ڏيندي ڪابينا ڊويزن سال 2022 دوران اپريل تائين عمران حڪومت ۽  موجوده حڪومت جي دور ۾ وفاقي، مملڪتي وزيرن پاران سرڪاري خرچ تي ڪيل غير ملڪي دورن جا تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويا، پيش ڪيل تفصيلن ۾ پرڏيهي مامرن جي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو هڪ به سرڪاري خرچ تي ڪيل دوري جا تفصيل شامل نه آھن، جڏهن ته رٿابندي جي وزير احسن اقبال سوئيزر لينڊ جو ڊسمبر ۾ ٻن ڏينهن جو دورو ڪرڻ جو مامرو شامل آھي پر خرچ جا تفصيل شامل نه آھن، سال 2022  ۾ غير ملڪي دورن تي مجموعي طور تي 6 ڪروڙ ، 52 لک ، 11 هزار ، 504 رپيا خرچ ڪيا ويا، سڀ کان وڌيڪ خرچ صحت جي وفاقي وزير قادر پيٽل هڪ ڪروڙ 4 لک 20 هزار 163 رپيا ڪيو آھي، پيش ڪيل تفصيلن مطابق وفاقي وزير چوڌري سالڪ 37 لک ، 69 هزار ، شيري رحمان 49 لک ، 17 هزار ، اسعد محمود 18 لک ، 46 هزار ، سيد نويد قمر 58 لک ، 93 هزار ، خواجه آصف 31 لک ، 67 هزار ، خرم دستگير 26 لک 4 هزار ، مصدق ملڪ 35 لک ، رانا تنوير 1 لک 78 هزار ، مفتاح اسماعيل 45 لک 69 هزار ، اسحاق ڊار 24 لک 51 هزار ، عائشه غوث پاشا 40 لک 96 هزار ، احسان مزاري 15 لک 41  هزار ، مريم اورنگزيب 6 لک 49 هزار ، امين الحق 18 لک 49 هزار ، اعظم نذير تارڙ 8 لک 18 هزار ، ساجد طوري 31 لک 17 هزار ، شازيه مري 15 لک 87 هزار ، مفتي عبدالشڪور 7 لک 91 هزار، اسرار ترين 25 لک 96 هزار، فيصل سبزواري 6 لک 5 هزار   غير ملڪي دورن تي سرڪاري خرچ ڪيو ، جڏهن ته عمران خان جي ڪابينا ۾ شامل وزيرن پاران 2022 جي اپريل مهيني تائين زبيده جلال 9 لک 35 هزار ، عمر ايوب 15 لک 29 هزار ، شفقت محمود 8 لک 91 هزار ، شوڪت ترين 9 لک 12 هزار رپيا غير ملڪي دورن تي خرچ ڪيو غير ملڪي دورن تي آيل خرچن واري سوال کي اسپيڪر جائزي لاء ڪاميٽي کي موڪلي ڇڏيو آھي،  قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ غير ملڪي مهمانن جي پروٽوڪول لاء هڪ 29 سيٽر ، هڪ 14 سيٽر ، 6 گاڏيون 1800 سي سي ورتيون آھن جن تي 5 ڪروڙ 73 لک خرچ آيو آھي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اجلاس ۾ بجلي جي وفاقي وزير خرم دستگير ۽ ٻين جي عدم موجودگي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اهو ڪو طريقو نه آھي ائين ايوان نه نٿو هلائي سگهجي. غوث بخش مهر چيو ته شديد مالي مشڪلاتن باوجود وزيرن جي دورن تي ايتري رقم خرچ ڪرڻ ڪٿان جو عقل آهي.