ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) نادرا بنگالي ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن کي قومي شناختي ڪارڊ جاري نه ڪرڻ واري معاملي تي گريونس ڪمشنر مقرر ڪري ڇڏيو، عدالت نادرا جي اهڙي رپورٽ تي سموريون درخواستون اڪلائي ڇڏيون، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بنگالي ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ 30 کان وڌيڪ درخواستن جي ٻڌڻي دوران نادرا پاران رپورٽ جمع ڪرائي وئي، رپورٽ ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نادرا درخواستگذارن جون شڪايتون ٻڌڻ لاءِ گريونس ڪمشنر مقرر ڪري ڇڏيو آھي، شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ بابت شڪايتن تي فيصلو ڪرڻ جو اختيار گريونس ڪمشنر وٽ هوندو، گريونس ڪمشنر گهربل دستاويزن ۾ گهٽتائي جي به جاچ ڪندو،