ڪنب (ن پ ا) منظور وساڻ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي مارچ ۾ نااهليءَ جو خواب ڏسي ورتو، جيل ڀريو تحريڪ مڪمل طور ناڪام ٿيڻ جي اڳڪٿي. وساڻ هائوس تي ميڊيا نمائندن سان ڳالھائيندي صوبائي صلاحڪار منظورحسين وساڻ چيو ته مارچ مهيني جو پهريون هفتو اهم آھي، عمران خان کي ايندڙ مهيني نااهل ٿيندي ڏسان پيو ۽ سندس ڪيس به کلي ويندا. هن چيو ته جيل ڀريو تحريڪ هلائڻ عمران خان جي وس جي ڳالھه ناهي، عمران خان پاڻ گرفتاري کان ڊڄي پيو، جنهن ڪري پي ٽي آءِ جو ڪوبه ڪارڪنن جيل وڃڻ نٿو چاهي. عمران خان جي جيل ڀريو تحريڪ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آھي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مهانگائيءَ کي نظر ۾ رکندي ننڍن ملازمن جون پگهارون وڌايون وينديون.