ڪيف (م ڊ) يوڪريني صدر دعويٰ ڪئي آهي ته روسي صدر پيوٽن کي هڪ ڏينهن پنهنجو ويجهي ساٿي ئي قتل ڪري ڇڏيندو، ائير نالي هڪ دستاويزي فلم يوڪرين تي روس جي حملي کي سال مڪمل ٿيڻ تي جاري ڪيو ويو. دستاويزي فلم ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي يوڪريني صدر چيو ته روسي صدر جي قيادت جي ڪمزوري جو دور جلد ايندو، جنهن بعد پيوٽن خلاف ويجها ساٿي قدم کڻندا، يقينن اهو لمحو به ايندو، جڏهن پيوٽن حڪومت جي ڪمزوري جا اثر روس اندر محسوس ڪيا ويندا ۽ پوءِ شڪاري ئي شڪاري کي شڪار ڪندا، پر اهو ڪڏهن ٿيندو، اهو نه ٿو ڃاڻان.