ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پ پ عورت ونگ جي سربراهه فريال ٽالپر سان ڪالهه پارٽي جي مختلف اڳواڻن ۽ وزيرن ملاقات ڪئي، تعليم ۽ ثقافت واري وزير سيد سردار علي شاهه ملاقات دوران تعليم کاتي جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت تقريبن 60 هزار استاد ميرٽ تي ڀرتي ڪيا آهن، جن جي ٽريننگ لاءِ سڄي سنڌ ۾ سينٽرز کوليا آهن، پ پ چيئرمين چيو ته سنڌ حڪومت روزگار جي فراهمي بابت پنهنجو واعدو پورو ڪري ڏيکاريو، هوڏانهن سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان ، صوبائي وزير سعيد غني، خاص معاون فياض ٻٽ ۽ پ پ دادو جي جنرل سيڪريٽري دستگير ڳورڙ پڻ ملاقات ڪئي، وزيرن پاران پنهنجي کاتي ۽ اڳواڻن پاران ضلعي صورتحال بابت قيادت کي بريفنگ ڏني وئي.