سرگودا (م ڊ) جيل ڀريو تحريڪ جو ڇهين ڏينهن تي سرگودا ۾ 30 ڪارڪنن گرفتاري ڏني، ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتاري ڏيڻ بنا واپس، پوليس موبائل تي ويهي سيلفون ڪڍڻ بعد هليا ويا، سرگودا ۾ تحريڪ انصاف جي جيل ڀريو تحريڪ جي حوالي سان 200 ماڻهن جي گرفتاري ڏيڻ بابت پوليس پاران هوڪا ڏنا ويا، جڏهن ته اڳواڻن ۽ ڪارڪنن گڏجي گرفتاريون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن بعد صرف 30 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن گرفتاريون ڏنيون، گرفتاري ڏيندڙن ۾ پي ٽي آءِ جو سينيئر نائب صدر اتر پنجاب انصر هرل ۽ اڳوڻو  صوبائي وزير انصر مجيد نيازي به شامل آهن، اڳواڻن گرفتاري ڏيڻ وقت وڪٽري جو نشان ڏيکاريندي تصويرون ڪڍيون، ڪجهه اڳواڻن تصويرون ته ڪڍرايون پر گرفتاريون ڏيڻ بنا هليا ويا، جڏهن ته ڪجهه ڪارڪن نغمن تي رقص ڪري واپس روانا ٿيا، قيدين جون 3 گاڏيون پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي کڻي روانيون ٿي ويون.