لاهور (م ڊ) چوڌري وجاهت حسين پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چوڌري وجاهت حسين پرويز الاهي گروپ کي الوداع چئي ڇڏيو .  چوڌري وجاهت پي ٽي آءِ ڇڏي واپس ق ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو  چوڌري وجاهت حسين، چوڌري شافع حسين ۽ ٻين 9مئي واقعن جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته 9مئي واقعي ۾ جيڪي ملوث آهن انهن کي سزا ملڻ گهرجي چوڌري وجاهت حسين چيو ته مسلم ليگ کان منهنجون راهون ڪڏهن ڌار ناهن ٿيون، ٿي سگهي ٿو جن ڏار وڌا اهي ئي ٺيڪ ڪري رهيا هجن منهنجو مونس الاهي سان ڪافي عرصي کان رابطو ناهي. ان موقعي تي فيض الله ڪامونڪا به بطور صدر مغربي پنجاب پي ٽي آءِ جي عهدي تان استعيفا جو اعلان ڪيو.