اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ پوري ملڪ ۾ آرٽيڪل 245 لاڳو ڪرڻ کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته عدالت آرٽيڪل 245 جو لاڳو ۽ ان تحت ٿيندڙ ڪريڪ ڊائون کي ڪالعدم قرار ڏئي، پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر وڪيل بيرسٽر گوهر ذريعي آرٽيڪل 245 لاڳو ڪرڻ کي چيلنج ڪيو،درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته آرٽيڪل 245 جو استعمال سياسي مقصدن لاءِ نٿو ڪري سگهجي، آرٽيڪل 245 جو نفاذ سياسي مخالفن کي فوج سان ويڙهائڻ لاءِ آهي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل بنيادي حقن خلاف آهي، تاريخ ۾ ڪڏهن هزارين سياسي ڪارڪنن ۽ ليڊر جو فوجي عدالت ۾ ٽرائل ناهي ٿيو.