ڪراچي: سنڌ ۾ پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جي ڀرتين لاءِ آءِ بي اي پاران ٽيسٽ ۾ ٻين صوبن جا 200 اميدوار پاس ٿيڻ جو انڪشاف سامھون آيو، رڳو ڪراچي جي اوڀر، ملير، ڪورنگي، سينٽرل ضلعن مان 122 کان وڌيڪ اهڙا اميدوار پاس ٿيا، جمشيد ٽائون ۾50، سينٽرل ۾11، ملير ۾ 14 ۽ ڪورنگي ۾ 22 اميدوارن جا ڊوميسائيل جعلي ثابت ٿيا.